تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

اشو آف دي ڊي … چانڊڪا اسپتال جو ايم ايس ۽ ملازم آمهون سامهون: بحث

چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ۽ ميڊيڪل ملازمن ۾ ٻن هفتن کان ڇڪتاڻ هلي رهي آهي اهڙي معاملي تي سوشل ميڊيا تي به بحث هلي رهيو آهي ۽ ملازمن توڙي ايم ايس جي حمايت ۾ پوسٽون شيئر ڪيون پيون وڃن، چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ارشاد ڪاظمي جي نالي سان فيس بوڪ آءِ ڊي تان لکيو ويو آهي ته عوام جو پئسو امانت آھي. غير حاضر ملازم کي غيرحاضري جو اُجورو يا پگھار نٿي ڏئي سگھجي. ھڙتالي ملازم پنھنجي ڊيوٽين تان غيرحاضر آھن. جيترن ڏينھن جي غير حاضري ھوندي، اوترن ڏينھن جي پگھار ڪٽي ويندي ۽ ضابطي جي ڪاروائِي به ٿيندي. ڪم نه، ته اُجورو به نه. اهڙي پوسٽ کي سوين ماڻهن شيئر ڪيو ۽ لکيو ته ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪي ملازم ڊيوٽيون نٿا ڪن انهن خلاف بلڪل ايڪشن کڻڻ گهرجي، ڇو ته ملازمن جي احتجاج جي سزا مريضن کي ملي رهي آهي. نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اهي مٿان لفظ ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي صاحب پنهنجي ايف بي وال تي لکيا آهن. سچ ته اسان جي مٿان کان هيٺ تائين ڪرپٽ بڻجي ويل سماج ۾ هڪ اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (ايم ايس) جي حيثيت سان اهي لفظ چوڻ، لکڻ ۽ انهن لفظن تي عمل ڪرائڻ وڏي جگر ۽ همت وارو ڪارنامو آهي، اهو به ان صورت ۾ جڏهن سامهون بااثر ۽ طاقتور مافيائون ٽڪراءَ ۾ هجن. مون سوچيو هيو ته هي به جهڪي پوندو پر اڃان ناهي جهڪيو. سبب شايد اهو آهي ته هي ايم ايس صاحب خود مافيا ته ناهي پر ميڊيڪل مافيائن کي پسند به نٿو ڪري. هن وقت تائين ائين پيو نظر اچي. شال ڪنهن جي نظر نه لڳيس. ان کانسواءِ چانڊڪا جي ايم ايس هڪ ٻي پوسٽ ۾ هن لکيو ته پاڪستان ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي هڙتال غيرقانوني آهي، او پي ڊي کي تالا لڳائڻ غيرقانوني آهي، آئون پنهنجو فرض ادا ڪريان ٿو ڪنهن تي ڪو احسان ناهي، اداري جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندس. جڏهن ته احتجاج ڪندڙ ملازمن جي حمايت ۾ پڻ پوسٽون شيئر ڪيون ويون، جڏهن ته صفدر سنڌي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي لاڙڪاڻي جي مک چاندڪا اسپتال ۾ پيراميڊيڪل ملازمن ۽ ايم ايس وچ ۾ ٻن هفتن کان هلندڙ ڇڪتاڻ ختم نه ٿي، ڏورانهن علائقن کان پهچندڙ سوين مريض رلي ويا، پيراميڊيڪل ملازمن پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائيندي چانڊڪا اسپتال جي سمورين او پي ڊيز جي تالابندي ڪري اسپتال جي سمورن وارڊن ۾ ڪم ڪار بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته اسپتال جي ايم ايس کي هٽائي سندس طرفان ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي. ملازمن جي احتجاج سبب اسپتال ۾ گندگي ٿيڻ بابت پوسٽون پڻ شيئر ڪيون ويون اتي صفائي ڪرڻ واريون پوسٽون به شيئر ڪيون ويون. نثار کوکر ڊاڪٽرن جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هي ڊاڪٽر ايئن ئي هيروز نٿا سڏجن.، چانڊڪا جي ٻارڙن واري اسپتال ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٻارڙي کي دوا نٿي ملي ته سموري ميڊيا، سمورا جج، سموري انتظاميا ڊاڪٽرن کي برو ڀلو چوڻ کان ويندي قاتل قرار ڏيڻ تائين سندرا ٻڌي بيهي رهن ٿا پر هاڻي جڏهن مريضن کي هڙتالين جي حال تي ڇڏڻ بدران ڊاڪٽرن اسپتال جي پاڻ صفائي ڪرڻ شروع ڪئي آهي ته سڀني جا چپ سبيل آهن..ڪو هڙتالين کي ته ڪجهه نٿو چوي پر هنن ڊاڪٽرن کي شاباش چوڻ لاءِ به وٽن لفظ ناهن. ائين انصاف ناهي ٿيندو صاحب ! چور کي چور ۽ سٺي کي سٺو چوڻو پوندو. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رشيد ابڙو لکيو ته نيڪ مقصد قومن کي عظيم بڻائيندا آهن، علي محمد ڀٽو، سجاد علي، وقار ملاح، مجاهد علي سولنگي، اياز ميمڻ ۽ ٻين ڊاڪٽرن جي اهڙي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ سلام پيش ڪيو. جڏهن ته مجيب ابڙو، سعيد احمد، اسلم شيخ لکيو ته اهو بهترين ڪم آهي پر سڀ تصويرون غور سان ڏسجن ته سڀ هڪ ئي هنڌ هڪ ئي وارڊ جون آهن ٽئي ڊاڪٽر هڪ ئي هنڌ صفائي ڪري رهيا آهن جنهن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته اهو ڪم صرف فوٽو سيشن ئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي تعريفون ڪرائڻ آهي، ڊرامائي انداز ۾ ٻهارو کڻي فوٽو ڪڍرائڻ سان ڪير هيرو ناهي ٿيندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *