تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اليڪشن کي 2 سال مڪمل: عوام وفاق توڙي صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي مان مايوس

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اليڪشن کي 2 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي زيرو قرار ڏيندي چيو ته اليڪشن وقت وڏا وڏا واعدا ۽ دعوائون ڪيون ويون هيون پر عمل ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي. هن وقت به ساڳيا مسئلا برقرار آهن، حڪومتن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته تبديلي سرڪار ٻن سالن ۾ تباھي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، نديم مهر لکيو ته وفاق ٻن سالن ۾ مهانگائي کانسواءِ ته ڪنهن کي ڪجهه ناهي ڏنو باقي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي 12 سالن ۾ اھا رھي آهي جو سنڌ جي ھر شھر ۾ گندگي جا ڍير آهن اسپتالن جو نظام ڊانوڊول آهي، تعليمي ادارا تباهه آهن، رحمت الله ميراڻي لکيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي نه ھجڻ جي برابر آھي، حڪومتن جي ڪا به پاليسي نظر نٿي اچي، ڪنھن غريب عوام لاءِ ڪو رليف نه ڏنو ويو آهي، مهانگائي بيروزگاري بدامني وڌي وئي آهي ترقياتي ڪم به ناهن ڪرايا ويا، اي بي دائودپوٽو لکيو ته ٻن سالن ۾ واقعي به تبديلي آئي آهي اٽو کنڊ، پيٽرول ۽ ٻيون شيون نٿيون ملن، مھانگائي چوٽ چڙهيل آهي. ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند آهي، سنڌ ۾ صفائي نه ٿيڻ سميت ٻين مسئلن جا انبار آھن، ماڻهو بک ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون پيا ڪن. گل حسن شر لکيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر نٿي چئي سگهجي، احسان مستوئي لکيو ته وفاقي سرڪار هجي يا سنڌ سرڪار ٻنهي رڳو ٻن سالن ۾ هڪٻئي مٿان الزام هنيا آهن، مسئلا حل ناهن ڪيا ويا، علي مراد لاشاري لکيو ته حقيقي طور وفاقي حڪومت هجي يا صوبائي ٻن سالن ۾ عوام کي ڪنهن رليف ناهي ڏنو، نيڪ محمد لکيو ته وفاقي حڪومت ته بلڪل به عوام کي رليف ڏيڻ م ناڪام وئي آهي، اليڪشن وقت تبديلي جي ڳالهه ڪئي وئي هئي وڏا واعدا ڪيا ويا هئا پر عمل ناهي ڪيو ويو، عارف حسين لکيو ته حال اھو آھي ويتر مھنگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، آصف منگي لکيو ته وفاق ۽ صوبا ٻئي هڪ ٻئي جون غلطيون ٿا ڪڍن ۽ نقصان عوام کي ٿو ٿئي، علي حسن چڍڙ لکيو ته وفاق توڙي صوبائي حڪومت جو ڪردار اهو آهي جو صرف عوام کي مهانگائي ملي آهي، ديدار بلوچ لکيو ته سنڌ سرڪار اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪيو آهي صوبي اندر باقي وفاقي سرڪار کان اميد ايئن آهي ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر، سارم اسدالله لکيو ته وفاقي حڪومت ته اليڪشن کان اڳ ۾ چئي چڪي هئي سڀني کي روئارينداسين واقعي اڄ عوام روئي رهيو آهي، ربنواز شر لکيو ته وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري عوام ڀوڳي رهيو آهي، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته وفاقي حڪومت بلڪل ناڪارا آھي، علي فراز لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن عوام جا مسئلا حل ناهن ڪيا، رياض احمد لکيو ته رڳو ڪرپشن ڪئي وئي آهي، گلشير سومورو لکيو ته صوبائي حڪومت ھجي يا وفاقي ڪارڪردگي ٻنهي جي زيرو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته ٻه سال پورا ٿيا ٻن سالن جي ڀيٽ ڪريو هر ڪا شي مهانگي ٿي وئي آهي، سجاد علي هاجاڻو لکيو ته جيترو هن ٻن سالن ۾ وفاقي توڙي صوبائي سرڪار عوام کي بيزار ڪيو آھي ايترو عوام ڪڏهن به تنگ نه ٿيو هو، هن ٻن سالن جي عرصي ۾ سرڪار بُري طرح ناڪام ٿي آھي، ٻن سالن ۾ واقعي به تبديلي آئي آهي، اٽو کنڊ، پيٽرول ۽ ٻيون شيون نٿيون ملن، مھانگائي چوٽ چڙهيل آهي. ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند آهي، ان کانسواءِ ظفر رند، راسومل، عبدالحئي ساوند، محمد عثمان مهر، الهيار شنڀاڻي، عبدالرحيم لغاري، عنايت ڪنڀر، شريف بلوچ، امر ، رسول بخش ڪلر، غلام صادق شر، محمد رحيم چوهاڻ، لکيو ته وفاق هجي يا صوبائي حڪومتون سڀني جي ڪارڪردگي زيرو آهي، محمد نواز بلوچ لکيو ته وفاق جي ڪارڪردگي زيرو آهي باقي سنڌ حڪومت 50 سيڪڙو ڪم ڪيو آهي، مهراڻ پنهور، شان ايم شهزاد، نجيم سنڌي، اياز احمد درس، زرينه بلوچ، جابر مهيسر، بهاول سيلرو، نادر لغاري، سليم اختر، مظفر بلوچ، ايم معروف، مڪيش ڪمار، شربت جعفري، عاشق دايو، مهاوير واسو، عنايت، شڪيل احمد سميجو ۽ ٻين لکيو ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي زيرو رهي آهي ڪو هڪ به واعدو پورو ناهي ڪيو ويو، نه نوڪريون مليون آهن نه وري گهر ڏنا ويا آهن صوبن جي ڪارڪردگي به سواليه نشان بڻيل آهي، غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، اليڪشن ۾ وڏا واعدا ڪيا ويا هئا پر انهن تي عمل ئي ناهي ڪيو ويو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *