تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

انب مٺا ڀلي هجن پر گھڻا هجن! … امداد سولنگي

غالب انبن لاءِ وڌيڪ چيو ھو ته انب به کيس ايترا ئي وڻن ٿا جيترا انگور.انبن جو اصلوڪو وطن ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ اولھه ايشيا آھي.پر انب دنيا جي سمورن استوائي علائقن ۾ عام جام ملن ٿا.انب واحد ميوو آھي جيڪو ھڪ ئي وقت ٻن مخالف ملڪن يعني پاڪستان ۽ ھندستان جو قومي ميوو مڃيو وڃي ٿو ۽ ان تي ڪڏھن به ڪفر جي تھمت ناھي آئي .انب کي بادشاھه ميوو به چيو وڃي ٿو.ڇاڪاڻ ته انب ان وقت اچي جون ۽ جولاءِ جھڙي ڏکين مھينن ۾ ماڻھن جي روحن کي مٺاڻ جي تاثير سان ٿڌو ڪري ٿو جڏھن اسان وٽ گرمي پد آسمان تائين پھچي ڪانءُ جي اک ڪڍندو آھي.انب واحد ميوو آھي جيڪو جڏھن ڪچو ھوندو آھي ته تڏھن به ننڍي کنڍ ۾ انڊسٽري جي حيثيت اختيار ڪري ويل سوکڙي سانڌاڻي جي لاءِ ڪم اچي ٿو. سموري ننڍي کنڍ ۾ اڄ به آچار جي فاڪ ماني تي رکي کائڻ جو حسين رواج موجود آھي.صدين کان وٺي سانوڻ جو مھينو،انب جا وڻ،وڻن تي جھولا ۽ نارين جا گيت اسان جي شعور سان گڏ سفر ڪري رھيا آھن.
انب جي تاريخ ۾ جھاتي پائجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته انب جنھن کي اردو ۾ آم چئجي ٿو دراصل سنسڪرت جي ٻولي جي لفظ آمر مان نڪتل آھي ۽ سندس تاريخ لڳ ڀڳ 4000 سالن تائين محيط آھي.انگريزي ۾ لفظ Mango تامل ٻولي جي لفظ منگائي مان آيو آھي.اصل ۾ پرتگالين تامل مان اھو لفظ کڻي انب کي منگائي چوڻ شروع ڪيو.جتان اھو لفظ انگريزن وٽ پھچي منگائي مان مينگو بنجي ويو.چوٿين ۽ پنجين صدي ڌاري انب ٻوڌي ڀڪشوئن سان گڏجي ڏکڻ ايشيا ڏانھن خانه بدوشي ڪئي ۽ جتان برمان،ٿائيلينڊ،چين کان ٿيندو انڊونيشيا ۽ فلپائين تائين اچي ڊاٻو ڪيائين.فلپائين جو انب ايترو ته مٺو نڪتو آھي جو ان جو نالو گنيز بڪ ۾ شامل ڪيو ويو آ.پنڌرھين ۽ سورھين صدي دوران فلپائن مان سامونڊي رستن ذريعي ھسپانيا جا ٻيڙا انبن جون ککڙيون ميڪسيڪو کڻي پھتا ھئا.جنھنڪري بحرالڪاھل ۽ منيلا کان وٺي فلوريڊا ۽ ويسٽ انڊيز تائين ھر ھسپانوي ڪالوني ۾ انب جي پوکائي ٿي وئي ۽ ان کان پوءِ بحر اڪيانوس کي مٽيندو اسپين کان وڃي پرتگال تائين پھتو.ان کان پوءِ مالابار جي سامونڊي لنگهھ کان ٿيندو وڃي عربي ۽ پرتگالي جھازن جي ذريعي اوڀر آفريڪا وڃي نڪتو.ابن بطوطه صوماليه جي سفر نامي ۾ انب جو وڏي شدمد سان ذڪر ڪندي لکيو ته صوماليا ۾ ماڻھو مانگا جو ميوو وڏي شوڪ سان کائي رھيا ھئا.انب جو پرتگالي نالو مانگا آھي.ھندو ڏند ڪٿائن ۾ انب جو وڻ پنھنجي پن ۽ ڇانو جي ڪري ڪيترن قصن جو مرڪز رھندو آيو آھي.رامائڻ ۽ مھاڀارت ۾ به انب جو تمام وڏو ذڪر ملي ٿو.رامائڻ ۽ مھاڀارت ۾ انب کي ڪلپ ورڪش ڪوٺيو ويو آھي جنھن جو مطلب آھي ھر خواھش کي پورو ڪرڻ وارو وڻ.ٻيا به کوڙ قصا مشھور آھن.جيئن راڌا ڪرشن جو رقص ۽ شو ۽ پاروتي جي شادي وغيره.ننڍي کنڍ جي پھرين نوبل لاريٽ رابنڌ ناٿ ٽيگور کي به انب ڏاڍا پسند ھئا.انب تي ھن ھڪ مشھور نظم پڻ لکيو آھي.
ھوانسانگ 632 کان وٺي 645 تائين جي عرصي دران پھريون سياح ھو جنھن ھندستان جي سير سفر تان موٽي پھريون دفعو ٻاھرين دنيا کي انب جي ميوي سان روشناس ڪرايو ھو.تاريخ ٻڌائي ٿي انبن جي اصلي قدرداني مغلن جي دور ۾ ٿي ڇو ته مغل انبن جا ڏاڍو شوقين ھئا.مغلن ھندستان جي ھر ڪنڊ ۽ ڪس تي سرڪاري نگراني ۾ انبن جي پوکائي ڪرائي.انب ۾ اک لڳرائڻ جي شروعات به مغلن جي دور ۾ ٿي.اڳم اھو رواج نه ھو .سڀ کان پھرين اک بادشاھه تيمور لنگ لڳرائي ۽ جنھن اک جي نگراني تيمور لنگ جي وڏھور نھن اولجائي ڪئي.ان ڪري انب جو ھڪ قسم تيمور لنگ ۽ ان سان جڙيل ٻيو قسم وري لنگڙي جي نالي سان رواج ۾ آھي.اڪبر بادشاھه به دربھنگا جي علائقي ۾ لڳ ڀڳ ھڪ لک انبن جون چڪيون لڳرايون ھيون.آئين اڪبري ۾ به انبن جي قسمن جو وچور موجود آھي.آخري بادشاھه بھادر شاھ ظفر جي لال قلعي ۾ به انبن جو حسين باغ حيات بخش جي نالي سان موجود ھو.ھندو مت ۽ سنسڪرت ۾ الوڪڪ جي نالي سان ذڪر موجود آھي. گنيش ۽ شو ديوتا سان به لاڳاپيل ھڪ قصو موجود آھي.شو ۽ پاروتي کي برھما جي پٽ نادر ھڪ سونھري ميوو ڏنو ۽ وچن ورتو ته ان کي ٻنھي مان ڪو به ھڪ کائيندو.جنھن تان مقابلو شروع ٿي وڃي ٿو ته آخر پھريان ڪنھن کي اھو ميوو ڏنو وڃي.جنھن تي شو ۽ پاروتي اھو فيصلو ڪن ٿا ته سڀ کان اول جيڪو ڪائنات جو چڪر لڳائي موٽي ايندو ان کي اھو ميوو ڏنو ويندو.گنيش پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جا ٽي چڪر لڳائي ڪارتڪ کان پھرين پھچي وڃي ٿو چوي ٿو ته منھنجا ماءُ ۽ پيءُ ئي اصل ۾ منھنجي ڪل ڪائنات آھن ۽ انھي سونھري ميوي جو حقدار ٿي وڃي ٿو.ھندستان جي بھار رياست ۾ به اڄ سوڌو ھڪ روايت ھلندي ٿي اچي ته اگر ڪنھن گھر ۾ ڇوڪري جو ڄم ٿيندو ته ڇوڪري جي ماءُ پيءُ کي انبن جا 10 وڻ پوکڻا پوندا.شادين ۾ انبن جا پن لڙڪائڻ جي رايت به موجود آھي ته جيئن گھوٽ ڪنوار کي اولاد جي نعمت عطا ٿئي.
انبن جا ٻه وڏا قسم آھن.اھي آھن تخمي ۽ قلمي.قلمي انب مختلف انبن جي پيوندڪاري ۽ قلمن جي مدد سان اپايا ويندا آھن .جڏھن ته تخمي انب ککڙي جي مدد سان اپايا وڃن ٿا.تخمي انب عام طور تي چوسي کائبو آھي.جڏھن ته قلمي انب ڪپي کاڌو ويندو آھي.تخمي انب اڪثر ڪري مٿي وڻن ۾ پچي تيار ٿيندو آھي.جڏھن ته قلمي انب ڪچي حالت ۾ لاھي پراڻين اخبارن جي ڪاڳرن ۾ ويڙھي پيٽين ۾ پيڪ ڪري ڪجھه ڏينھن لاءِ ھوا بند ڪري رکيا ويندا آھن جنھن عمل کي پال ڪرڻ جو عمل چئبو آھي۔ جنھن ڪري ڪجهه ڏينھن ۾ انب پچي بهترين خوشبو ۽ ذائقو وٺي ويندا آھن.اسان وٽ انبن کي ڪجهھ لالچي باغائي ڪچن انبن کي وقت کان پھرين پٽي پال ڪندا آھن۔ ڪچن انبن کي پال ڪرڻ لاءِ ڪيلشم ڪاربائيڊ نالي جي ڪيميڪل پيتين ۾ ڀري رکندا آھن . جنھن سان انب جي شڪل ۽ صورت ته پڪل انبن جھڙي ٿي ويندي آھي پر اھي ذائقي کان محروم ٿي ويندا آھن۔

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *