تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

” اندر ڪارو ڪانءُ” … سرمد ملاح

ھيءَ زندگيءَ جي رستي تي ته ڄڻ ٽٽلَ ڪاوا وڇايل آهن.اھڙي گسَ تي ھلڻ ڏاڍو اوکو ھوندو آهي.رستي تي پيل ڪاوا جڏهن پير ۾ چڀندا آهن ته پيرن مان ڏاڍي شدت سان رت وھڻ شروع ٿي ويندو آھي.اھڙيءَ طرح انسان جي مٿان ڪڏهن ڪڏهن ڪافي حد تائين اھڙو اڻ وڻندڙ وقت به اچي ويندو آھي جو حياتي ڏاڍي ڀوائتي ٿي ويندي آھي. نوجوان فھيم شھر جو رھندڙ ھو ۽ پنھنجي وڏن جي ذاتي مسئلن جي ڪري ڪجهه ئي مھينا ٿيا جو سمورا گھر ڀاتي شھر مان لڏپلاڻ ڪري پنھنجي اباڻي ڳوٺ اچي رھيا ھئا. فھيم روز ڳوٺ کان ڪجهه ئي ڪلوميٽر پري ھڪ وڏي ڳوٺ مان سبزي ، راشن وغيره خريد ڪرڻ لاءِ ويندو ھو.ڳوٺ جا ماڻهو فھيم کي ڏسي سوچڻ لڳا “ڀائو ھي وري نئون نظر ٿو اچي ڇوڪر” فھيم ڪافي سھڻو ھو ان ڪري سڀ ڪو ان کي ڏسڻ تي مجبور ھو ، ڪجهه ڏھاڙا فھيم ڪافي بور به رھيو جيسين ڳوٺ جي ماحول کي سمجھي تيسين سندس حياتي ڄڻ ته ھڪ ھنڌ بيھي رھي ھئي.
فھيم ايئن روز بازار ويندو ھو ڪم ڪار سان سامان وٺڻ.ھوٽل تي ويٺل ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ۽ آس پاس جي دڪاندارن جي نظر به فھيم جي چھري ۾ کتل ھوندي ھئي فھيم بازار ۾ اچي اھڙي ماحول کي ڏسي الڳ محسوس ڪري رھيو هو ۽ سوچي رھيو ھو “يار ھي ڪھڙو ماحول آھي بازار ڪم ڪار سان اچڻ ٿئي ٿو ته سڀني دڪاندارن ، ھوٽل تي ويٺلن جي نظر مون ۾ آهي مون ۾ اھڙو ڇا آهي؟ جو سڀ مون کي غور سان ڏسي عليڪ سليڪ پيا ڪن ۽ زوري ويھڻ جون صلاحون پيا ڪن عجيب خلقت آهي!” فھيم وري ڪجھه ڏينھن کان پوءِ بازار ويو ڪجهه خريد ڪرڻ. ھڪ دڪان تان ان دڪاندار جو نالو جاويد ھو ، فھيم سامان وٺي جيئن دڪان کان نڪتو ته جاويد سلام ڪيو. وعليڪم السلام.فھيم وراڻيو. ادا ڪھڙا حال آھن؟اچو دڪان ۾ ويھو چانهه پيئو نوان نظر پيا اچو؟ جاويد اٿي بيھي فھيم ڏانھن ھٿ وڌائيندي پڇيو. جي الحمد الله ٺيڪ آھيان، جي جي آئون بازار کان ۲ ڪلو ميٽر پوئتي پنھنجو ڳوٺ آھي اتان جو رھواسي آھيان پھرين شھر ۾ رھائش ھئي ڪجهه ڏھاڙا ٿيا آهن جو ڳوٺ اچي وسايو آهي.فھيم ھٿ ملائيندي چيو. صحيح صحيح ادا اچو ويھو.جاويد دڪان ۾ رکيل بينچ ڏانھن اشارو ڪندي چيو. جي ھا ادا….فھيم،بينچ تي ويھي رھيو.
توڙي جو جاويد فھيم کان ڪافي وڏو ھو، فھيم جي عمر وڌ ۾ وڌ ۱۵ سال ھئي، جاويد ۳۰ ورھين جو ھو. جاويد فھيم جي سونھن کان متاثر ٿي ان تي مست ٿي پيو پوءِ بھاني سان مڙئي ڪچهري پئي ڪئي” سو ڪجهه ڏينھن کان پوءِ وري فھيم بازار آيو ائين وري جاويد سان ملاقات ٿي.آھستي آھستي اھو سلسلو ھلندو رھيو ڊيگهه وڌندي وئي پوءِ ھو پاڻ ۾ پڪا دوست ٿي ويا، ھڪ ڏينھن فھيم بازار آيو جاويد جي دڪان تي ڪچھري ڪرڻ لاءِ، جاويد سان ڪچھري ٿي.ڪجهه دير کان پوءِ جاويد چيو فھيم اڄ ھل پاڻ گھمڻ ٿا ھلون پار اتي منھنجي ماما جو گھر ۽ اتي وڏي تفريح واريون جايون آھن اھي به گھمي اچون ۽ چڪر به ڏئي اچون تون به ڪافي عرصي کان بازار کان گھر ، گھر کان بازار ، اچ ته ھلون ، نه جاويد آئون پنھنجي والد کان موڪل وٺان پوءِ ھلنداسين ائين ھلندس ته بابا ناراض ٿيندو.فھيم چيو. اصل ۾ جاويد نيت جو کوٽو ھو ۽ مطلب پرست ھو جاويد اھڙو موقعو ته ڳولھي پيو.جاويد فھيم کي مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ٻڌائي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائي نيٺ زور ڀريو فھيم تنھنجي بابا کي آئون چوندس تون ھل مونسان پار ھلون ٿا.آخرڪار فھيم ان جي ڄار ۾ ڦاسي ان سان گڏ ويو آخر فھيم کي جاويد وٺي ويو سو ھلندي ھلندي جاويد کي فھيم چيو جاويد پنڌ اڃان ڪيترو آھي آئون ته ھينئر ئي ٿڪي پيو آهيان. فھيم ھاڻ دير ناھي باقي ٿورو پنڌ آھي.جاويد آٿت ڏيندي چيو. اصل ۾ جاويد صلاح ٺاھي ھئي ٻن ھمراھن سان ته مان ان ڇوڪر کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائي اوھان ڏي ضرور وٺي ايندس. ان ڳالهه کان فھيم بي خبر ھو ان کي ڪھڙي خبر ته مونسان ڇا پيو ٿئي مونسان منھنجو دوست ڪھڙو ظلم ڪندو!؟”
جاويد فھيم کي ھڪ اھڙي ھنڌ وٺي ويو جتان فھيم جو موٽڻ ناممڪن ھو! فھيم کي جاويد انھن ھمراھن وٽ پڄايو فھيم اھي منظر ڏسي ڪجهه اچرج! ۾ پئجي ويو، اھي ھمراهه نامي گرامي وحشي ھئا جن ڪيتريون ئي زندگيون تباهه ڪري ڇڏيون انھن کي وحشت جو نشانو بڻايو ھو. اتي اھي ڳالھيون ٻڌي منظر ڏسي فھيم ڳالهه کي سمجھي ويو ۽ جاويد کي چيو.ھل مونکي واپس وٺي ھل آئون تنھنجي اٽڪل کي ھاڻ سمجھي ويس تو جھڙو گھٽيا مطلب پرست دوست زندگيءَ ۾ نه مليو مان توتي ڀروسو ڪري توسان ھليس مگر تون ته منھنجي سر جو سودو ڪري انھن وحشين جي حوالي ٿو ڪرين شرم ڪر حرامي مونکي ڪھڙي خبر ته تنھنجي من ۾ مون لاءِ مير آھي آئون ته تنھنجي صحبت جي چڪر ۾ اچي ويس مونکي ته تو ۾ اھا اميد نه ھئي! اڄ کان پوءِ آئون سمجھندس ته دوستي ، انسانيت مري چڪي آهي اڄ کان پوءِ آئون ڪنھن ڏانھن به دوستيءَ جو هٿ نه وڌائيندس “تون دوستيءَ جي نانءُ تي داغ آھين!!!؟؟
جاويد فھيم جا اھي لفظ ٻڌي ڪجهه دير خاموش ٿي، وڏي ڪاوڙ ۾ اچي فھيم کي چيو اڙي بيوقوف تو تي ته پھرين ڏينھن کان ئي منھنجي نظر ھئي توکي آھستي آھستي ڦاسايو ۽ توکي کپائي چڪو آهيان ڪجهه پئسن عيوض ھتي! مون کي معاف ڪجان.، فھيم جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا روئيندي روئيندي جاويد کي منٿون ميڙون ڪيون! مگر جاويد پٿر دل ۽ بخيل شخص ھو ان کي ذري جو رحم نه آيو ۽ فھيم کي انھن ٻن ھمراھن رسا ٻڌي سمھاري ۽ ان سان ٽنھي جنسي ڏاڍائي ڪري ان کي گھٽا ڏئي سامھون وھندڙ ھڪ واهه ۾ لوڙھي ڇڏيو!!!!؟؟؟؟!!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *