تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

اشو آف دي ڊي

وزيراعظم جي معاونن جون استعيفائون: سوشل ميڊيا تي ردعمل
وزيراعظم عمران خان جي ٻن معاونن پاران استعيفا ڏيڻ بعد سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ ڊجيٽل پاڪستان بابت خصوصي معاون تانيا ايدروس ٽوئيٽر تي به پنهنجي استعيفا جو اعلان ڪيو، وزيراعظم ٻنهي معاونن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، تانيا ايدروس پنهنجي استعيفا جو اعلان ڪندي ٽوئيٽر تي لکيو ته منهنجي ٻٽي شهريت تي ٿيندڙ ڳالهيون ڊجيٽل پاڪستان واري ويزن تي وار آهن. هن چيو ته ڪينيڊا ۾ پيدا ٿيڻ منهنجو ڏوهه ۽ خواهش نه هئي، منهنجي ٻٽي شهريت تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون، هن چيو ته پاڪستان کي جڏهن به منهنجي ضرورت پئي ته خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هونديس، تانيه ايدروس چيو ته عوامي مفاد خاطر عهدي تان استعفيٰ ڏني، مان پاڪستان ۾ خدمت جي جذبي سان آئي هيس، پر ٻٽي شهريت بابت گهڻيون ڳالهيون ڪيو ويون. اهڙي ٽوئيٽ بعد رٽائرڊ ميجر محمد عارف ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ميڊم اوهان جي استعيفا پاڪستان جو عوام رد ڪري ٿو، اوهان پڙهيل لکيل ذهين آهيو، اوهان پاڪستان جي دشمنن کي ڄاڻو ٿا جيڪي نٿا چاهين ته جيڪي پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن اهي ڪامياب ٿين مهرباني ڪري اهڙي سازشي حربن جو شڪار نه ٿيو، ارشد علي تانيا جي فيصلي تي لکيو ته استعيفا ڏيڻ بدران شهريت تان هٿ کڻو ها پر ڪينيڊين شهريت تي قومي مفاد قربان ڪرڻ شايد اوهان لاءِ سولو هو. مير محمد علي خان لکيو ته جيڪو به پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي ان کي بدنام ڪيو ويندو آهي جيڪو پاڪستان کي لٽڻ چاهيندو آهي ان جي مدد ڪئي ويندي آهي اهو قابل قبول ناهي، اوهان جي استعيفا منظور ناهي. اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير لکيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته اوهان ان کي رد ڪندا ڇو ته اوهان ملڪ سان ٿيندڙ سٺين شين مان هڪ هئا، اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته ماڻهن تانيا جي استعيفا منظور نه ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر وزيراعظم استعيفا منظور ڪري ڇڏي. ارشاد علي لکيو ته اڄ پاڪستان ۾ استيفائن جو ڏينهن آهي تانيا ايدروس بعد ظفر مرزا به استعيفا ڏني آهي. پنهنجي استعيفا جي باري ۾ ٽوئيٽ ڪندي ظفر مرزا لکيو ته وزيراعظم عمران خان جي چوڻ تي پاڪستان آيو هيس، آءُ مطمئن آهيان ته اهڙي وقت ۾ استعفيٰ ڏني آهي جڏهن پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيسز گهٽجي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، هن چيو ته مان پنهنجي ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪيو، ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ڪيترن ئي ڪوڙن الزامن کي منهن ڏنو. جنهن تي پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ خرم نواز گنڊا پور لکيو ته ظفر مرزا اوهان جي عظمت کي سلام آهي جڏهن ته تڪرار اوهان جو شروع ڪيل نه هو، پر اوهان پوءِ به استعيفا ڏني اهو ڄاڻي ڪري افسوس ٿيو، عادل لکيو ته انهن استعيفائن بعد کوڙ سازشي نظريا گردش ڪري رهيا آهن.ياسر اعوان لکيو ته خبر ناهي انهن تي مالي معاملن جا الزام هئا يا ڪارڪردگي ٺيڪ نه هئي؟عائشه حق لکيو ته ظفر مرزا سڀني کان وڌيڪ قابل ماڻهو هو، ڇا صحت واري وزير کي ڪورونا وبا دوران ڪڍيو پيو وڃي؟ ميان عمر لکيو ته حڪومت جو وزيراعظم جي معاونن جي باري ۾ واضح قدم، ٻٽي شهريت جي اجازت ناهي، غيرملڪي شهريت ڇڏيو يا استعيفا ڏيو ان کانسواءِ ڪو به دڳ ناهي اوهان قانون تي عمل ڪريو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *