تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اشو آف دي ڊي

ڪاڇي ۾ تباهي جا حڪمران ذميوار قرار: بندن جي فنڊن بابت جاچ جو مطالبو
ڪاڇي ۾ ٻوڏ واري صورتحال بعد جتي متاثرن جي مدد لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي اتي ٿيل تباهي تي حڪمرانن مٿان تنقيد پڻ ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي ڪاڇو نيڊز يوئر هيلپ ۽ جوهي نيڊز گورنمينٽ هيلپ هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو، اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته جيڪي به ان صورتحال جا ذميوار آهن انهن خلاف جاچ ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪاڇي ۾ ٻوڏ قدرتي آفت نه آھي جيڪي آفتن مان ڪمائيندا آھن انھن جي آندل آھي، گاج ڊائيورشن بند جي ڪم جي جاچ ٿئي ته راز فاش ٿي ويندا، ماڻھن تي لنگھن تي قبضن جا الزام ھڻي سرڪار جي ونگار نه وھو، وسڻ وھڻ ۽ ٻڏڻ ۾ فرق سمجھون ٿا. برسات وسي ڪاڇو آباد.گاج وھي ڪاڇو آباد. ڊائيورشن بند ٽٽڻ ۽ ڪاڇو ٻڏڻ کي آباد ٿيڻ نٿو چئي سگهجي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ممتاز بخاري لکيو ته رڳو اهو نه پر ايف پي بند، ايم اين وي ڊرين، آر بي او ڊي، گاج ڊيم، منڇر انوائرمينٽل ۽ ٻين پراجيڪٽن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، اشوڪ شرما لکيو ته بلڪل صحيح ٿا چئو، مصطفيٰ ميراڻي لکيو ته سڀني منصوبن جي ناڪامي توڙي ڪرپشن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي. علي نواز سومرو لکيو ته هر سال بجيٽ رکي ويندي آهي پر استعمال ناهي ڪئي ويندي؟ وفا برهماڻي لکيو ته ماڻهو ٻن ڏينهن کان بکن تي دربدر آهن مال متاع لڙهي ويو آهي گهر ڊهي پيا آهن کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن انهن جي مدد ڪئي وڃي، ريحانه نذير لکيو ته ڪاڇو ٻڏڻ کي آباد نه چوڻ گهرجي،عبدالرحمان پيرزادو لکيو ته متاثرن جي فوري طور مدد ڪئي وڃي، انهي سان گڏ آبپاشي، روينيو، زراعت، ٻيلي کاتي ۽ ٻين کاتن خلاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزائون ڏنيون وڃن. سترام مهيشوري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايف پي بند کي گهاري ۽ گاج ڊيم رٿا ۾ 17 ارب رپين جي گهپلن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، صدرآصف زرداري جي خواھش تي شروع ڪيل گاج ڊيم رٿا جو حشر نشر ڇو ٿيو ؟؟١٦ ارب جو پراجيڪٽ ۴٦ ارب تي ڪيئن پھتو؟؟ ۵ لک ايڪڙ زمين آباد ڪري سگھندڙ ڊيم لاءِ سنڌ سرڪار ٧۵٠۵ ايڪڙ زمين ڇو نه ڏني؟؟ ڊيم ٺاھڻ جو تجربو نه رکندڙ ڪنسلٽنٽ کي ڪنھن آندو؟ ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويندڙ ٺيڪيدار ڪير ھو؟؟ واپڊا مٿس ڪيس داخل ڇو ناھي ڪرايو؟؟ سپريم ڪورٽ گاج بابت ڪھڙو حڪم ڏنو ھو ؟؟ نيب کان مامري جي جاچ ڪرايوـ سڀ قصا ظاھر ٿي پوندا. هن لکيو ته جوهي تعلقي لاءِ هڪ ارب جو بحالي پيڪيج ڏنو وڃي، هن لکيو ته رفيق جمالي ڪٿي آهي؟ جيڪو اتان جو چونڊيل ايم اين اي ۽ گورک هل اٿارٽي جو چيئرمين پڻ آهي، واحد جسڪاڻي لکيو ته ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت نه آھي ان سان فائدو گھٽ نقصان گھڻا آھن منڇر جو جياپو گاج جي پاڻي سان سلهاڙيل آهي ڊيم ٺهڻ سان منڇر ڍنڍ تباھ ٿي ويندي جيڪا اڳ ئي ايم اين وي ڊرين جي ڪري تباھي جي ڪنڌي تي آھي. ذوهيب سومرو لکيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه جوهي پهتو پر مقامي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن تي ڪاوڙجي واپس هليو ويو.جوهي جو ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪٿي آهي؟ ٻوڏ ۾ به اهي ظاهر ناهن ٿيا؟ رياض سولنگي لکيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ اهي ظاهر ٿيندا .پرويز حسن لکيو ته صبر ڪريو جڏهن امدادي سامان ايندو ته پوءِ اهي به ايندا، عبدالسليم ٻٻر لکيو ته ايم پي اي آيو هو بند تي ويهي منرل واٽر جون بوتلون پي واپس هليو ويو. اعجاز جمالي لکيو ته گاج بند ٽٽڻ جو ڪيس ايم پي اي، ٺيڪيدار ۽ آبپاشي عملدارن تي داخل ڪيو وڃي. حسن پٺاڻ لکيو ته حڪمرانن جي بي ڌيان جي ڪري ڪاڇو پاڻي لاءِ سڪندو آهي ۽ ٻڏندو به آهي، متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.ستار جانوري پاڪ آرمي ۽ چونڊيل نمائندن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته دادو ۽ جوهي سميت ڪاڇي جي چونڊيل نمائندن لاءِ هيءَ تصوير گهڻو ڪجهه چوڻ لاءِ آهي، هتان جي چونڊيل نمائندن جي نااهلي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جي ڪري آبپاشي جو نظام تباهه لڳو پيو آهي، جڏهن نقصان ٿي ويندو آهي ته پوءِ چونڊيل نمائندا ٻاهر ايندا آهن ۽ نوان عُذر ڄآڻائيندا آهن، اڄ جڏهن ڪاڇو ٻڏي چڪو آهي، ماڻهو لڙهن پيا ته ڪي وڻن تي چڙهي ويٺل آهن، اهڙي صورتحال ۾ به هن تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪو ساراهه جوڳو ڪردار نه پيا ادا ڪن، هڪڙي پاسي جمهوري حڪومت جا عوامي نمائندا ڪاڇي ۾ ٻوڏ واري صورتحال دوران ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي ويٺا آهن ته ٻي طرف پاڪ فوج جا جوان پنهنجون حياتيون داءُ تي لڳائي هن بيوس ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن. صنم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اچو ته گڏجي پنھنجن ماروئڙن جي مدد ڪريون. اسان ھڪ ٽيم جوڙيون پيا جنھن ۾ جيڪي ڀائر ۽ ڀينرون حصو وٺڻ چاهين اسان سان رابطو ڪن. ڪاڇو هن وقت ٻوڏ جهڙي صورتحال ۾ ورتل آهي. ھن وقت صورتحال ۾ گورنمينٽ سان گڏوگڏ اسان سڀني جي به ذميواري آهي ته ھن مشڪل وقت ۾ ڪاڇي جي غريب عوام سان گڏ ھجون، متاثرن لاءِ راشن ۽ دوائن جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. انيلا رفيق پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *