تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

اشو آف دي ڊي

سنڌ جو وڏو سدائين ياد رهندو: شهيد بشير قريشي جي سالگرهه تي کيس ڀيٽا پيش
شهيد بشير قريشي جي سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شهيد بشير قريشي جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون ويون ۽ هيپي برٿڊي شهيد بشير قريشي هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو، جڏهن ته سومل سولنگي ڀرت سان بشير قريشي جي تصوير ٺاهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۽ نوجوان عاجز آرٽسٽ ۽ سڪندر ملاح پورٽريٽ ٺاهي ڀيٽا پيش ڪئي. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته شھيد بشير خان قريشي جو ڪردار اڄ به ياد پيو اچي ته هن قبائلي تڪرار ختم ڪرڻ ۽ ڪارو ڪاري جي خاتمي لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪيو، سنڌ جي مسئلن تي هو سدائين سرگرم رهيو، ان حوالي سان شانل کوسو شيخ اياز جي شعر ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا سان بشير قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي. علي ڪامران سهتو لکيو ته سنڌ جو وڏو سدائين ياد رهندو، خليل انصاري بشير قريشي کي ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته توهان ماڻهن سان پيار ڪريو ماڻهو توهان سان پيار ڪندا. برڪت نوناري لکيو ته رتيديري جي زرعي يونيورسٽي ۽ تبت سينٽر کان سڪرنڊ جي آخري سفر تائين هن جي زندگي مسلسل جدوجهد جي علامت هئي، سنڌ جي سورهيه شينهن کي جنم ڏينهن تي سلام ڪجي ٿو. آڪاش ملاح لکيو ته مون کي ياد آهي ته وڏا توهان چيو هو ته زنده بشير خان کان شهيد بشير خان توهان کي مهانگو پوندو، بلڪل اڄ سنڌ جاڳي پئي. طارق خاصخيلي لکيو ته سنڌ ڌرتي تي هڪ ئي اڳواڻ هيو جنهن کي ڌرتي جو ڌنار چيو ويو. ماڻڪ ڪنگراڻي لکيو ته جنھن وقت مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ اذيتناڪ موت وسيلي شھيد ڪيو پئي ويو تڏھن سنڌ ڏکاري ماءُ جي ڳڙيل ڳوڙھي جيان درد جي علامت بڻجي وئي ھئي ان ڏکاري گھڙي وقت سنڌ ۾ تاثر اڀاريو ويو ھو ته ھاڻ شايد ئي سنڌ اھڙو پٽ ڄڻي جيڪو ڌارئي قوتن خلاف پنھنجي ڌرتي جي ننگن ۽ دنگن خاطر سينو تاڻي بيھندو ۽ پوءِ سڀني ڏٺو سنڌ دولهه درياخان، شاھ عنات شھيد، روپلي ڪولھي کان شھيد سنڌ بشير خان قريشي جھڙا پٽ ڄڻي اھڙو تسلسل جوڙي رکندي تاريخ کي ويساھ ڏياريو تھ سنڌ ۾ اھڙا جوڌا ڄمندا رھندا جيڪي پنھنجي وطن جو ويساھه بڻبا رھندا. سورٺ لغاري لکيو ته ديس جا سڀاڳا پٽ سنڌ جون سورٺون اڄ به تولاءِ سڏڪي رهيون آهن. ايوب کوسو شاعري سان ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته قوم جو آواز آهين، تون اسان جو ناز آهين، جيت آهين هار ناهين، تون اسان کان ڌار ناهين.دودو چانڊيو لکيو ته سنڌ جو بهادر پٽ، هڪل۾ هڪل ڏيڻ وارو، مهل ۾ مڙس ٿي بيهڻ وارو سنڌ لاءِ مسلسل پنڌ ۾ رهڻ وارو بشير قريشي ڪير سڏائي، خالده منير، ماهين هوا، صفدر سرڪي، منير مگسي، سنڌو نواز گهانگهرو، عرفان عالماڻي، بشير آريسر، ماجد سنديلو،ستار زنگيجو، الاهي بخش بڪڪ، انيلا رفيق ملاح، سورٺ لغاري، جامي چانڊيو، شهنيلا علي، سارنگ زين چانڊيو، پنهل لاڙڪ، علي مراد چانڊيو، عاصمه ابڙو ۽ ٻين پاران شهيد بشير قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *