تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اشو آف دي ڊي

”سنڌ ڪالوني ناهي“ ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڪوششن خلاف سوشل ميڊيا تي ردعمل
ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارين ڪوششن خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏيکاريو ويو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر، فيس بوڪ ۽ ٻين پليٽ فارمن تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، سنڌ از ناٽ ڪالوني آءِ ڪي هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ رهيو. روشني ميمڻ لکيو ته سنڌ سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، ڪراچي سنڌ آهي، ايم ڪيو ايم مشرف دور ۾ پنهنجي عروج دوران ڪجهه نه ڪري سگهي ته هاڻي ڇا ڪندي؟ تحريڪ انصاف کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌي قوم ڪڏهن به سنڌ جو ورهاڱو برداشت نه ڪندي، سنڌ جي تقسيم يا وفاق حوالي ڪرڻ کان اڳ تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي اهو ڏينهن ياد رکڻ گهرجي جڏهن ٻٽي مڪاني نظام وقت اهي پاڻ پ پ جي هر ايم پي اي ۽ وزير جي گهر تي توا ٽنگي رهيا هئا، عاقب علي لکيو ته سنڌ جي وسيلن، نوڪرين تي اڳ ئي قبضو ڪيو ويو آهي هاڻي ڪراچي به سنڌ کان کسڻ چاهين ٿا اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي. ذوالفقار قادري لکيو ته سنڌ جي شعور ۽ همٿ کي سلام آهي جو ٿورڙي وقت ۾ سنڌ از ناٽ ڪالوني آءِ ڪي پاڪستان جو ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي. علي سنڌي لکيو ته سنڌ ڪالوني ناهي، ميان الياس عباسي لکيو ته هن وقت سڀني پارٽين کي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ذوالفقار جمالي ايم ڪيو ايم جي واسع جليل جي ٽوئيٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڪراچي کي صوبو ڏيکاريو ويو آهي، هالار آريجو لکيو ته سنڌ سان اسان جو جذباتي لڳاءُ آهي، سنڌ صرف صوبو نه پر اسان جي ڌرتي ماءُ آهي، اقبال جکرو لکيو ته ڌرتي ڌڻين سان نا انصافيون بند ڪيون وڃن، مير سليم لکيو ته مزاحمت ڪرڻ گهرجي، ايم اي پتافي لکيو ته سنڌ خلاف ڪا به سازش قبول نه ڪئي ويندي، انيلا رفيق ملاح لکيو ته سياسي پارٽيون ڀيلي ڌار ڌار هجن پر سنڌ سڀني لاءِ هڪ آهي، وقار حسين لکيو ته سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي. امجد حسين مستوئي لکيو ته اسان سنڌي سنڌ کي هر شيءِ کان مقدس سمجهون ٿا، ڪهڪشان حيدر لکيو ته اسان سنڌ کي ڪالوني بڻجڻ نه ڏينداسين. ناز سولنگي لکيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارو خواب ڪڏهن پورو نه ٿيندو.مصدق ٻگهيو لکيو ته سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ کي پ پ تباهه ڪري ڇڏيو آهي نتيجي ۾ ان کي جواز بڻائي سنڌ جي وحدانيت مٿان وار ڪيو پيو وڃي. شير محمد مري لکيو ته سنڌ سالن کان آهي جيڪا سدائين هڪ رهندي.مير مرتضيٰ لکيو ته ڪير به سنڌ کي ورهائي نه سگهندو.جاويد شر لکيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، شاهه سچل سامي جي ڌرتي آهي. شعيب ايس وڌو لکيو ته سنڌ خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪئي ويندي. منظور چانڊيو لکيو ته سنڌ جنهن کي گهر ڏنو، فيڪٽري لاءِ زمين ڏني ۽ کيس عزت ڏني اهو شخص ئي سنڌ خلاف پيو ڳالهائي، اڄ کانپوءِ آئون ان جي ڪمپني جي ڪا به شيءِ خريد نه ڪندس. انيل حب علي لکيو ته اسان ڪنهن کي به سنڌ ورهائڻ نه ڏينداسين،ڊاڪٽر امجد حسين ميمڻ لکيو ته وزيراعظم عمران خان اسان سنڌي ماڻهو پرامن ۽ مهمان نواز آهيون اسان کي ڇيلينج نه ڪيو وڃي. ڊاڪٽر صائمه سنڌي لکيو ته غلط فيصلا ڪري سنڌ جي ماڻهن کي نه چيڙايو وڃي.مختيار علي لکيو ته سنڌ صدين کان قائم آهي ان تي وار ڪرڻ وارن کي سوچڻ گهرجي. عروسه کٽي لکيو ته سنڌ جون واهڻ وستيون سدائين آباد رهن. ضمير گهمرو لکيو ته آئين تحت ڪنهن به علائقي کي فيڊرل قرار نٿو ڏئي سگهجي، اسلام آباد صرف وفاقي علائقو آهي، وفاقي علائقو فاٽا ان وقت ڪي پي کي ڏنو ويو جڏهن ڪي پي اسيمبلي ٻه ڏهائي اڪثريت سان ايڪٽ منظور ڪيو هو. ڊاڪٽر عرفانه ملاح لکيو ته سنڌ جا سمورا رهواسي صوبي سنڌ جي علائقائي سالميت تي پختو يقين رکن ٿا، سنڌ 18هين آئيني ترميم تحت ڏنل آئيني خودمختياري جو مطالبو ڪري ٿي. وحيده مهيسر لکيو ته ڪراچي تي وفاق جو ڪنٽرول قبول نه ڪيو ويندو.ان کانسواءِ نورالهديٰ شاهه، گلشن لغاري، ذوالفقار سولنگي، جنيد علي، عاليه سومرو، خدا ڏنو شاهه، ذيشان احمد، اخلاق بخاري، محمد راشد مگسي، محمد علي ابڙو، مقبول چارڻ، اقصيٰ جمالي، امير آزاد پنهور، ڊاڪٽر ماريا سنڌي،جميلا تبسم برفت، نازيه ميمڻ ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *