تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

اشو آف دي ڊي … ڪراچي کي اک ۾ رکي ويٺل قوتن کي پ پ ڪم سولو ڪري ڏنو

سنڌ حڪومت قانوني ۽ آئيني اختيارن ۾ آئيني ۽ قانوني ڍانچي کي پاسيرو رکي وفاقي سرڪار ۽ سندس اتحادي ايم ڪيو ايم کي ڀائيوار ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 6 رڪني ڪو آرڊينيشن ڪاميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، ڪراچي لاءِ جوڙيل ڪاميٽي کي عوام رد ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن جي نگراني لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو ڪاميٽي تي اتفاق، ڪهڙي آئين ۽ قانون جي گهرج آهي؟ ڪنهن کي چونو لڳايو پيو وڃي؟ ڪراچي کي اک ۾ رکي ويٺل قوتون جن کي ڪو سرو هٿ نه پئي آيو پ پ حڪومت انهن کي ڪم سولو ڪري ڏئي ڇڏيو. اهڙي پوسٽ تي عائشه ڌاريجو لکيو ته پ پ وارا ٻيو ڪجهه ڪري به ڇا ٿا سگهن، عباس پٺاڻ لکيو ته پ پ پهريون ڀيرو اهڙو ڪم ناهي ڪيو اڳ به سهولتڪار بڻي آهي جنهن ۾ ٻٽو نظام به شامل آهي. جامي چانڊيو لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي ناجائز ۽ غير آئيني آهي، مرڪز جو صوبي جي انتظامي ۽ صوبائي سياسي معاملن ۾ مداخلت وارو ڪوبه ڪردار نه هئڻ گهرجي. پ پ پ حڪومت مفاهمتي ۽ موقعي پرست سياست جي ڪري ارڙهين ترميم جي نفي پاڻ پئي ڪري. دودو چانڊيو لکيو ته پ پ پ هڪ ڌڪ سان هڪ ڏينهن ۾ ٽي شڪار ڪيا. 1: اسلام آباد ۾ وڃي سنڌ مٿان اڻ سڌي ريت ون يونٽ لڳرايو، 2: سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري سنڌي ماڻهن کي لولي پاپ ڏنو. 3: پنهنجي ڪارڪنن کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پارٽي سنڌ جي تقسيم جي خلاف آهي. فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته برسات جي ڪري لاهور ٻڏي رهيو آهي وفاق اتي الائي ڪڏهن ڪاميٽي ٺاهيندو؟ اين ڊي ايم اي گٽر صاف ڪرڻ لاءِ اتي ڪڏهن پهچندي؟ اسد ممتاز رڏ لکيو ته پيپلزپارٽي اقتدار خاطر ڪراچي کي وفاق حوالي ڪري ڇڏيو، ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي کانپوءِ ڪيٽي بند کان گوادر تائين سامونڊي پٽي سي پيڪ اٿارٽي حوالي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، علي ڪيريو لکيو ته وڏي وزير مراد شاهه ووٽن تي کٽيل جنگ اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ميز تي هارائي ڇڏي. نعمت کهڙو لکيو ته سنڌ حڪومت جي مٿان يا سنڌ حڪومت برابر ڪا به ڪاميٽي قبول ناهي، تاريخي وطن جي حرمت تي حملو برداشت نه ڪنداسين. گلشن لغاري لکيو ته سنڌ جي ماڻهن جيڪڏهن هن وقت احتجاج نه ڪيو ته ڪراچي جي حوالي سان جلد ٻيو ڪو سنڌ دشمن فصلو اچي ويندو. انعام الله شيخ لکيو ته پ پ سنڌ جي درست نمائندگي ڇو نٿي ڪري؟ ان کان وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته سنڌ پ پ کان بهتر متبادل پيدا ڪرڻ ۾ ڇو ڪامياب نٿي ٿئي؟ سعيده گوپانگ لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي کي کڻي شاهه لطيف، سچل جو نالو ڏيو تڏهن به قبول نه ڪنداسين. محسن رند لکيو ته سچ اهو آهي ته وفاق ڪراچي کي سنڌ جو حصو ئي نٿو سمجهي، سنڌ سرڪار جو وفاق اڳيان وس نٿو هلي، پنهنجي نا اهلي کي مفاهمت جو نالو ڏئي احتجاجن جو سڏ ڏئي سنڌي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ پيا وجهن. ذوالفقار واهوچو لکيو ته پ پ پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ سنڌ جي قومي دائمي مسئلن تان هٿ کڻي چڪي آهي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ خطري هيٺ آهي، سنڌي عوام جو اثرائتو احتجاج سامهون نه آيو ته پڪ سمجهو ڪراچي عملي طور وفاق حوالي ٿي ويندي هاڻ ته رڳو انتظام هلائڻ ۾ وفاق کي حصيداري ملي آهي. حريف خان چانڊيو لکيو ته ڪاميٽي صرف ڪراچي لاءِ ئي ڇو ٺاهي وئي آهي؟ ڪامران سهتو لکيو ته پيپلزپارٽي جي بيڊ گورننس جي سزا سموري سنڌ ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، ڪراچي ڪاميٽي جو مقصد سنڌ سرڪار کي مفلوج ڪرڻ آهي. ڪراچي ڪاميٽي جو سربراهه به ڪير نه هوندو، اڻ سڌي طرح معاملا ڪير ڏسندو؟ سڀ سمجهون ٿا.افروز ڪٽپر لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي نامنظور، سنڌ دشمن منصوبا منظور نه ڪيا ويندا. شيخ اسرار لکيو ته مراد علي شاهه سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي حوالي ڪري سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي، جمهوريت ۽ ووٽن جي بيعزتي ڪئي آهي، مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پاڻي فراهمي، سيوريج، گند ڪچرو کڻڻ، نالن جي صفائي، حددخليون هٽائڻ، ترقياتي ڪمن ۽ ٽرانسپورٽ جا صوبائي اختيارڪاميٽي حوالي ڪري ڇڏيا. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غلام حسين ڪٽپر لکيو ته ڪراچي تان هٿ کڻڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، سنڌ تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهي آهي، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته وفاق جي ٽياڪڙي ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ٿيل معاهدو وزيراعليٰ مراد علي شاهه سنڌ جي عوام آڏو پڌرو ڪري. فقير مجيب رحمان چانڊيو لکيو ته سنڌ جو عوام مطالبو ڪري ٿو ته معاهدي جا تفصيل پڌرا ڪيا وڃن.ظهور بوزدار لکيو ته ڪراچي ڪاميٽي ناجائز ۽ غير آئيني آهي، پ پ ته ڪراچي ڏئي ڇڏي پر سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي ڪاميٽي کي چيلنج ڪرڻ گهرجي.پيپلزپارٽي ڪراچي ڦرائي پنهنجو ڪردار ادا ڪري چڪي آهي، هاڻي ڏسجي ته جي ڊي اي وارا وفاقي حڪومت کان ڌر ٿين ٿا يا نه؟ نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ووٽر به ڇا ياد ڪندا، هڪ طرف ڪراچي ڪاميٽي ٻئي طرف ڪراچي تي قبضي خلاف مظاهرا، ٽئين طرف مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هنيا ويا. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رحمت الله ماڃوٺو لکيو ته هڪ ٽڪيٽ ۾ هيترا مزا..حبيب جمالي لکيو ته پاور پاليٽڪس ڪندڙ پارٽين مان قوم جي تحفظ جي اميد نه رکو، اقتدار لاءِ اهي پارٽيون ڪجهه به ڪري سگهن ٿيون، اڳ ۾ سنڌ ۾ قومپرست پارٽين جي صورت ۾ وڏو پريشر گروپ هوندو هو هاڻي اهڙو ڪجهه ناهي، سنڌ فٽبال وانگر حاڪمن جي قدمن ۾ ٿڏجي پئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *