تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اشو آف دي ڊي

هاڻي هيٺين ٽيم خراب آهي ته ڇا مٿي ويٺل ماڻهو خراب ناهي؟

اجمل وزير جي برطرفي تي سوشل ميڊيا تي ردعمل
خيبرپختونخوا حڪومت جي ترجمان اجمل وزير کي عهدي تان هٽايو ويو جنهن بعد سوشل ميڊيا تي به صارفين پاران ردعمل ظاهر ڪيو ويو، صوبائي حڪومت پاران اجمل وزير جي جاءِ تي ڪامران بنگش کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو پهريان وزيراعليٰ ڪي پي جو مڪاني مامرن بابت صلاحڪار هو، وزيراعليٰ آفيس کان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مشير اطلاعات اجمل خان وزير جي هڪ آڊيو ٽيپ سامهون آئي آهي جنهن جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، آڊيو ٽيپ ۾ اجمل وزير هڪ اشتهاري ڪمپني جي مالڪ کان مبينا طور ڪميشن گهري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪامران بنگش ٽوئيٽ ڪيو ته وزيراعظم عمران خان کي ان معاملي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، اجمل وزير کي مارچ مهيني ۾ وزيراعليٰ ڪي پي جو اطلاعات بابت مشير مقرر ڪيو ويو هو. سوشل ميڊيا تي صارفين پاران اهڙي معاملي تي ردعمل ظاهر ڪيو ويو، عاصمه نالي صارف لکيو ته عهدي تان هٽائڻ تائين ته ٺيڪ آهي پر ڇا ان جي پارٽي رڪنيت به ختم ڪئي ويندي؟، اڪثر صارفين پاران وزيراعظم عمران خان جو ماضي ۾ ڏنل بيان جو حوالو ڏنو ويو ۽ سوال اٿاريو ويو ته عمران خان چوندو هو ته مٿي ويٺل ماڻهو ٺيڪ هجي ته هيٺ ٽيم پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندي آهي، هاڻي هيٺ ٽيم خراب آهي ته ڇا مٿي ويٺل شخص خراب نه آهي؟ پرويز نالي صارف لکيو ته اجمل وزير اشتهاري ڪمپني کان ڪميشن گهرڻ تي فارغ ڪيو يو، فردوس عاشق اعواڻ کي ڇو فارغ ڪيو ويو اهو به عوام کي ٻڌايو وڃي، اڃا ته انهن کي ٻه سال ٿيا آهن انهن جي ڪرپشن جو اهو حال آهي پنج سالن ۾ ته اهي نئين تاريخ جوڙيندا. صحافي جمشيد لکيو ته اجمل وزير کي هٽائڻ کانپوءِ هاڻي آئون ڪامران بنگش جهڙي محنتي ۽ ديانتدار نوجوان ڪابينا ميمبر لاءِ پريشان آهيان ڇو ته جيڪو به وزير وزيراعليٰ جي ويجهو هوندو آهي يا ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان کي هڪ سازش تحت هٽايو ويندو آهي ايئن ڇو؟ وزيراعظم جي فيصلي جي حمايت ڪندي محمد خورشيد لکيو ته اجمل وزير کي برطرف ڪري وزيراعظم عمران خان ڪرپٽ سياستدانن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن يا پنهنجا عهدا ڇڏن، هاڻي پاڪستان ۾ بدعنوانن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. جنيد سليم لکيو ته ليڊر پنهنجي ئي سپاهي کي ڪرپٽ هجڻ تي ڪڍي ڇڏيو آهي اهو مثال قائم ڪيو ويو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *