تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

اشو آف دي ڊي

آءِ ايم مريم نواز- نيب تي وار ڪري مريم فرار: سوشل ميڊيا تي نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن آمهون سامهون
لاهور ۾ مريم نواز جي پيشي جي موقعي تي نيب آفيس ٻاهران پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن جي چڪرين بعد علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس اهلڪارن طرفان ليگي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي وئي جڏهن ته ڪارڪنن پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو. اهڙي صورتحال بعد سوشل ميڊيا تي حڪومت ۽ نيب مٿان تنقيد شروع ٿي وئي ۽ مريم نواز جي حمايت ۾ آءِ ايم مريم نواز هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو. ان ٽرينڊ ۾ حصو وٺندي ريحام خان لکيو ته مريم نواز لاءِ هڪ عظيم سياسي ريلي ڪڍڻ جو اعزاز حڪومت ۾ موجود ان جي مخالفن ڏانهن وڃي ٿو. ذيشان ملڪ لکيو ته هوءَ آئي ۽ سوڀاري ٿي. ثانيه عاشق لکيو ته مريم نواز کي سليڪٽڊ حڪومت کان خطرو آهي. صائمه فاروق ڪارڪنن جي نعرن واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اوهان انهن جذبن کي ڪيئن ٿا ختم ڪري سگهو، ايم پي اي رابيا نصرت ڪارڪنن جي گرفتارين جي مذمت ڪئي، رمش راجپوت لکيو ته مريم نواز نيب آفيس ڏانهن واپس اچي اهو پيغام ڏنو ته اهي جهڪائي نٿا سگهن. عامر قيوم ڀٽي لکيو ته مريم نواز هڪ ليڊر آهي، جيڪا حڪومت جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. ميمونا لکيو ته مريم نواز سدائين اسان جو ساٿ ڏنو آهي.شمائلا رانا لکيو ته هتي گڏ ٿيل سڀ ماڻهو جمهوريت پسند آهن، آئين جي حڪمراني چاهين ٿا، نيازي سرڪار جيڪا بيروزگاري ۽ مهانگائي ڪئي آهي هي ماڻهو ان خلاف گڏ ٿيا آهن.راجا اجمل ظفر لکيو ته ڪٺ پتلي حڪومت آهي جنهن کي ڪارڪنن مٿان تشدد ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي، احمد ڪمبوهه لکيو ته پنجاب حڪومت پنجاب پوليس کي مريم نواز تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مليحه، عمران شاهين، ڪاشف اعوان ۽ ٻين پڻ مريم نواز جي حمايت ۾ پوسٽون شيئر ڪيون ويون، پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ ٿيل چڪرين، زخمي ڪارڪنن ۽ گرفتارين واريون وڊيوز ۽ تصويرون پڻ شيئر ڪيون ويون، ان کانسواءِ مريم نواز خلاف مريم نيب تي وار ڪري فرار ٽرينڊ پڻ هلايو ويو، رسيدون ڏيو ٽرينڊ پڻ هلايو ويو. ٻنهي ٽرينڊز ۾ پي ٽي آءِ جي حامين پاران مريم نواز، نواز شريف ۽ ٻين مسلم ليگ ن جي اڳواڻن خلاف پوسٽون شيئر ڪيون ويون. ان کانسواءِ مريم دي فيئرليس، پي ايم ايل اين، پنجاب پوليس، مريم صفدر، نيب لاهور، نيازي پڻ ٽرينڊز هلايا ويا. جنهن ۾ ليگي ڪارڪن ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن هڪ ٻئي خلاف پوسٽون شيئر ڪندا رهيا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *