تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

انتظار … اوهنري/ طفيل مگسي

آسٽين جي اتر ۾ ھڪ معزز خاندان رهندو هو.جيڪو جان سمودرز .سندس زال ۽ پنجن سالن جي ڌيء سائنا تي مشتمل هو. هڪ رات ماني کائڻ جي وقت هن جي ڌيء جي پيٽ ۾ سور پيو.جان اسمودرز ستت دوا آڻڻ جي لاء شھر روانو ٿيو. ليڪن هو وري واپس نه موٽيو. ڇوڪري جي طبعيت سڌري وئي.وقت گذرندو ويو ۽ ڇوڪر جوان ٿي وئي. ڇوڪري جي ماء مڙس جي گمشدگي ٿي ڏاڍي ڏکاري ٿي.پوء ٽن مهينن جي اندر هن ٻيهر شادي ڪري ورتي ۽ اونٽينينيو لڏي وئي. ڇوڪري جي ب شادي ٿي وئي. ۽ ڪجه عرصي کانپوء هن کي ب پنجن سالن جي ڌي ٿي. هوء اڃا ب ساڳئي گهر رهندي هئي.جتان کان ان جو کي هڪ رات دوا آڻڻ جي لاء شھر ويو هو ۽ پوء ڪڏھن واپس نه آيو. هڪ رات ڇوڪري جي پيٽ ۾ شديد سور پيو. نهايت عجيب اتفاق هئو ت انهيء رات هن جي ناني اسمودرز جي وڃائجي واري رات هئي. “مان شھر وڃي هن جي لاء دوا آڻيان ٿو.“ڇوڪري جي مڙس جان اسمٿ چيو. “نه.نه.منهنجي جان“زال روئڻ لڳس.تون ب گهر واپس اچڻ وساري ويهندين ۽ سدائين جي لاء وڃائجي ويندين“ جان اسمٿ ۽ ٻئي زال مڙس پنهنجي ڌيء پينسي جي سيراندي ويٺا رهيا. ڪجه دير کانپوء ٻار جي حالت بگڙڻ لڳي.جان اسمٿ ٻيهر دوا وٺي اچڻ جي ڪوشش ڪئي.مگر سندس زال هن کي وڃڻ نه ڏنو. اوچتو دروازو کليو ۽ چيلھ ڄٻي ڪيون هڪ سفيد وارن وارو پوڙھو ڪمري ۾ داخل ٿيو. “نانا اچي ويو“ پيسني چيو.هن جان اسمٿ کي سڀني کان اڳ ۾ سڃاتو هو. جان اسمٿ پنهنجي کيسي مان دوا جي بوتل ڪڍي ۽ چمچو ڀري پينسي کي ڏني.هن جي طبعيت فورن سڌري وئي. “مون کي ٿوري دير ٿي وئي“جان اسمودرز چيو.“مان ٽرام جو انتظار ڪري رهيو هوس؛؛؛“

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *