تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

البرٽ ڪاميو انسان جي اندر سان مخاطب ٿيندڙ ليکڪ … امداد سولنگي

فرانز ڪافڪا کان پوءِ البرٽ ڪاميو ھڪ ٻيو اھم ليکڪ آھي جنھن کي انسان جي اندر وسندڙ دنيا سان مخاطب ٿيندڙ اھم ڏانءُ جو اھم ليکڪ شمار ڪيو وڃي ٿو. اھڙي ساڳي ڏانءُ جو بنيادي ليکڪ جنھن کي دنيا فرانز ڪافڪا جي نالي سان سڃاڻي ٿي تنھن ان وقت ھن دنيا مان موڪلايو جڏھن ڪاميو جي عمر لڳ ڀڳ 11 سال ھئي.توڻي جو ڪاميو جون لکڻيون ڪافڪا جي لکڻين جي اثر کان گھڻو ٻاھر نه رھيون پر پوءِ به ڪاميو ان ڳالھه جو ڪڏھن به سڌو سنئون اعتراف نه ڪيو.ھاالبته نقادن جو تمام وڏو حلقو ڪافڪا، ڪاميو ۽ سارتر کي ھڪ ٻئي جي لکڻين جي اثر ھيٺ آيل اک سان ضرور ڏسندا رھيا آھن . ڪاميو جي اھم لکڻين خاص ڪري ناولن اجبني/The Stranger ۽ ڪاري موت/The Plague ۽ ھڪ ڊگھي فلسفياڻي مضمون سسيفس جي ڏند ڪٿا/ The Myth of Sisphus منظر عام تي اچڻ کان پوءِ بين القوامي ادب جي اندر وڏو بحث کڻي آيون ۽ انھن لکڻين پڙھندڙن جي ھڪ تمام وڏي انگ کي پنھنجي گرفت ۾ آندو.البرٽ ڪاميو جي بين القوامي ادب ۾ سڃاڻپ رڳو ناول نگاري تائين محدود ناھي پر ساڳي وقت سندس سڃاڻپ جو سبب مضمون نگاري ۽ صحافت پڻ رھي آھي.انھن ٻنھي شعبن ۾ به ھن کي اھم مڃتامليل آھي. ڪاميو جي لکڻين جي ڌاڪ جو اندازو اتان به لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا جو اھم ترين اعزاز نوبل پرائيز ھن کي ادبي خدمتن عيوض ان وقت مليو جڏھن ڪاميو جي عمر 44 ورھيه ھئي.ڪاميو دنيا جو ٻيو نمبر ننڍي ۾ ننڍي خوشنصيب ھو جنھن کي ايڏي وڏي اعزاز سان نوازيو ويو.ڪاميو جي جنم ڀومي جو نالو Mondovi آھي. جيڪا ھاڻ Drean جي نئين نالي سان سڃاتي وڃي ٿي .سندس جنم ڀومي جنھن ملڪ جو حصو آھي ان کي الجيريا چئجي ٿو جيڪا فرانس جي پراڻي ڪالوني ھئي. ڪاميو ھاڻوڪي Dren ۽ اڳوڻي Mondavi ۾ 7 نومبر 1913 ڌاري ڄائو.ڪاميو تعليم University Of Algeris مان پرائي.الجيرس الجيريا جي گادي جو ھنڌ آھي.الجيريا Mediterranean Sea جي ڪٺار تي قام ھڪ تاريخي ملڪ آھي.ڪاميو جو مک ادبي نظريو Absurdism ھيو .ھن جا ناول توڙي ٻيون لکڻيون ان نظريئي جي اردگر گھمن ٿيون.ڪاميو جي Absurdism جي نظريئي جي مختصر وصف ھي آھي.
The belief that human beings exist in a purposeless, chaotic universe.
ترجمو: بي مقصديت جو نظريو وضاحت ڪري ٿو ته انسان ويچارا اھڙي قيد خاني ۾ وڌا ويا آھن جتي سندن وجودن کي بي معني ۽ بي مقصد دنيا وڪوڙي ويٺي آھي.
البرٽ ڪاميو کي جڏھن سندس ادبي خدمتن عيوض اسٽاڪ ھوم ۾ 1957 ڌاري نوبل ايوارڊ سان نوازيو ويو ته ڪاميو اتي تمام اھم خطبو ڏنو: ڪاميو پنھنجي خطبي ۾ چيو ته: اديب جو ڪم نهايت ڏکيو ۽ مشڪل آهي. اصولي طرح هو انهن جو خدمتگذار نه ٿيندو جيڪي تاريخ جوڙيندا آهن. هو لازمي طرح فقط انهن کي ڪم ايندو، ۽ انهن جي خدمت ڪندو جيڪي تاريخ جا تابع آهن، يعني عام ماڻهو. جيڪڏهن هو ائين نٿو ڪري، ته پوءِ کيس پنهنجي فن کان محروم ٿي هيڪلو رهڻو پوندو. ظلم ۽ تشدد جي فوجن جا هزارين لکين ماڻهو سندس تنهائي دور ڪري نه سگهندا. ان حد تائين جو هو خود به ظالمن جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهش ظاهر ڪري . دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، مصيبتن ۾ گرفتار ڪنهن قيديءَ جي خاموشي هڪ ليکڪ کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ته هو ان مظلوم جي خاموشيءَ کي پنهنجي فن ذريعي پڙاڏي ۾ بدلائي ڇڏي. اسٽاڪ هوم واري تقرير ۾ اديب جي فرضن بابت ڪاميو وڌيڪ ھڪ هنڌ چيو: زندگيءَ جي هر دور ۾ هڪ اديب، ڀل ته مشهور هجي يا مشهور نه هجي، ظلم سبب خاموش هجي، يا عارضي طرح آزاد هجي، مٿس لازم آهي ته معاشري جي جذبن، اميدن، ۽ خواهشن جي عڪاسي ڪري جيڪڏهن ڪو اديب پنهنجين ذميدارين کي قبول ڪري ٿو. ته پوءِ هو بنيادي طرح پاڻ کي لائق ثابت ڪرڻ لاءِ ٻن اهم فرضن کي به قبول ڪري ٿو سجاڳ اديب جا ٻه بنيادي فرض آھن. ان ساڳئي تقرير ۾ ڪاميو هڪ هنڌ چيو:اسين اديب ڀل ته ڪيترائي ڪمزور کڻي ڇونه هجون، اسان جي اعليٰ ظرفي ٻن فرضن جي پورائي ۾ آهي. هڪ ته اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، ان جي باري ۾ ڪوڙ نه ڳالهايون؛ ۽ ٻيو ته ظلم جي مخالفت ڪريون.
البرٽ ڪاميو 4 جنوري 1960 ڌاري فرانس جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ نمان علاقي ۾ ڪار جي حادثي جي نتيجي ۾ موت جو بک ٿي ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *