تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اشو آف دي ڊي

اهلڪارن جو ڳوٺاڻي تي تشدد: سوشل ميڊيا تي لاڙڪاڻو پوليس مٿان تنقيد
لاڙڪاڻو پوليس جي اهلڪارن جو ڳوٺاڻي تي سرعام تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد پوليس مٿان تنقيد پڻ شروع ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته پورهيت محمد رمضان تي الزام آهي ته هن جي گڏهه ٻڪري ماري آهي جنهن تي پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ايس ايچ او فتح پور جي مبينا هدايتن تي پهتل اهلڪارن سرعام پورهيت محمد رمضان تي تشدد ڪيو، تشدد ڪندڙ اهلڪارن جا نالا تسليم ٻگهيو، عمران ٻگهيو ۽ جبار ٻٽ ٻڌايا پيا وڃن، فتح پور پوليس ڳوٺ ڪاراڻي ۾ اهڙي ڪارروائي ڪئي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ اهلڪار ڳوٺاڻي کي چپل لاهي هڻي ٿو ۽ کيس لٺيون پڻ هڻي ٿو، اهلڪار ڳوٺاڻي کي گاريون پڻ ڏيندو رهي ٿو، ڳوٺاڻي کي زوري گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ڳوٺاڻي جي تذليل ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي پوليس مٿان تنقيد ٿي رهي آهي. فيروزه لاشاري اهڙي وڊيو شيئر ڪندي پوليس جي ان عمل جي مذمت ڪئي، هن لکيو ته لاڙڪاڻو پوليس شهرين جي عزت ۽ جان ۽ مال جو تحفظ ڪندي؟، پوليس جو رويو ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو پيو وڃي، هڪ پيرسن بداخلاقي ڪندڙ اهلڪارن لاءِ به ڪا سزا قانون ۾ آهي؟ ذوالفقار بلوچ، عمران علي ڪلهوڙو، باغي سومرو، مير ايم مهر، غلام شبير مري، عطاءُالله جکراڻي، عبدالحميد تنيو پوليس جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته آءِ جي سنڌ کي پوليس اهلڪارن خلاف نوٽيس وٺڻ گهرجي.هڪ ٻي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ريحان خان لکيو ته عوام ته پيرسن کي سمجهائي رهيو آهي ته پوليس کي گاريون نه ڏئي ؟ گلزار علي لکيو ته اها وڊيو ايس ايس پي کي ڏيکاريو، مير بلوچ، طارق آر ايم، نذير جتوئي لکيو ته پوليس وارن کي شهرين سان عزت سان پيش اچڻ گهرجي، فرحان علي لکيو ته وڏي ڳالهه آهي جو 5-5 خون ڪندڙ آزاد گهمندا ٿا وتن انهن کي ته ڪجهه نٿو ڪيو وڃي باقي پوليس هن پيرسن سان ظلم ڪيو آهي، فقير محمد، قربان علي، پرويز جروار، فهد مينگل، امجد شيخ، شهزور علي آگاڻي، رمضان بلوچ، انور علي، محمد امين، مظهر گوپانگ، سعيد جاگيراڻي، خالد حسين ۽ ٻين پڻ پوليس جي ان عمل جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته پوليس اهلڪارن خلاف ايڪشن کڻڻ گهرجي، پوليس جي اهلڪارن کي شهرين سان بدتميزي نه ڪرڻ گهرجي، لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ ۾ پوليس جي ظلم جا اهڙا واقعا پيش ٿيندا اچن ٿا جن کي روڪڻ جي ضرورت آهي، پوليس جي اعليٰ اختيارين کي معاملن جو فوري نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اڳتي اهڙا واقعا پيش نه اچن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *