تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

افلاطون طرفان پيش ڪيل تصوريت جو فلسفو! … يوسف جميل لغاري

فلسفي جي دنيا ۾ سقراط کانپوءِ جنهن شخص کي گهڻو ياد ڪيو ويندو آهي سو آهي افلاطون. سقراط جو شاگرد هجڻ جي ناتي ۽ سندس علمي ڪم کي محفوظ توڙي تحريري انداز ۾ آڻڻ سبب افلاطون کي سقراط کان پوءِ ياد ڪيو وڃي ٿو. افلاطون کي تعليمي فلسفي هجڻ ڪري تعليم جي شعبي ۾ پڻ گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي. افلاطون جو اصلي نالو ارسٽوڪليس هو. پر سندس ذهانت ۽ قابليت جي بنياد تي سقراط کيس افلاطون سڏيندو هو، جيڪو نالو اڳتي هلي ڪري سندس سڃاڻپ بڻي ۽ هن وقت دنيا کيس افلاطون جي نالي سان ياد ڪري ٿي.
تصوريت جو فلسفو:
افلاطون پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي نه صرف يونان پر پوري دنيا جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. سندس پهريون ڪتاب ري پبلڪ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اڳتي هلي ڪري هن تعليم جي شعبي ۾ تصوريت جو فلسفو ڏنو جنهن کي انگريزي ۾ (Philosophy of Idealism) چئبو آهي. هن فلسفي ۾ افلاطون اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته تصور ئي اصل ۾ حقيقت آهي ڇو ته هر هڪ حقيقي شئي جو پهريان تصور جڙندو آهي جنهن کان پوءِ اُهو تصور پنهنجي ٻي مرحلي ۾ هڪ حقيقت بڻجي ڪري سامهون اچي ٿو. افلاطون ان ڳالھ تي پڻ زور ڏنو آهي ته خدا تصور آهي ۽ تصور لافاني هوندو آهي جن کي ڪڏهن به فنا نٿو ڪري سگهجي ڇو ته تصور غير مادي پڻ هجي ٿو. افلاطون جي هن فلسفي جي بنياد تي اِهو چئي سگهجي ٿو ته تصوريت ئي فرد ۽ معاشري جي تعلق کي قائم ڪندو آيو آهي. تعليم جو اصل مقصد به اِهو ئي آهي ته فرد کي ان قابل بڻائجي ته هو معاشري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري. هي فلسفو فرد جي صلاحيتن کي متحرڪ رکڻ جو ڪم ڏئي ٿي جنهن سان ماڻهو جي صلاحيتن ۾ واڌارو پڻ اچي ٿو. افلاطون جو هي فلسفو فرد جي شخصيت کي مڪمل طرح سان جامد نموني سان پر اثر بڻائي ٿي ۽ اُن کي بامقصد زندگي گذارڻ تي قائل ڪري ٿي. تصوريت جي هن فلسفي ۾ استاد، شاگرد، نصاب ۽ تدريسي عمل کي اهميت حاصل آهي. هن فلسفي جي حساب سان استاد کي شاگردن جي اندر موجود تخليقي صلاحيتن جو جائزو وٺڻو هوندو آهي. استاد هن تعليمي فلسفي وسيلي شاگرد کي اهو يقين ڏياريندو آهي ته هر وجود هڪڙي ڪُل جو جز آهي ۽ جز وقت جي رفتار سان پنهنجي ڪُل ڏانهن سفر ڪندو آهي. ڇو ته جيستائين انسان منجھ پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ واري صلاحيت پيدا نه ٿيندي ته هو ٻين شين کي سڃاڻڻ توڙي انهن جي پرک ڪرڻ کان قاصر ئي رهندو. هن تعليمي فلسفي ۾ استاد کي سندس تدريسي طريقن کي نافذ ڪرڻ سبب مرڪزي حثيت حاصل آهي. ڇو ته استاد ئي شاگردن کي سکڻ جا موثر ۽ بهترين طريقا فراهم ڪري سگهي ٿو. هن فلسفي جي ڪسوٽي مطابق استاد کي قابل، نه ٿڪجندڙ، فني مهارتون رکندڙ ۽ سجاڳ ذهن هجڻ گهرجي ته جئين هو پنهنجي شاگردن اڳيان هڪڙو پرڪشش ۽ متاثر ڪندڙ شخصيت جي روپ ۾ متاثر ڪندڙ نمونو هجي.
تصوريت جي فلسفي موجب استاد کي جهموري خيالن جو پڻ هئڻ گهرجي جنهن وٽ هر ڪنهن جي خيال يا رايي جو احترام پڻ هجي. تصوريت جي فلسفي مطابق نصاب ۾ تاريخ، ادب ۽ عمرانيات جي عمل کي وڌيڪ ترجيع ڏيڻ گهرجي. هن فلسفي جي مطابق اِهو پڻ چيو ويندو آهي تعليم حاصل ڪرڻ جي روايتي طور طريقن جو پڻ قدر ڪيو وڃي ۽ اِهو پڻ چيو ويو آهي ته نصاب ڪجھ اهڙي طرز جو هجي جيڪو شاگرد جي ذهني، توڙي فڪري تربيت ڪري سگهي. تهذيب جي اهميت مطابق سماجيات ۽ معاشيات کي پڻ نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جئين ايندڙ نسلن کي پنهنجي آڳاٽي دور جي سماجي صورتحال ۽ معاشي صورتحال جي ڄاڻ ملي سگهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *