تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اشو آف دي ڊي

ڀيل برادري سان ظلم خلاف ٿر جو عوام جاڳي پيو: ايندڙ چونڊن تي ڪهڙو اثر پوندو؟
مٺي ويجهو 2 هفتا اڳ ۾ روينيو عملدارن پاران ڳوٺ مالڻهور خانجي ۾ ڀيل برادري جا گهر ڊاٿا ويا هئا ۽ ڀيل برادري جي مردن سميت عورتن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، اُنهي واقعي خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، سوشل ميڊيا تي متاثر ماڻهن جي حمايت ۾ مهم هلائي وئي ۽ متاثرن سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته ان ڌرڻي بعد هڪ نئون بحث به شروع ٿي ويو آهي ته هتان جي عوام ۾ سجاڳي پيدا ٿي رهي آهي جنهن جا ايندڙ اليڪشن تي به اثر پئجي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ غازي جهنڊير تصويرون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مٺي ۾ بي آءِ ايف اي جي سڏ تي هي لڳندڙ تاريخ ساز احتجاج ٻُڌائي ٿو ته ٿر جو عوام وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن خلاف هڪ آواز بڻجي چُڪو آهي،هي اڄوڪي احتجاج جا منظر آهن، هن وقت مٺي شهر جهيڙو آ جهيڙو آ او ظالم تو سان جهيڙو آ جي نعرن سان گونجي اُٿيو آهي. اهڙي پوسٽ تي پرديپ آسناڻي، نجم الدين، گنگارام ٺڪر، محمد شر، گل حسن عمراڻي، عابد علي، عاجز عبدالخالق ۽ ٻين راءِ جو اظهار ڪيو، هنن چيو ته وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، هي احتجاج ماڻهن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، جيڪڏهن ان طرح ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ اٿن ته انهن سان ڪير به ظلم نٿو ڪري سگهي. ايڊووڪيٽ لجپت راءِ ڀيل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي عوام جو سمنڊ ڪو شوق خاطر ناهي روڊن تي نڪتو، هنن مسڪين ماڻھن سان وقت جا ظالم و جابر ظلمت جا پهاڙ ڪيرائن ٿا. پر انهن کي ٻڌايون ٿا ته اهو دور گذري چڪو آھي جو توهان اسان جي ماڻھن کي بيوقوف بڻائيندا رهيا. توهان جي ڏاڍ ۽ ظلمت کي اسان ڀُوري چڪنا چور ڪري دفن ڪري ڇڏينداسين. اسان جا ماڻھو ھاڻي قطعي طور توهان جا غلام ڪو نه بڻجندا. ورڌا نور عورتن جي مارچ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته عورت ڪنهن به دور ۾ ڪمزور ناهي، مادر ملت فاطمه جناح کان شهيد بينظيرتائين ورت حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي، ٿر جي عورت انتهائي بهادر آهي، عورتن ٿر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 7 ڪلو ميٽر ڊگهي مارچ ذريعي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، ڀيل قبيلي سان تعلق رکندڙ عورتن احتجاج ڪيو، جن جا گهر ڊي سي جي ڪلارڪ ڊاهرايا ويا آهن جڏهن ته انصاف جي حاصلات لاءِ احتجاج کي 20 ڏينهن گذري چڪا آهن پر انتظاميا انهن غريبن سان انصاف ناهي ڪري سگهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *