تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اشو آف دي ڊي … ڪينجهر واقعو: عوام حفاظتي انتظامن بابت سوال اٿاري ڇڏيا

ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 13 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان 10 ڀاتي ٻڏي فوت ٿي ويا ۽ ٽن ڄڻن کي بچايو ويو هو اهڙي سانحي بعد سوشل ميڊيا تي سوڳ واري لهر ڇانيل رهي ۽ مختلف سوال اٿاريندي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي گهر پڻ ڪئي وئي. قمبر علي شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ سياحن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي ڪري 10 انساني جانيون ضايع، ڪينجهر جي هوائن ۾ ماتم برپا ٿي ويو. امر منصور ٻگهيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪينجهر واقعي ۾ فوت ٿيلن مان ڪنهن به هڪ کي سيفٽي ڪٽ پاتل نه هئي ان بنا ڪيئن پاڻي ۾ سفر جي اجازت ڏني وڃي ٿي؟ واقعي جو ڪيس اتان جي انتظاميا تي داخل ٿيڻ گهرجي. مير کوسو لکيو ته ڪينجهر واقعي تي ڏک جو اظهار ڪجي ٿو، نذير احمد، غلام حيدر لاشاري، سجاد علي پنهور، عبدالقيوم لاشاري، نعمت الله، شير محمد هاليپوٽو پڻ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. غلام قادر جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نوري مرشدياڻي نه پر هڪ رومانوي ڪردار آهي ڇا اهڙي تفريح پنهنجن ٻچن ۽ خاندان کان وڌيڪ آهي؟ حسن پنهور لکيو ته اتي ٻارن کي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري رسڪ نه کڻڻ گهرجي، جبار زنئور لکيو ته اصل ۾ وڏن شھرن جي گھٽ ٻوسٽ ٻيو ڪورونا وائرس، جڏهن اسڪول به ڇهه مھينن کان بند ھجن پوءِ ماڻهو آخر مجبور ٿي تفريح لاءِ نڪرن ٿا اصل ٻيڙي ته انتظاميا جي ٻڏل آهي جيڪي نه ته انهن ماڻهن کي سيفٽي جيڪٽ مھيا ڪن ٿا ۽ نه ريسڪيو جا ڪي جوڳا انتظام آهن، سو بجاءِ ان بدنصيب فيملي تي تنقيد ڪرڻ جي ڪينجھر جي نااھل انتظاميا تي به ڪجهه لکڻ گھرجي.قاسم راڄپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نوري تي معصوم ٻارن جي وڃڻ تي مڪمل پابندي هئڻ گهرجي، اڻ سکيل ناکا هر روز حادثن جو سبب بڻجي رهيا آهن. مخمور بخاري لکيو ته ناکئا غيرسنجيده رويو رکن ٿا ذاتي تجربو آهي ته ناکئا ٻيڙي تيزي هلائي سواري کي جلد واپس ڪناري تائين پهچائيندا آهن ته جيئن ٻئي سواري کڻي سگهن، سندن لالچ ۽ غيرسنجيده رويي جي ڪري حادثا پيش اچن ٿا. محب علي ڪڪري لکيو ته ٻيڙي وارن خلاف گهٽ پر ٺيڪيدارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جيڪي ملازمن کي جلد اچڻ وڃڻ جو چوندا آهن هڪ ته ناکئا اڻ سکيل هوندا آهن ٻيو وري انهن کي سواري ڏسي هوش ناهي رهندو. اشفاق احمد ميمڻ لکيو ته لائيف جيڪٽ هجڻ جو لازمي آهي. اياز کوسو لکيو ته ڪينجهر تي ٻيڙيون هلائڻ وارن کي لائسنس ڪير جاري ڪري ٿو؟ اڳ به ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن فوري طور تي جاچ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا پتو لڳائي ته ذميوار ڪير آهي؟ شهزاد علي لکيو ته ٻيڙين ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو کنيا وڃن ٿا جنهن ڪري ان قسم جا واقعا پيش اچن ٿا، آدم جانيارو لکيو ته ڪو به لائسنس جاري ناهي ڪيو ويندو، ذوالفقار علي ميراڻي لکيو ته جتي به قانون جي حڪمراني ۽ سزا جزا جو عمل ناهي هوندو اتي ان قسم جا واقعا عام هوندا آهن دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ هر شيءِ جي نگراني ڪئي ويندي آهي.شفيق احمد، نثار جمالي، مقصود احمد ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. عبدالقدير ميمڻ لکيو ته ڪينجهر تي تفريح لاءِ ويندڙن جي ٻيڙي ٻڏي وئي جنهن ڪري انساني جانيون ضايع ٿي ويون، وزيراعليٰ سنڌ جون جوڙيل سنڌ ريسڪيو ٽيمون ڪٿي هيون؟

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *