تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

اشو آف دي ڊي

سنڌ جي مختلف يوسيز کي اپ گريڊ ڪري ٽائون ڪاميٽي بڻائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم
سنڌ جي مختلف يوسيز کي اپ گريڊ ڪري ٽائون ڪاميٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن بعد سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان مهم شروع ٿي وئي آهي ۽ مختلف يوسيز کي اپگريڊ ڪري ٽائون ڪاميٽي بڻائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان پوسٽ شيئر ڪندي مجيب ٽوٽاڻي لکيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن جي يونين ڪائونسلن کي اپ گريڊ ڪري ٽائون ڪاميٽين ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جن ۾ لعلورائنڪ جو نالو نشان ناهي؟. پي ايس 16جو چونڊيل ايم پي اي نواب سردار خان به پنهنجو واعدو ياد ڪري ۽ لعلورائنڪ شهر کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ٻين ايم پي ايز جيان سفارش ڪري ته جيئن لعلورائنڪ جي عوام جي بهتري ممڪن بڻجي سگهي. لعلورائنڪ جي عوام جو اهو مطالبو مڃيو وڃي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي لعل محمد چانڊيو لکيو ته اهو عوام جو جائز مطالبو آهي، راجا عابد لکيو ته افسوس آهي ته سياسي ميمبر جيڪي پنهنجي ميمبرشپ ۽ پي پي جي عهدن تي برقرار رهڻ لاءِ لعلورائنڪ جي عوام کي ٽائون جي درجي ۽ ڪافي سهولتن کان محروم ڪرڻ جي ڪوششون پيا ڪن، مظهر علي، محبوب گل ڪنڀر، وحيد راجپوت، عبدالحميد خاصخيلي، عبدالغفور سومرو ۽ ٻين پڻ لعلورائنڪ کي ٽائون جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. محرم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن لعلورائنڪ کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو نه ڏنو ويو ته وڏو ممڻ مچندو، وڏا وڏا سياسي بت ڊهي پوندا. منظور مارفاڻي ۽ مجيب شاهه راشدي لکيو ته لعلورائنڪ کي ٽائون جو درجو ملڻ گهرجي عوام جو جائز مطالبو آهي. غلام مصطفيٰ بروهي لکيو ته لعلورائنڪ سان زيادتي ڪئي وئي آهي لعلورائنڪ تعلقي جيتري آبادي رکندڙ شهر آهي پر ٽائون جو درجو به ناهي ملي سگهيو، عبدالستار کٽياڻ، زاهد چانڊيو، سميع الله ٻگهيو، مير امداد چانڊيو پڻ ٽائون جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. امير احمد مکڻ گاڏهي لکيو ته ڳيريلو ٽائون ڪاميٽي ٿيو آهي ته اهو ڪهڙو پئرس بڻجي ويو آهي جو اوهان به اهڙو مطالبو ڪري رهيا آهيو. رشيد ابڙو پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته سنڌ جون الائي ڪيتريون يونين ڪائونسلون اپ گريڊ ٿي ويون جن کي ٽائون جو درجو ملي ويو، نئون ديرو ميونسپل جو شيئر ۽ اصل حيثيت ملي الائي نه؟ جنهن تي منال شاهه راشدي لکيو ته اهو سوال پ پ جي نمائندن کان پڇو، لياقت ابڙو لکيو ته ايئن نه ڪندا ڇو ته رتوديرو ۽ نئون ديرو الڳ ٿيڻ سان صوبائي سيٽ به وڌندي نتيجي ۾ رتيديري واري سيٽ تان پ پ کي هٿ ڌوئڻا پوندا. پير بخش ابڙو لکيو ته نئين ديري سان نا انصافي ڇو ٿي ڪئي وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *