تازا ترين
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*

اشو آف دي ڊي

ڪراچي ۾ برسات بعد ٻوڏ واري صورتحال پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جا وزير اٽڪي پيا
ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مقامي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت مٿان تنقيد شروع ٿي وئي ان کانسواءِ وفاقي حڪومت مٿان پڻ تنقيد ڪئي وئي، شهرين پاران تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون ويون، برسات بعد جتي شهرين حڪومت مان تنقيد ڪئي اتي پ پ ۽ پي ٽي آءِ جا وزير پڻ آمهون سامهون ٿي ويا، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي وزيرن کانسواءِ ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن به هڪٻئي خلاف پوسٽون شيئر ڪندي هڪٻئي کي تنقيد جو نشانو بڻايو، شهرين سوشل ميڊيا تي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي چيو ويو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ رستن تي بيٺل پاڻي ٻئي ڏينهن به نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، مختلف علائقن ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، لوڪل گورنمينٽ کاتو دعوائن تائين محدود آهي، وفاقي وزير علي زيدي پ پ حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته 12 سالن کان حڪومت ۾ رهندڙ پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ گٽر ۽ برساتي نالا به صاف نه ڪرائي سگهي آهي، سياستدان هجڻ جو ڊرامو ڪندڙ لاڏلو پنهنجي مجرماڻي غفلت جو ذميوار ٻين کي قرار ڏيندو آهي. پ پ پاران ڪراچي شهر کي تباهه ڪرڻ ۽ پاڪستان کي معاشي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، شهباز گل برساتي پاڻي ۾ٻڏندڙ گاڏين جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي جي عوام جا اثاثا ٻڏي رهيا آهن ۽ پرچي تي آيل چيئرمين ڪرپشن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهن جڏهن ته ڪرپشن سندس گهر ۾ موجود آهي، هڪ شهري جو لاش ڪڍڻ واري وڊيو شيئر ڪندي هن لکيو ته هڪ طرف شهري پنهنجي پيارن جا لاش برساتي پاڻي مان ڪڍي رهيا آهن ٻئي طرف سالگرهه ملهائي پئي وڃي. مراد سعيد لکيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي ٻڏي رهيو آهي ۽ سنڌ جا حڪمران سالگرهه ملهائي رهيا آهن، ماڻهو مرن ٿا ته جواب ملي ٿو “جب بارش آتا هي ته پاني آتا هي، زياده بارش آتا هي تو زياده پاني آتا هي”، ڪراچي بهتري جو مستحق آهي ان مذاق جو نه. بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته جب بارش آتي هي تب پاني آتا هي، اها حقيقت آهي، سنڌ حڪومت جون مهربانيون جنهن هڪ رات ۾ ئي روڊن تان پاڻي نيڪالي ڪري ڇڏيو، اسان موسمي ڏيڏرن جو مسئلو حل نٿا ڪري سگهون، جيڪي برسات سان گڏ ظاهر ٿين ٿا، گذريل 24ڪلاڪن ۾ پي ٽي آءِ جا سليڪٽڊ وزير ڪٿي آهن؟، سعيد غني مختلف روڊن جون وڊيوز پوسٽ ڪندي لکيو ته ناگن چورنگي سميت مختلف روڊن تي صفائي ٿي وئي آهي، پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي. سعيد غني لاهور جي پڻ وڊيو شيئر ڪئي جتي پڻ ٻوڏ جهڙي صورتحال نظر اچي رهي آهي. ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ ٽوئيٽر تي ڪراچي ۾ برسات، پي پي پي حڪومت ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهن ڪراچي ۾ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل گهرن جون تصويريون شيئر ڪيون ۽ وڊيوز شيئر ڪيو ويو جن ۾ گاڏيون برساتي پاڻي ۾ ترندي نظر اچي رهيون آهن ان کانسواءِ پ پ جي اڳواڻن جون تصويرون ٺاهي شيئر ڪيون ويون.ان کانسواءِ ڪمشنر ڪراچي پاران برساتي پاڻي نيڪالي ڪرڻ واريون تصويرون شيئر ڪيون.وسيم اڪرم ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڏندي ڏسي ڪنهن به قسم جي حيرت نه ٿي، ڪراچي جي شهرين جي بيوسي ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، هن سوال ڪيو ته ڇا برسات ۾ ٻڏل شهر جي هي حالت ننڊ مان جاڳائڻ جي گهنٽي آهي، ڪراچي ۾ نيڪال هڪ حل طلب مسئلو بڻجي چڪو آهي. پنهنجي خوبصورت شهر کي ٻيهر ٺيڪ ڪرڻو پوندو، وسيم اڪرم کي جواب ڏيندي ناصر شاهه لکيو ته پنهنجي پاڙيسري وسيم اڪرم کي دعوت ڏيان ٿو ته مون سان گڏ شهر جو دورو ڪري، وسيم ڏسي ته ڪيئن روڊن تان پاڻي ڪڍيو ويو،هن چيو ته وسيم اڪرم جيڪڏهن مخلص آهي ته شهر جو دورو ضرور ڪندو جيڪڏهن وسيم اڪرم ٻڌل ڳالهين تي بيان ڏنو آهي ته پوءِ اوهان کان وڌيڪ غير ذميوار ڪير ناهي. وسيم اڪرم جي بيان عوام کي مايوس ڪيو آهي، ناصر شاهه لکيو ته تبديلي جو سفر وسيم اڪرم پلس کان وسيم اڪرم تائين، علي زيدي عمران اسماعيل ۽ وسيم اڪرم جا ٽوئيٽس بلڪل هڪجهڙا آهن، وسيم اڪرم کي سياست ۾ آمد تي مبارڪون هجن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *