تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اشو آف دي ڊي

سنڌ جي 16 ضلعن ۾ لائبريريون ناهن؟: ڪي اين شاهه لائبريري لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم
خيرپور ناٿن شاهه شهر جي وفا ناٿن شاهي لائبريري جو ڪم مڪمل ڪرائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي ڪنسٽرڪٽ ڪي اين شاهه پبلڪ لائبريري هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن پاران حصو ورتو ويو، جاويد اقبال لاڙڪ، جي اين کوسو، زبير مرا چانڊيو، شمع منور، عرفان عالماڻي، جي ايم ناٿن شاهي، حمير جاني، جي ايم ناٿن شاهي، عبدالحق چانڊيو، حڪيم زنگيجو، سرواڻ گل چانڊيو، امتياز عباسي، احمد شاڪر، سومر چانڊيو، هالار نواز، سرمد چانڊيو، وقار عباسي، غفار کوسو ۽ ٻين هزارين ماڻهن ان مهم ۾ حصو ورتو، پوسٽون شيئر ڪندي چيو ويو ته ڪتابن بنا هڪ معاشرو ايئن آهي جيئن روح بنا جسم هجي، سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ويو ته وفا ناٿن شاهي لائبريري جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي، شاگردن جلد پڙهڻ جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ صنم چانڊيو لکيو ته اسان شاگرد گهٽ وسيلن باوجود گهر ۾ لائبريري ٺاهي وٺندا آهيون ۽ سنڌ حڪومت مالامال آهي پوءِ هڪ لائبريري ڪي اين شاهه ۾ نٿي ٺاهي سگهي؟، مختيار عباسي پڻ ڪي اين شاهه لائبريري جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي لکيو ته اها سنڌ جي مٽي جي خوشبو آهي جو جنهن کي پنهنجو ڪيو ته سنڌ به ان کي پنهنجي سينتي سان لاتو آهي، اهڙو مثال اڄوڪو ڏينهن آهي، وفا ناٿن شاهي انڊيا مان آيل پنجابي هو، هن سنڌ سان وفا ڪئي اڄ سنڌ جا هزارين نوجوان وفا جي نالي تي خيرپورناٿن شاهه ۾ اڻپوري قائم ٿيل لائبريري لاءِ ٽرينڊ هلائي رهيا آهن، سنڌو نواز گهانگهرو پڻ لائبريري واري مهم ۾ حصو ورتو، هالار آريجو لکيو ته سنڌ جا شاگرد سهولتن جي اڻهوند سبب ٻهراڙين ۾ رهڻ ڪري تمام گهڻا پريشان ٿين ٿا، وٽن ايڏا وسائل ناهن غريب مسڪين والدين پيٽ تي پٿر رکي پورهيو ڪري پنهنجي اولاد لاءِ حسين خواب سجائين ٿا کين اسڪول ڪاليج کانپوءِ ڪيئن به ڪري کين يونيورسٽي تائين آڻين ٿا پر يونيورسٽيون بند هجڻ سبب لائبريريون نه هجڻ ڪري شاگردن کي وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، گهوٽڪي، سکر، دادو، ڪي اين شاه، مورو سميت تعلقه هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪا به تعليمي لائبريري ناهي جنهن ۾ شاگرد پڙهي سگهن يا آنلائين ڪلاسز وٺي سگهن، هن وقت گهوٽڪي مورو ۽ ڪي اين شاهه جا شاگرد لائبريرين لاءِ جدوجهد پيا ڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شاگرد جن کي لائبريرين ۾ هجڻ گهرجي اهي هن قهر جي گرمي ۾ روڊن تي لائبريري جي گهر ڪري رهيا آهن، ڪي اين شاهه جا شاگرد وفا ناٿن شاھ لائبريري لاءِ ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائي احتجاج ڪري رهيا آهن شاگردن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.سهيل چانڊيو لکيو ته وفا ناٿن شاهي لائبريري جو ڪم شروع ٿي ويو آهي پر اسان جي منزل اڃا به اڳتي آهي. ڊاڪٽر ڪامران چانڊيو لکيو ته لائبريريون کلنديون ته نوان ذهن جنم وٺندا. آفتاب چانڊيو لکيو ته خيرپور ناٿن شاھه سنڌ جي انهن ننڌڪڻ بي يارو مددگار شھرن مان آھي جيڪي ڪنهن به پلاننگ کان بغير ٺھيل آھن، ان جا ڪيئي سبب آھن پر ھڪ اھم سبب هي به آھي ته ھتان جي ايم پي اي ۽ ايم اين ايز جو تعلق ڪڏهن هن شھر سان ناهي رهيو، ڪڏهن ٻيٽو جتوئي جا جتوئي ته ڪڏھن سيتا جا لغاري ته خانپور جوڻيجي جا جوڻيجا حڪومتن ۾ هجن ٿا، ڪي اين شاھه جنهن ۾ نه پبلڪ پارڪ آھي، نه راند جو ڪو ميدان آھي نه پبلڪ لائبريري آھيه ھڪ لک جي لڳ ڀڳ آبادي واري شھر ۾ ھڪڙو به چئلڊ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ناهي نه ميٽرنٽي صحت جون ڪي معياري سهولتون آھن،ڪي اين شاهه ۾ لائبريري جو ڪم به 2013ع کان رڪيل آهي، لائبريري جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي. ابڙو امجد گل لکيو ته اسان جو تعلق نوشهرو فيروز جي يوسي خانواهڻ سان آهي، اسان جي شهر ۾ لائبريري جي بلڊنگ به ٺهيل آهي پر ان تي ڪانٽريڪٽر پ پ جو جيالو آهي اهو قبضو ڪري ويٺو آهي، لائبريري ۾ انسان نه پر جانور ٻڌل آهن، شهرين پاران ڪيترائي ڀيرا ڪوششون وٺڻ باوجود ڊي سي ڪو به ايڪشن ناهي کنيو، ان مسئلي کي حل ڪرايو وڃي. مهراڻ چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي چيو ته 2013ع ۾ ثقافت کاتي لائبريري منظور ڪئي هئي ۽ فنڊ به جاري ڪيو ويو پر ڪجهه ئي مهينن بعد لائبريري جو ڪم رڪجي ويو، 7سالن ۾ ثقافت کاتو هڪ لائبريري مڪمل ناهي ڪري سگهيو، هن چيو ته سنڌ جي 16 ضلعن ۾ هڪ به لائبريري ناهي، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ثقافت کاتو ڪجهه لائبريريون سنڀاليندو آهي، پر هونئن سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هر لائبريري ٽائون ڪاميٽي ميونسپل ڪاميٽي جي ذميواري آهي جن جي انهن کي بجيٽ ملندي آهي، پلاٽ ڏنا ويندا آهن،عمارتن جا فنڊز ڏنا ويندا آهن، پر ان باوجود اهي لائبريري سنڌ ۾ ناهن ٺاهيون ويون، سالياني اربين رپين جي بجيٽ هوندي آهي، پر اها لائبريرين تي خرچ ناهي ڪئي ويندي، 200 ارب کان وڌيڪ تعليم جي جيڪا بجيٽ آهي اها آخر ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي؟ ثقافت کاتي جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي؟.جڏهن ته صوبائي وزير سردار شاهه لائبريري بابت هلايل مهم بعد نوٽيس ورتو ۽ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته لائبريري جو ڪم هن سال ئي مڪمل ڪيو ويندو، جلد آئون پاڻ لائبريري جو دورو ڪندس. ان کانسواءِ جامي چانڊيو وڊيو پيغام ۾ چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پبلڪ لائبريرين ۾ تمام گهڻي کوٽ آهي، اها وڏي بدقسمتي آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي 21هين صدي ۾ به جسماني صحت لاءِ راندين جا ميدان ۽ ذهني صحت لاءِ پنهنجي علم جي واڌاري لاءِ لائبريرين جي سڀني شهرن ۾ سهولت موجود ناهي، وفا ناٿن شاهي لائبريري 7 سالن کان نامڪمل آهي، نه رڳو ڪي اين شاهه ۾ وفا ناٿن شاهي لائبريري مڪمل ڪئي وڃي پر سنڌ جي سڀني شهرن ۾ لائبريريون قائم ڪيون وڃن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *