تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

انجام…مبين سنڌي

اَڄُ ٻن سالن کان پوءِ قابل پنهنجي گهر جي سامھون اچي بيٺو  هو ٻه سال پهريان هو جڏهن اسلام آباد مان ڊگري پوري ڪري موٽيو هو تڏهن ضد ٻڌو هئائين ته هن کي وڏيري جي ڌيءُ سان پسند جي شادي ڪرڻي آ. گهڻي اسرار کان پوءِ هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي وڏيري جي گهر رشتو کڻي وٺي ويو پر وڏيري هن غريب جي ٻار کي ڌيءُ ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو اڃا به هن کي ڌمڪيون ڏئي روانو ڪيو. پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن جي اندر هنَ وڏيري جي ڌيءُ کي ڀڄائي وَڃي ڪورٽ تي چاڙهي اسلام آباد ۾ ڪنھن دوست وٽ پناھه ورتي. پاڻ ته ڇوڪريءَ کي وٺي ھليو ويو پر پوئتي ڪڏهن مڙي به نه ڏٺائين، ۽ نه ئي ڪﻮ احوال ورتائين.هن جو پيءُ استاد هو هن کي تقريبن هر هفتي وڏيري جا ماڻهو زوري کنڀي کڻي ويندا هيا ۽ گهڻي تذليل ڪرڻ کان پوءِ اهو چئي ڇڏي ويندا ھيس ته وري اينداسين ۽ تيستائين ايندا رهنداسين جيسيتائين تون پنهنجي ڇوري کي ظاھر نٿو ڪرين تيستائين سک جو ساهه کڻڻ جو سوچجان به نه پوئين هفتي جڏھن وڏيري جا واٺا هن کي ڇڏي ويا هيا ته هو ڏاڍو خاموش ٿي موٽيو هو ڪنهن سان ڪجهه به نه پيو ڳالهائي آخر ۾ پنهنجي زال سڀائي کي هڪ ئي جملو چئي الله کي پيارو ٿي ويو ته سڀائي جَيڪڏھن اولاد اھڙي هوندي آ ته پوءِ  اولاد هوندي ئي ڇو آ؟
قابل وڏي همٿ ڪري در کولي اندر داخل ٿيو سامهون هُن جي ماءُ کٽ جي پيرن کان ويٺي هئي جنهن پُٽ کان پوءِ وري مڙس جي جدائي ۾ روئي روئي اکين جو نور وڃائي ڇڏيو هو. اچانڪ در جو کڙڪو ٻڌي هوءَ ڊڄي وئي ۽ رڙ ڪري ننڍي ڌيءُ کي چيائين ته ڏس ته راڻي ڪير آ وري متان وڏيري جا ماڻهو ھجن اُنھن کي ٻڌاءِ ته ماستر هاڻي ناهي رهيو گذاري ويو آ ۽ قابل به مري چُڪو آ. اُهو ته اسان جو پُٽ به نه ھيو جي پُٽ هُجي ها ته ائين پنهنجي پوڙهي پيءُ جي موت جو ذميوار ثابت نه ٿئي ها. هن ته منهنجي اکين جي روشني به تحفي ۾ ڏنل لڙڪن ۾ وڃائي ڇڏي اُهو اسان جو پُٽ ڪڏھن به نٿو ٿي سگھي. ماڻس اُھي جملا چئي پورا ڪيا ته هُن سان گڏ قابل جي اکين مان به لُڙڪ لاڙون ڪري وهي هليا هيا هُو ڊوڙي وَڃي ماءُ جي پيرن ۾ ڪري پيو.ھاڻي ھن جي ڪنن ۾ ڪرڻي ڀرڻي وارا لفظ الاءِ ڪٿان پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳا.قابل اکيون مٿي کڻي ماءُ جي چهري طرف نهاريو نابين ماءُ جي اکين ۾ هن کي پنهنجو ٿيندڙ انجام چِٽو نظر اچي رهيو هو ڇو جو هاڻي هو به هڪ پُٽ جو پيءُ بڻجي چُڪو هو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *