تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

اشو آف دي ڊي … ”ڪراچي سنڌ آهي“ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان: ڀرپور آجيان

”ڪراچي سنڌ آهي“ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي سوشل ميڊيا تي ڀرپور آجيان ڪئي وئي، روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز گروپ پاران هميشه جيان هن سال به ايڪتا جو ڏهاڙو سنڌ جي عوام سان گڏ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايڪتا جو ڏهاڙو جيڪو هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرين آچر تي ملهايو ويندو آهي سو هن ڀيري 6 ڊسمبر تي ملهائڻ لاءِ تيارين جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن ڀيري ايڪتا جو ڏهاڙو “ڪراچي سنڌ آهي” جي سري هيٺ ملهايو ويندو ۽ انهي پيغام کي عام ڪيو ويندو ته ڪراچي شهر سنڌ جي دل آهي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي ڪراچي سنڌ آهي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان ٿيل اعلان جي آجيان ڪندي چيو ويو ته جيڪي ماڻهو سنڌ جي دل ڪراچي تي ڪا ميري اک رکن ٿا اهي پڻ هن اجتماع ۾ شريڪ ٿي چوندا ته “ڪراچي سنڌ آهي!” ڇو ته سنڌي جي هن ميڙ ۾ ٻين قومن جا ماڻهو به شريڪ ٿيندا آهن جيڪي پڻ چوندا ته ڪراچي سنڌ آهي.عرفان عالماڻي، ابراهيم مخدوم، علي ڪامران سهتو، مسرور کهڙو، پرويز علي، ساجد جويو، انعام جلباڻي، عبدالقيوم، محسن خاصخيلي ۽ ٻين پاران ڪراچي سنڌ آهي ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ راءِ جو اظهار ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ڪراچي سنڌ آهي جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪرڻ سٺو فيصلو آهي. دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن سال 6 ڊسمبر تي ملهائجدڙ ايڪتا ڏينهن/ ثقافتي ڏينهن/ اجرڪ ٽوپي ڏينهن/ سنڌي سنڊي ڏينهن “ڪراچي سنڌ آهي” جي عنوان سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سمورن سنڌين کي ان ڏينهن تي ڪراچي اچڻ گهرجي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي فاروق سومرو لکيو ته ڪراچي سنڌ آھي ئي آھي پر جيڪي ان کي الڳ ڏسي رھيا آھن يا ان جي خواھش پيا رکن ان کي سنڌ واسي ان ڏينھن پيغام ڏيندا اھو ڪراچي جو ڪڇي ھجي ڪاٺياواڙي ميمڻ يا ڪو اردو ڳالھائيندڙ سنڌي ته سنڌ ھڪ آھي ورھايو ۽ حڪومت ڪريو جا سمورا حربا ناڪام ٿيندا. گريٽ ميسيج، امداد بلوچ لکيو ته سٺو فيصلو ڪيو ويو آهي، الاهي بخش بڪڪ لکيو ته علي قاضي کي جس ھجي جنھن سنڌين جي عيد جو اعلان ڪري سڄي دنيا جي سنڌين کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ڇڏيو اسان اھا عيد ھر سال سڄي دنيا ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائيندا آھيون ان ڏينھن سنڌي ڪراچي کان ڪشمور۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گڏ ٿيندا آھن، سعيد گوپانگ لکيو ته ڪراچي سنڌ آھي ڪراچي سنڌ جي دل روح ۽ جسم آھي زبيده جوڻيجو لکيو ته بلڪل اچبو ڪراچي اسان جي آھي، ڪراچي سنڌ جي دل آھي ارم محبوب پڻ آجيان ڪئي، جمن احمداڻي لکيو ته سنڌين کي سجاڳي جو سڏ ڏيئي متحد ڪري سنڌي ڪلچر کي وکيريندڙن ۾ علي قاضي جو بنيادي ڪردار آھي. مير هزار سومرو لکيو ته ڪراچي سنڌ آھي،جي حوالي سان سنڌ جو ٽوپي اجرڪ جو ثقافتي ۽ ايڪتا جو ڏينهن ڪري ملھائڻ جي شاندار باوقار فيصلي جي ڀرپور حمايت ڪجي ٿي اهو اڄ تاريخ ۽ سنڌ جي ضرورت بڻجي وئي آھي ته ايندڙ نسلن کي سيمينارن ڪارنر گڏجاڻين جلسن جي پروگرامن ذريعي مڪمل آگاهي ڏجي، حسين سنڌي لکيو ته وقت ۽ حالت جي بنسبت ڪراچي سنڌي آھي جي عنوان جي چونڊ بھترين زبردست آھي، ان کانسواءِ ڪراچي سنڌ آهي ٽرينڊ پڻ سوشل ميڊيا تي هلايو ويو جنهن ۾ نور بلوچ، حڪيم زنگيجو، بخت جاني ڀٽو، عامر جوڻيجو، نذير خاصخيلي، محمد بلال، منصور احمد، نثار ٻرڙو، توفيق ڀٽي، آصف مستوئي، فياض جکراڻي ۽ ٻين حصو ورتو، ان کانسواءِ سنڌي اجرڪ هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو جنهن ۾ شانل کوسو، مراد پندراڻي، فرحت پروين فاخره ابڙو، سرمد سچل وڌو، شهزادي حسين، ارسلام ضمير، اويس لغاري، منگلا شرما، پرويز مجيد جانوري، نصرالله ڳاهو، محمد عابد، فرحان آفتاب، سعيد جهتيال، راڻا ڪيول راٺوڙ ۽ ٻين هزارن جي تعداد ۾ اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪي واريون تصويرون شيئر ڪيون

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *