تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اشو آف دي ڊي

ڪاڇي ۾ ٻوڏ: سوشل ميڊيا تي مدد لاءِ اپيلون ۽ تباهي بابت بحث
کيرٿر جي جابلو پهاڙين ۾تيز برسات کانپوءِ نئين گاج ۾ پاڻيءَ جو خطرناڪ حد تائين چاڙهه بعد ڪاڇي ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٿي وئي، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪري متاثرن جي مدد جي اپيل ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي ٻوڏ واريون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي ڄاڻايو ويو ته نئين گاج وهي اچڻ کانپوءِ ڪاڇي جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڳوٺاڻا حياتيون بچائڻ لاءِ وڻن تي چڙهي ويا ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن، ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ هيليڪاپٽر موڪلڻ جون اپيلون ڪيون ويون. انيلا ناز سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 95ع کانپوءِ جوهي ۾ وري ساڳئي ٻوڏ آهي، نئين گاج 20 کان 25 سالن جي وقفي سان سدائين ٻوڏ آڻيندي آهي. گاج جو پاڻي آخرڪار وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو پاڻ سان گڏ مڇين جو ٻيجو پڻ کڻي ويندو ۽ ڪجهه وقت لاءِ منڇر جي گدلاڻ پڻ گھٽبي ۽ مھاڻا پڻ خوشحال ٿيندا. پر افسوس جو ايم اين وي ڊي وري ڪجهه وقت ۾ منڇر کي گدلو ڪري ڇڏيندي. منهنجي ٽيم جي ڪيل ھڪ تحقيق مطابق تقريبن 6 کان 8 مڇين جون جنسون گاج جي ڪنڀن ۾ اھڙيون آهن جيڪي دريا يا ڍنڍن ۾ نه ٿيون ملن . اھي جنسون ٿڌي پاڻي جون يا وري غارن جون آھن نين گاج ڊيم ٺهڻ سان آھي مڇيون پهنجي رھائش habitat وڃائي ويھنديون ۽ انھن جو نسل ختم ٿي ويندو. مھاشير جنھن کي اسين ڪرو چئون ٿا انھن مان ھڪ اھم ڪمرشل جنس آهي.اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالعزيز سومرو لکيو ته ڊيم نه ٺهڻ گهرجي اصل مسئلو نئين جي وهڪري کي اسٽريم لائن ڪرڻ آهي. منڇر جي اصل تباهي جو سبب ايم اين وي ڊرين آهي، ڇنڊڻ کي متبادل رستو وڃي ته منڇر وري ٻن ٽن سالن ۾ بحال ٿي ويندي. وفا برهماڻي لکيو ته هن وقت ڪاڇي جا سمورا رستا جنهن ۾ واهي پانڌي، ڊرگهه بالا، ٽنڊو رحيم خان پاڻي هيٺ اچڻ ڪري جوهي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. جمن جمالي لکيو ته واهي پانڌي ۽ جوهي روڊ ٻوڏ ۾ متاثر ٿيو آهي پاڻي جوهي ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي. ڪاڇي جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن ۽ گهر ڊهڻ شروع ٿي ويا آهن. شمشير گاڏهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هزارين ماڻهو پاڻي جي گهيري ۾ آهن، ڪيترائي ٽيوب ويل ٻڏي ويا آهن ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي. وڻن تي ويٺل ماڻهن جون جانيون بچايون وڃن. حميد سومرو لکيو ته سي ايم هائوس جا هيليڪاپٽر پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ طلب ڪيا وڃن، ڪاڇي جي ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. هڪ ٻي پوسٽ ۾ حميد سومرو لکيو ته جوھي جو مُقدر يا سوڪ يا ٻوڏ ! مشڪل جي گھڙي ۾ صرف پاڻ کي ئي ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي. ھي رياست، ھي حڪومت، عوامي نمائيندا، ھي ادارا گھٽ ۾ گھٽ جوھي جي واھر لاءِ ته ناھن…!!! سڄڻ جي پئي،سونو جمالي،گزياڻي لُنڊ،ٽٻائي لنڊ،جعفر خان لنڊ،مينھون خان چانڊيو، ننگر داريو، ساوڙو، فتُو بروھي واسيو ! توھان کي پنھنجن وڻن ئي پناھه ڏني آھي ۽ شايد چند ڪلاڪن کانپوءِ پاڻي توھان کي پاڻ ئي رستو ڏئي باقي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ڪو ھيليڪاپٽر موڪليندا ؟ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. 1995 ۽ 2010 ۾ ته جوھي جي اھڙي ۽ اھا مُناسب واھر ٿيندي ته ڪو نه ڏٺي، اسماعيل شاهاڻي لکيو ته برسات بعد نئين جي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. روشن ميمڻ لکيو ته ڪاڇي ۾ تباهي اچي وئي آهي.اعجاز جمالي لکيو ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ لاءِ فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون وڃن. امجد برهماڻي، اي بي سومرو، همسفر گاڏهي، صادق رستماڻي ۽ ٻين پڻ ڪاڇي ۾ ٻوڏ بابت پوسٽون شيئر ڪندي متاثرن جي واهر جي اپيل ڪئي. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي دادو نيڊز اين ڊي ايم اي هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *