تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اشو آف دي ڊي

وزيراعظم جي صلاحڪارن ۽ معاونن جي ٻٽي شهريت ۽ اثاثن بابت سوشل ميڊيا تي بحث
وزيراعظم جي 15 خصوصي معاونن ۽ 5 صلاحڪارن جي اثاثن ۽ شهريت جا تفصيل سامهون اچي ويا، 5 خصوصي معاون ٻٽي شهريت رکن ٿا،ڪجهه مشيرن ۽ صلاحڪارن جي اربين رپين جي ملڪيت پڻ ظاهر ٿي آهي اهڙي معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جا حامي هڪٻئي تي تنقيد پڻ ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان پ پ اڳواڻ شهلا رضا لکيو ته عمران خان جي 15 معاونن وٽ غير ملڪي شهريت آهي، جن ۾ ذلفي بخاري، نديم افضل، نديم بابر، معيد يوسف، تانيا شامل آهن، شهزاد بلوچ لکيو ته عدالت ۾ وڃي انهن کي نا اهل ڪرايو وڃي، عدنان خالق لکيو ته پ پ ۽ ن ليگ جا ميمبر به ته ٻٽي شهريت رکن ٿا، پرڏيهه ۾ ملڪيتون به آهن، عثمان حيدر لکيو ته نديم افضل اهو ئي آهي نه جيڪو پ پ حڪومت ۾ ايم اين اي به رهيو هو، ٻٽي شهريت 2008ع کان اڳ جي آهي يا پ پ ڇڏڻ کانپوءِ جي آهي؟، وزيراعظم جي معاون نديم افضل چن ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مون وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن به ملڪ جي شهريت ناهي، جيڪڏهن صحافي مون سان رابطو ڪن ها ته انهن کي غلط خبر شايع نه ڪرڻي پوي ها، شهريت ۽ پي آر ڪارڊ ۾ فرق هوندو آهي، وزيراعظم جي معاون شهباز گل ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته آئون صرف پاڪستاني شهري آهيان، مون وٽ ڪنهن به ملڪ جي نه شهريت آهي نه وري پاسپورٽ، صرف پاڪستاني پاسپورٽ آهي، اهڙي ڳالهه آئون ٽي وي چينلز تي به ڪري چڪو آهيان، ميڊيا تصحيح ڪري. ڊاڪٽر محمد عون ۽ عثماني لکيو ته فرح ناز اصفهاني به خاص معاون هئي اهو ڪنهن کي ياد آهي؟ حسين حقاني ڪير هو؟، ناز بلوچ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته سال 2013ع ۾ پي ٽي آءِ فوزيا قصوري تي ٻٽي شهريت سبب انٽرا پارٽي اليڪشن وڙهڻ تي پابندي لڳائي هئي جڏهن ته هن پنهنجي آمريڪي شهريت ڇڏي به ڏني هئي،هاڻي انهي پي ٽي آءِ وٽ ٻٽي شهريت وارا معاون سرفهرست آهن، ان جو مطلب ڳالهه ٻٽي معيار جي آهي ٻٽي شهريت جي ناهي؟. ري ٽوئيٽ ڪندي فوزيا قصوري لکيو ته الله جي عدالت ۾ احتساب کان بچي نٿا سگهن، پي ٽي آءِ قيادت رڳو انصاف جي ڳالهه ڪندي آهي پر ان تي عمل ناهي ڪندي، جلد يا دير پر قوم سان غداري جو جواب الله وٽ ضرور ڏيڻو پوندو. نفيسه شاهه لکيو ته وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ وزيراعظم ٻٽي شهريت رکندڙ ڪابينا ميمبرن خلاف ڇا ڪارروائي ڪندو؟ ٻاهرين ملڪ سان وفاداري جو حلف کڻندڙن کي پاڪستان تي مڙهيو ويو آهي. پلوشه خان لکيو ته رياست مدينه جي مشيرن جا کاتا ڏسو ۽ رياست مدينه جي شهرين جا چلها ٿڌا ٿي ويا آهن. صحافي ۽ اينڪر پرسن عارف حميد ڀٽي ٽوئيٽ ڪيو ته ملڪي آبادي 22 ڪروڙ آهي، پي ٽي آءِ موجب 22 سال انهن جدوجهد ڪئي پر وزيراعظم جا 7 معاون ٻين ملڪن جي شهريت رکندڙ نڪتا آهن ڇا پاڪستان ۾ ڪير به ان قابل نه هو جو وزيراعظم کي غيرملڪي شهريت رکندڙن کي پاڻ سان گڏ رکڻو پيو؟ مجبوري، ضرورت يا خواهش آهي؟. محمد ايڊووڪيٽ لکيو ته سوچيو جڏهن ملڪ ۾ قانون تحت ڪير ٻٽي شهريت وارو اليڪشن نٿو وڙهي سگهي اتي ان ملڪ جي وزيراعظم جا مشير ٻٽي شهريت وارا هجن ته اهو قومي سلامتي لاءِ ڪيترو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، سيد طلعت حسين لکيو ته 1.45 ارب رپين مان 1.08 ارب رپيا (75سيڪڙو) ٻاهرين ملڪ ۾ آهن جڏهن ته باقي 0.36 ارب رپيا (25سيڪڙو) پاڪستان جي بينڪ اڪائونٽس ۾ موجود آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *