تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اشو آف دي ڊي

شهيد ذوالفقار ڀٽو جي تضحيڪ: پي ٽي آءِ اڳواڻ عالمگير خان تي تنقيد
فڪس اٽ عام آدمي نالي آءِ ڊي تان برساتي پاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تصوير لڳائي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عالمگير خان مٿان تنقيد شروع ٿي وئي. ان سلسلي ۾ نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر هي ڪريل حرڪت ڪئي وئي آهي، اسان تڏهن چوندا آهيون ته پنهنجي ڊوميسائل کي ايترو سستو نه وڪڻو جو هي اچي ايم اين اي ٿي ويو ۽ توهان جي ئي قائد جي غلط پوسٽ ڪري ٿو، اهڙي پوسٽ تي آڪاش ملاح، علي حسن ڀٽو، جيسراڻي برما، رفيق ثمر، مراد پندراڻي، مجتبيٰ زهره کوسو، راشد چانڊيو، محمد حيات تنيو، رسول بخش لاڙ، اياز کوسو ڀٽو بابت غلط پوسٽ ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪئي. فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رڳو پي ٽي آءِ جي عالمگير تي ڇو ٿا چڙو، اها مهم به ته ڪنهن ايجنڊا جو حصو آهي، ڊائريڪٽر ساڳيو آهي، جنهن تي مجيب الرحمان جانوري لکيو ته ڊائريڪٽر کي سمجهايو پنجاب وانگر هاڻي سنڌي به سمجهڻ لڳا آهن، محمد حنيف لکيو ته ڇا پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته پي ٽي آءِ وارا ڪوڙي پروپيگنڊا جا ماهر آهن؟ امداد سومرو لکيو ته عالمگير جي اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، سنڌ کي شهيدن جي قرض کان اڳتي ٻئي آپشن تي به سوچڻ گهرجي، دستگير ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنهن شخص ھندستان مان ھنن جا نوي ھزار جنگي قيدي ڇڏايا، ايٽم بم ٺاهي پنهنجو سر گھوريو، ان کي هي بدنام پيو ڪري! بلاول زرداري پنھنجي نانا شھيد خاطر پھرين عالمگير جو ڊوميسائيل رد ڪري، کيس سنڌ مان نيڪالي ڏئي ۽ پوءِ ھي تصوير کڻي سپريم ڪورٽ جي ججن وٽ فرياد داخل ڪري. ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، راجا رميش، اسدالله قمبراڻي، نادر سومرو، سيد ظفر شيرازي، الطاف حسين ڀرڳڙي، جميل ميمڻ پڻ شهيد ڀٽو خلاف پوسٽ جي مذمت ڪئي. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ذاتي ۽ سياسي عملن سان اختلافن باوجود اهو قطعي برداشت نٿو ڪري سگهجي ته ڪير هن جون تصويرون ان طرح سان رکي، گلزار ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ سدائين ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي لاءِ سراپا احتجاج رهي آهي سنڌ اڄ به ساڳيو مطالبو ڪري ٿي، پر پ پ انهن ڌارين جي نيڪالي جي ڳالهه نٿي ڪري نتيجي ۾ اڄ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي تضحيڪ واريون پوسٽون اچي رهيون آهن. عمران چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن تنقيد ڪرڻي آهي ته وزيراعليٰ تي ڪئي وڃي پر ڀٽو جي تضحيڪ برداشت نه ڪئي ويندي. پرويز چانڊيو، صدام حسين چانڊيو، جاويد ڀٽو، ارشاد لغاري پڻ ڀٽو خلاف پوسٽ جي مذمت ڪئي. صدرالدين عمراڻي لکيو ته ڀٽو جي تصوير ايڊٽ ڪري شيئر ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪجي ٿي، شوڪت اياز نظاماڻي لکيو ته ڀٽو عالمي اڳواڻ هو پ پ سان اختلافن جو مقصد اهو ناهي ته ان خلاف پوسٽ رکي وڃي. صفدر سرڪي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آئون ڪڏهن به پ پ جو حامي ناهيان رهيو پر جڏهن ڪير پ پ جي اوٽ ۾ سنڌ دشمني ۾ ليڪا لتاڙي پنهنجي ڪيني کي ظاهر ڪندو آهي ته رت ٽهڪي پوندو آهي. همٿ مغيري لکيو ته ڇا پ پ وارن هاڻي ايتري به مزاحمت ناهي بچي جو اهي ان کي جواب ڏين. عابد لاشاري لکيو ته اهڙي ڪريل حرڪت ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. ديبا سحر لکيو ته فڪس اٽ جي نالي سان سوين پيجز آهن اها حرڪت ڪنهن ۽ ڇو ڪئي؟ عالمگير خان کي هر صورت ۾ وضاحت پيش ڪرڻي پوندي ڇو ته اهڙي ڪا حرڪت برداشت جوڳي ناهي. عرفان عالماڻي لکيو ته پ پ سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر شهيدن جي تذليل برداشت نٿي ڪري سگهجي، اياز لطيف پليجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن ڪير ماضي جي ايم ڪيو ايم حڪمراني تي ڪري ته اڪثر پاڪستاني ۽ مهاجر به متفق هوندا جيڪڏهن ڪير سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت يا سنڌ ۾ گورننس تي تنقيد ڪندو ته به ماڻهو ساٿ ڏيندا، مهذب تنقيد ضرور ڪريو پر سر سيد، مولانا جوهر، محمد علي جناح، لياقت علي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي ۽ سورهيه بادشاهه خلاف غير سياسي ڪريل ٻولي استعمال ٿيندي يا سنڌ جي وحدت تي حملا ٿيندا ته ڪير به برداشت نه ڪندو. الاهي بخش بڪڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پ پ سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ڀٽو جي هن طرح جي تصوير رکي ڪريل حرڪت ڪئي وئي آهي. فيروزه لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عالمگير خان پاران شهيد ذوالفقار ڀٽو جي تصوير جي تذليل ڪئي وئي آهي عمران خان کيس سمجهائي، اهڙي حرڪت ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *