تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اشو آف دي ڊي

منهنجو نالو ڪٿي آهي؟ عورتن جي سڃاڻپ لاءِ مهم
عورتن جي سڃاڻپ لڪائڻ يا نالو ظاهر نه ڪرڻ خلاف سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر مهم هلائي پئي وڃي، “Where Is My Name” جي نالي سان شروع ڪيل مهم ۾ اڪثر عورتن پاران اهو مطالبو ڪيو ويو ته انهن کي نالو ظاهر ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، اصل ۾ اهڙي مهم خاص افغانستان جي عورتن جي لاءِ آهي، افغانستان سان تعلق رکندڙ هڪ عورت بخار سبب ڊاڪٽر وٽ وئي، ڊاڪٽر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن هوءَ واپس گهر پهتي ته پنهنجي مڙس کي دوائون وٺي اچڻ لاءِ ڊاڪٽر جي لکيل پرچي ڏني، ان پرچي تي مڙس نالو ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ اچي عورت کي مارڪٽ ڪئي ته ڊاڪٽر آڏو نالو ظاهر ڇو ڪيو؟، ڇو ته افغانستان ۾ عورتن کي خاندان جي مردن پاران نالو ظاهر ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي، ڇوڪري جي شادي ٿيندي آهي ته ان جي شادي ڪارڊ ۾ به سندس نالو نه ڏنو ويندو آهي، بيمار ٿئي ته ڊاڪٽر کي به نالو ٻڌائڻ جي اجازت ناهي هوندي، پيدائش واري سرٽيفڪيٽ تي به نياڻي بدران والد جو نالو لکرايو ويندو آهي، ايتري تائين جو مري وڃڻ بعد موت جي سرٽيفڪيٽ يا ان جي قبر جي ڪتبي تي به نالو ناهي لکيو ويندو، ان حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته اڪثر افغان مرد سرعام پنهنجي ڀيڻ، ماءُ، ڌيءُ يا گهرواري جو نالو ناهن وٺندا، عورت کي والد، ڀاءُ يا مڙس يا وري خاندان جي ڪنهن بزرگ جي نالي سان منسوب ڪري سڏيو ويندو آهي، اهڙي صورتحال خلاف افغانستان ۾ عورتون (منهنجو نالو ڪٿي آهي؟) نالي سان مهم هلائي رهيون آهن، سوشل ميڊيا تي اڪثر صارفين ان مهم جي حمايت ڪندي پوسٽر شيئر ڪري رهيا آهن، بي بي سي موجب اها مهم 30 سال اڳ ليليٰ عثماني نالي شروع ڪئي هئي جنهن جو تعلق هرات صوبي سان آهي، ليليٰ عثمان منهنجو نالو ڪٿي آهي مهم جي شروعات ڪئي هئي، جنهن جو چوڻ آهي ته آئون افغان عورتن کان اهو سوال پڇڻ چاهيان ٿي ته انهن کي سندن سڃاڻپ کان ڇو محروم رکيو ويو آهي؟ هن چيو ته اسان مهم هلائڻ سان گڏ افغان حڪومت تي زور وجهي رهيا آهيون ته ٻارن جي پيدائش واري سرٽيفڪيٽ تي پيءُ ۽ ماءُ ٻنهي جو نالو لکيو وڃي، ان مهم تحت مريم سما افغان پارليامينٽ ۾ به اهڙي ڳالهه ڪئي هئي ته سرٽيفڪيٽ تي پيءُ سان گڏ ماءُ جو نالو به لکيو وڃي، ليليٰ عثماني جو چوڻ آهي ته مهم هلائڻ تي سخت ردعمل سامهون آيو هو ۽ تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو پر حمايت پڻ ڪئي وئي. افغان شوبز انڊسٽري جي ڪجهه وڏن نالن گلوڪار ۽ ميوزڪ پروڊيوسر فرهاد دريا ۽ گلوڪاره آريانه سيد پڻ ان مهم جي حمايت ڪئي، گلوڪار فرهاد دريا جو چوڻ هو ته ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ سماجي ڪردار يا پهلو آهن اها عورتن جي سڃاڻپ ناهي، مرد جڏهن انهن کي سڃاڻپ کان محروم رکي ته عورتون پاڻ به پنهنجي سڃاڻپ وڃائڻ شروع ڪنديون آهن، افغانستان جي مشهور گلوڪارا ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ آريانه سيد ان مهم جي حمايت ڪندي چيو آهي ته عورتن کي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ ۾ اڃا تمام گهڻو وقت لڳندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *