تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

الجزائر جي قومي آزادي جو هيرو احمد بن بيلا…سنڌيڪار-طفيل مگسي

اتر افريقا جي اهم اسلامي ملڪ الجزائر کي سامراجي قوتن کي آزادي ڏياري عوامي جمهوري الجزائر جي نالي سان جيڪا عظيم ممڪلت قائم ٿي ان جو هيرو احمد بن بيلا آھي. الجزائر جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان بحيره روم تي واقع افريقا کنڊ ۾ سوڊان کانپوءِ ٻيو ۽ دنيا جو يارهون وڏو ملڪ آھي. 1830ع کان 1962ع تائين هي ملڪ فرانس جي بيٺڪيت هو جنهن الجزائر جي مسلمانن کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو هو، الجزائر جي مسلمانن فرانسيسي تسلط کان آزادي جي لاءِ جدوجهد ۾ سخت ظلم ۽ تشدد برداشت ڪيو ۽ بي شمار انساني جانين جا نذرانا پيش ڪيا، الجزائر تي فرانس جي 132 سال جي جبري تسلط دوران بي حساب فرانسيسي خاندان الجزائر ۾ اچي آباد ٿيا جن الجزائر کي پنهنجو مستقل گهر بڻائي هن ملڪ کي فرانسيسي الجزائر جو نالو ڏئي ڇڏيو. فرانسيسي هر قيمت تي الجزائر کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ تي بضد هئا ۽ ان مقصد لاءِ ھنن جبر و تشدد جون سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون، الجزائر جي مسلمانن احمد بن بيلا جي قيادت ۾ باھه ۽ رت جا دريا پار ڪري نيٺ آزادي جي منزل ماڻي ورتي.1954ع کان 1962ع واري ان آزادي جي ويڙهه وقت هڪ لک کان وڌيڪ الجزائري حريت پسند ۽ ڏھه ھزارن کان مٿي فرانسيسي فوجي زندگي وڃائي ويٺا.
احمد بن بيلا 25ڊسمبر 1918ع ۾ الجزائر جي ننڍڙي ڳوٺ ماگنئا ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم لاءِ ھو پنهنجي علائقي جي هڪ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ تعليم جي وقت هن کي مسلمان هئڻ سبب هڪ غير مسلم استاد جي تعصب جو شڪار ٿيڻو پيو ۽ ھن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو.1936ع ۾ احمد بن بيلا فرانسيسي فوج ۾ بحيثيت سپاهي شموليت اختيار ڪئي پر غلام ملڪ جي شھري هئڻ سبب فوج ۾احمد بن بيلا لاءِ ترقي جا رستا بند هئا، احمد بن بيلا جي وڏي ڀاءُ به فرانسيسي فوج ۾ خدمتون انجام ڏنيون ۽ پهرين عالمي جنگ ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، احمد بن بيلا جا ٻه ٻيا ڀائر به نوجواني ۾ الله کي پيارا ٿي ويا.1940ع کانپوءِ احمد بن بيلا مراڪش انفينٽري جي هڪ رجمنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جتي هن کي وارنٽ آفيسر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي جنهنجي بهترين خدمن جي عيوض ھن کي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو پر1945ع ۾ الجزائر جي مسلمانن سان فرانسيسي فوج جي اڍنگي سلوڪ جي ڪري هن ملازمت تان استيعفي ڏني ۽ نوآبادياتي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري ڳجهي تنظيم جو ميمبر بڻجي ويو جيڪا بعد ۾ نيشنل لبريشن فرنٽ جي نالي سان منظر عام تي آئي.1951ع احمد بن بيلا کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ھن کي اٺ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
احمد بن بيلا جيل کان فرار ٿي پهرين تيونس۽ بعد ۾ مصر ويو مصر ۾ رهائش وقت هن کي انقلابي ليڊر جمال عبدالناصر سان ويجهڙائپ نصيب ٿي.1954ع ۾ جڏھن الجزائر جي قومي آزادي جي جنگ جي شروعات ٿي ته ان وقت احمد بن بيلا مصر جي گادي واري شهر قاهره مان نيشنل لبريشن فرنٽ وسيلي ان ويڙهه جي قيادت ڪري رهيو هو.1956ع ۾ ھن کي هڪ هوائي سفر دوران فرانسيسي جهازن جي مدد سان زبردستي فرانس ۾ لاهي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1962ع تائين مسلسل قيد ۾ رکيو ويو. قيد دوران ئي هن کي الجزائر جي عبوري حڪومت جو نائب وزيراعظم مقرر ڪيو ويو، احمد بن بيلا مصر جي صدر جمال عبدالناصر کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ پنهنجو پاڻ کي ان جو پيروڪار سڏرائيندو هو، الجزائر جي آزادي واري جدوجهد ۾ احمد بن بيلا کي پاڪستاني حڪومت جي زبردست حمايت حاصل رهي ۽ پاڪستان طرفان کيس غيرملڪي سفير جي سهوليت لاءِ ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ پڻ جاري ڪيو ويو. هن 1980ع ۾ به الجزائر کان جلاوطني وقت پاڪستاني پاسپورٽ سان سفر ڪيو، 1962ع ۾ الجزائر جي آزادي واري اعلان تي احمد بن بيلا جي عوامي حمايت ۾ زبردست واڌارو ٿيو ۽ فوج ۾ به کيس گهڻي مقبوليت ملي. سيٽمبر 1962ع تائين احمد بن بيلا الجزائر جي ڪيترن ئي علائقن تي ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ 20سيپٽمبر 1962ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وزيراعظم بڻيو، 29سيپٽمبر1962ع ۾ گڏيل قومن احمد بن بيلا کي الجزائر جو چونڊيل حڪمران تسليم ڪيو ۽ الجزائر بحيثيت آزاد ملڪ جي 8آڪٽومبر تي گڏيل قومن جو 109 هون ميمبر بڻيو.11اپريل 2012ع ۾ احمد بن بيلا الجزائر ۾ واقعي پنهنجي اباڻي گهر ۾ وفات ڪئي .ان وقت هن جي عمر 94سال هئي، الجزائر جي تاريخ ۾ کيس آزادي واري ويڙهه جو هيرو تسليم ڪيو وڃي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *