تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

افغانستان ۾ آمريڪي هيليڪاپٽر مددگار بڻيا

افغانستان ۾ به برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن بابت پڻ سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته افغانستان ۾ برساتن جي ڪري 100کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته مال متاع لڙهي ويو آهي گهر ڊهي پيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل آهن اهڙي صورتحال ۾ افغانستان جي فوج کي طلب ڪيو ويو ۽ آمريڪي هيليڪاپٽرن سان فوجي امدادي ڪارروايون ڪري متاثرن کي محفوظ هنڌن تي پهچايو ويو. جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان سان گڏ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن بابت سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون آهن، جڏهن ته جاني ۽ مالي نقصان تي سوشل ميڊيا تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو ويو ۽ عالمي ادارن کي متاثرن لاءِ واهر جون اپيلون ڪيون ويون آهن. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي اهو پڻ چيو ويو ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *