تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

اشو آف دي ڊي

تعصب جي بدبوءِ !
تعصب جي بدبوءِ گٽر جي بدبوءِ کان به گندي هوندي آهي، گٽر جي بدبوءِ گٽر مان ايندي آهي ۽ تعصب جي بدبوءِ وات مان ايندي آهي، گٽر، نالا، غلاظت، نجاست صرف ڪراچي جا ڇو؟ پوري سنڌ جا گٽر، نالا، غلاظت، نجاست جي صفائي ڇو نه؟ ڇا مشرقي پاڪستان وانگر سنڌ کي تعصب ۽ نفرت جي سازش ذريعي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ جو ارادو آهي؟ نفرت تعصب ماڻهن جي دلين ۾ هجي ته ان جي باهه وسائڻ سولو آهي پر حڪومت، رياست، پنهنجي بقا، مفادن لاءِ نفرت تعصب جو هٿيار استعمال ڪري ته ان جي لپيٽ ۾ گهر سڀني جا ئي ايندا آهن، عوام به، رياست به، افسوس عوام جي دلين مان اڃا نفرت ۽ تعصب جي باهه اجهامڻ ئي لڳي هئي ته رياست ٻيهر ٻرندي تي تيل هارڻ لڳي آهي. (نورالهديٰ شاهه جو ٽوئيٽ)
حملو قبول ناهي !
پ پ هڪ سياسي جماعت آهي، وفاقي حڪومت کي ان سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ان جي ڪري سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي. (دودو چانڊيو جي فيس بڪ وال تان ورتل)
ففٿ جنريشن وار !
سنڌ تي ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي، ففٿ جنريشن وار ۾ هو سنڌ کي ڪرپٽ ۽ نا اهل به ثابت ڪري چڪا آهن، صرف حملو ڪرڻ جي دير آهي، وفاق جي سهولتڪارن سميت سڀني کي اکيون کولڻ گهرجن. (فاروق سومرو جو ٽوئيٽ )
ٻه رستا آهن !
ٻه رستا آهن، هڪ ته اوهان سمورن صوبن خاص طور سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران ۽ آفيسر پڪڙيو، 12 سالن جو حساب وٺو، ڪيس هلايو، سخت سزائون ڏيو، سنڌ ۾ ڪرپشن جو هر رستو بند ڪريو، اسان سڀ اوهان جو ساٿ ڏينداسين، ٻيو رستو اهو آهي ته اوهان ڪرپشن، گورنسس جي آڙ ۾ اسان جي تختگاهه ڪراچي يعني سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪندا ته اسان سڀ شديد مزاحمت ڪنداسين. (اياز لطيف جو ٽوئيٽ)
ڪراچي جا ٽٽل روڊ !
سڄي زندگي آمريڪا ۾ گذريندڙ حنيد لاکاڻي ٽي وي تي چئي رهيو هو ته ڪراچي جا روڊ ٽٽل آهن، نيازي کيس زڪوات ڪاميٽي جو چيف بڻائي رکيو آهي جيڪو وفاداريون نڀائي رهيو آهي، هن کي گهرجي ته اقرا يونيورسٽي ۾ داخل وٺي ۽ آداب سکي. (شهلا رضا جو ٽوئيٽ)
چپ نه ويهنداسين !
وڏين بارشن ۾ هيوسٽن، فلوريڊا، لوزيانا، ممبئي جاپان به پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن پر ڪجهه اينڪر ٽي وي چينلن تي ڏينهن رات پي پي جي آڙ ۾ سنڌ کي ورهائڻ واري سازش ۾ مصروف آهن. پي پي جي غلطين جي سزا سنڌ کي ورهائڻ جي صورت ۾ ڏني پئي وڃي، ان تي چپ نه ويهنداسين. (صفدر سرڪي )

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *