تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اشو آف دي ڊي

ٺري ميرواهه واقعو: ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو
ٺري ميرواھه شھر ۾ ٽيوشن پڙهائيندڙ استاد پاران 7ورهين جي نينگر سان بدفعلي ڪري وڊيو وائرل ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ ان استاد کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان قسم جا واقعا ڇو ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ ان حوالي سان بحث پڻ هلي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته نينگر جي والد جي فرياد تي ميرواھه ٿاڻي تي جوابدار سارنگ شر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پر پوليس کي گرفتار ناهي ڪيو، ان حوالي سان يوسف جوکيو لکيو ته ان استاد جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هو ڪيتريون ئي اهڙيون وڊيوز ٺاهي ٻارن کي بليڪ ميل ڪندو رهيو آهي، اهڙن ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، صدام حسين لکيو ته چائلڊ پروٽيڪشن بيورو وارا ڪٿي آهن؟، صرف پگهارون کڻي رهيا آهن، اهڙن واقعن تي اسيمبلي ۾ ويٺل ميمبرن ڇا ڪيو آهي؟ سنتوش ڪمار لکيو ته اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته ان جوابدار 135 ننڍن ڇوڪرن سان زنا ڪئي جنهن ۾ 12 وڏا ڇوڪرا هئا. عرفان عالماڻي لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ معصوم ٻارن سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار سارنگ شر کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏني وڃي، ان جوابدار بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اصل پڪا چانگ جو آهي، هن وقت ميرس ڪالوني ٺري ميرواهه ۾ رهي ٿو، رٽائرڊ استاد آهي، علي رضا لکيو ته پڪا چانگ ۾ به هن اهڙو معاملو ڪيو هو جنهن ڪري کيس اتان نيڪالي ملي هئي، عرفان عالماڻي لکيو ته ان واقعي کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ معصوم نينگري زيادتي بعد قتل ٿي هئي، حيدرآباد ۾ معصوم رخسانه سيال زيادتي بعد قتل ٿي، ڄامشورو ۾ پڻ اهڙو واقعو ٿيو هو. قاسم راڄپر لکيو ته سنڌ جي تعليم جي ترقي ۽ اولاد جي عزتن جي تحفظ جو هڪ ئي حل آهي ته اسڪولن ۾ صرف فيميل ٽيچرس مقرر ڪيون وڃن، نادر مغيري لکيو ته سڀ مرد خراب ناهن، فيميل ٽيچرس مسئلي جو حل ناهي، اهڙا مسئلا روڪڻ لاءِ ٻارن کي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، مشتاق راڄپر لکيو ته هر اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر ۾ ڪيمرائون لڳايون وڃن، محسن رند پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هي واقعو جيستائين مون کي لڳي ٿو ته چائلڊ پورنو گرافي جو حصو آهي، چائلڊ پورنو گرافي کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو جنهن جي روڪٿام لاءِ عالمي ميڊيا وڏو ڪم ڪيو آهي پر اسان وٽ اهڙن موضوعن تي ڪنهن به قسم جو ڪم ناهي ٿيو، جنهن ڪري ئي سارنگ شر جهڙا ڪردار معصوم ٻارڙن جون وڊيوز ٺاهي انٽرنيٽ تي کپائي ڇڏن ٿا، ظفر علي لکيو ته پهريان کي گرفتار ڪيو وڃي پوءِ وزيراعليٰ سنڌ واقعي جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي سڀ حقيقتون سامهون اچي وينديون، تاج رند لکيو ته خبرون اهي به آهن ته هي ماستر پهريان به معصوم ٻارن کي درندگي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي، روشن برهماڻي ۽ ابراهيم ڪنڀر لکيو ته اسڪولن ۾ اهڙن ماسترن تي نظر رکڻ لاءِ مڪينزم هجڻ گهرجي، شاگردن جي تحفظ جو بندوبست هجڻ گهرجي، چلڊرين پروٽيڪشن ايڪٽ تحت جوابدار کي سزا ڏني وڃي، ان کانسواءِ اسڪول يا ٽيوشن سينٽر تان ٻار واپس گهر اچن ته والدين کي انهن کان استادن جي روين بابت معلومات ضرور وٺڻ گهرجي.سعيد گوپانگ لکيو ته جوابدار کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي، صدرالدين عمران هڪ استاد پاران اهڙو عمل ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو، ستار مهر لکيو ته اهڙن ڏوهارين لاءِ سخت سزا هجڻ گهرجي. خليل چانڊيو لکيو ته ايف آءِ آر ۾ قلم 377 ثابت ڪري ٿو ته حد جي پوليس ان جوابدار سارنگ شر سان ٻٽ بڻيل آهي، ڪمزور ايف آءِ آر کي تسليم نٿا ڪريون،انيلا رفيق پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن جوابدار سڀني استادن ۽ انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي، ساجده ميمڻ پڻ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، امر منصور ٻگهيو لکيو ته سنڌ ۾ چائلڊ ابيوز تي ڪم ڪندڙ تنظيمن کي آگاهي لاءِ سيمينار ڪرڻ گهرجن، ڇو ته اسان وٽ اهڙن تي ڳالهائڻ کي معاملن کي به عيب سمجهيو ويندو آهي جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ سيڪس سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي، ته جيئن ان قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي.برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٺري ميرواهه واقعي جي جوابدار کي ڀلي ڦاهي ڏيو پر جنهن جي وڊيو يا تصوير آهي اها شيئر نه ڪئي وڃي اها ساڻس نا انصافي هوندي. ماهين الطاف لکيو ته اهڙن ماڻهن کي وائکو ڪرڻ گهرجي جيئن پنهنجي ماءُ ڀيڻ گهرواري سامهون به ڪنڌ نه کڻي سگهن، قانون ڪارروائي ڪري اهڙن جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي.مصرت ذوالفقار چيو ته جوابدار کي ڦاهي ڏني وڃي جيئن اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.جڏهن ته پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته ان واقعي بابت سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو ويندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *