تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اشو آف دي ڊي

ارڙهين ترميم بابت بيان ڏيڻ تي فهميده مرزا تنقيد جو شڪار
وفاقي وزير فهميده مرزا پاران 18هين ترميم جي حوالي سان بيان ڏيڻ بعد سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد شروع ٿي وئي آهي ۽ ان جي بيان بابت بحث پڻ هلي رهيو آهي، وفاقي حڪومت جي اتحادي پارٽي جي ڊي اي سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير فهميده مرزا چيو آهي ته 18هين ترميم بعد وفاق جا هٿ پير ٻَڌا ويا آهن، نثار کوکر اهڙي خبر شيئر ڪندي لکيو ته واقعي ادي، ڏسو ڪيڏو ظلم آهي وفاق سان، بدين کي تيل ۽ گيس جي رائلٽي به تڏهن نٿي ملي. ايڊووڪيٽ شاهد منگي، شبانه ميمڻ، غلام شبير، اخلاق باجڪاڻي، صدام جوڻيجو، گلزار جمالي، طاهر ڪوريجو،آمنه بلوچ پڻ فهميده مرزا جي بيان تي ردعمل ڏنو، گلزار زرداي لکيو ته هوءَ پنهنجي مڙس کي جي آءِ ٽي مان آزاد ڪرائڻ چاهي ٿي، منظور علي ڀٽو لکيو ته ڪرسي به عجيب شيءِ آهي، ڊاڪٽر زوهيب ٻرڙو لکيو ته گهٽ ڪنهن به نه ڪئي آهي. ايم يوسف سومرو لکيو ته آهي ڪو بدين وارو جيڪو پنهنجي تڪ جي ايم اين اي کان سوال پڇي ته ارڙهين ترميم اوهان کي ڪٿي ڪم کان روڪيو آهي، سلامت علي هيسباڻي لکيو ته اهو بل به هن جي اسپيڪر هوندي ئي ته پاس ٿيو هو.نصير گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪو سنڌ پرست يا صوبن جي خودمختياري تي يقين رکندڙ اهڙو بيان ڏئي سگهي ٿو؟ بخاري ڪاظم امير، محبوب شيخ، عبدالحئي پليجو، مشتاق ميراڻي فهميده مرزا جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هن کي پنهنجي بيان تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.تاج رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪرسي لاءِ عوامي مفادن خلاف ٿي وڃن ٿا، انجنيئر عمران مهر لکيو ته هن کي وفاق جو درد آهي پر سنڌ جو درد ناهي؟ اختر حفيظ لکيو ته ان وقت کيس دانهون ڪرڻ گهرجن ها جڏهن هوءَ اسپيڪر هئي، حفيظ ڦلپوٽو لکيو ته هن کان شايد اهو وسري ويو ته هي ان وقت پاڻ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر هئي، ثقلين مشتاق لکيو ته هنن مان اهڙي ئي اميد ڪري سگهون ٿا، ان کانسواءِ عقيل سومرو، چانڊيو نواز پڻ ان معاملي تي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *