تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

اشو آف دي ڊي … ”ڀنگ پوکڻ جي منظوري – هزارين نوڪريون ملنديون“ دلچسپ تبصرا

وفاقي ڪابينا سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڀنگ پوکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي ڀنگ جي حوالي سان دلچسپ پوسٽون شيئر ڪرڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڀنگ جي حوالي سان وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاڻ ڀنگ پوکيندي، پوٺوهار ريجن ڀنگ جي پيداوار لاءِ بهترين ريجن آهي، حڪومت هاڻي پاڻ ڀنگ پوکيندي. اسان کي صنعتي طور ڀنگ جي پوکائي جي استعمال جو لائسنس مليو آهي، 2016ع بعد هڪ انقلابي ريسرچ به سامهون آئي آهي ته ڀنگ شديد سور جي مريضن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، ڀنگ جي ٻوٽن سان فائبر به ٺهي ٿو جيڪو ٽيڪسٽائل انڊسٽري لاءِ لاڀائتو آهي، ڪپهه جي پيداوار گهٽ ٿيڻ تي ڀنگ جو ٻوٽو ان جي ضرورت پوري ڪري سگهندو، ڀنگ دوائن ۾ استعمال ٿيندي، ڀنگ سان ڪينسر جون دوائون ۽ ايٿليٽس لاءِ تيل به ٺهي رهيو آهي، هي ڀنگ جو نسل ضرور آهي پر ڀنگ ناهي اهو ٻوٽو گهوٽي پيئڻ سان ڪو به اثر نه ٿيندو. ان سلسلي ۾ رحمت الله ماڃوٺي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مبارڪون …. مونکي اڄ خبر پئي آهي ته، ٻه ڏينهن اڳ ئي سرڪار سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڀنگ پوکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اميد آهي ته زرعي يونيورسٽين کي ٻيا سڀ ڪم ڇڏائي، ڀنگ جي اعليٰ ٻج جي کوجنا تي لڳايو ويندو جيئن وڌ کان وڌ ڀنگ پوکي زمينن کي سيراب ۽ دماغن کي خشڪ ڪري ترقي يافتا قومن جي صف ۾ قطارجي سگهون. پٺاڻ علائقن ۾ اڳ ئي ڏوڏي پوکجي. هاڻ سنڌ ۽ پنجاب ٻئي ڀائر گڏجي “بوبڪ” ٿا ٿين ته انهيءَ کان وڌ خوشي جهڙي ٻي ڪهڙي ڳالھه. مونکي يقين آهي ته هي ته هن سلسلي جو پهريون قدم آهي، ڇو ته لازمي طور ٻيو قدم زرعي اجناس جا ڪارخانا لڳائڻ هوندو آهي . جيئن ڪمند پوکجي ٿي ته شوگر مل به لڳي ٿي. ڪپھه ٿي پوکجي ته جننگ فيڪٽري يا ٽيڪسٽائل مل ٿي لڳي. ڪڻڪ ٿي پوکجي ته فلور مل ٿي لڳي يا چانور ڇڙڻ ۽ پالش ڪرڻ جا ڪارخانا ٿا لڳن،تيئن انشا الله هاڻ جلد ٻُڌنداسين ته اتر سنڌ جي هر شهر ۽ لاڙ جي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڀنگ گهوٽنگ ۽ سپلائنگ ملز جي قيام جو اعلان ٿيندو. هزارين نوڪريون نڪرنديون، جن ۾ ڀنگ مئنيجر گريڊ ارڙنهن، ڀنگ آفيسر گريڊ سترنهن. ڀنگ انسپيڪٽر گريڊ سورنهن، ڀنگ ڪوالٽي چيڪر گريڊ سورنهن، ڀنگ لائن مين گريڊ يارنهن ، ڀنگ لائن سپرنٽينڊنٽ گريڊ چوڏنهن ، ڀنگ ميٽر ريڊر گريڊ نائون. پٽيوالا، چوڪيدار، گهوٽنگ انجنيئر، گهوٽنگ اسٽاف، مطلب ته هزارين نوڪريون نڪرنديون ۽ پائپ لائن ذريعي ڀنگ جا ڪنيڪشن ڏنا ويندا. هر اک ڳاڙهي هوندي. مختلف اهم سياسي شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ڀنگ گهوٽنگ اينڊ سپلائنگ ملز سندن نالن سان منسوب ڪئي ويندي. هر طرف سُک هوندا، اک ڪَڪڙي هوندي. روزگار هوندو، هٿ جوڙ هوندي، ڏوھ جو ريشو گهٽجي ويندو، بس ڪجهه صدائون ٻُڌڻ ۾ اينديون ته خير آهي، عظيم مقصدن جي حاصلات لاءِ قومون ننڍيون قربانيون ڏينديون رهنديون آهن. قوم جي ترقيءَ لاءِ کليل هن دريء تي توهان کي خماريل مبارڪون ۽ ڀنگ گهوٽنگ اينڊ سپلائنگ ملز ۾ سٺي روزگار ملڻ جي دعا. اهڙي پوسٽ تي سليمان سومرو لکيو ته هاڻي بيماريون ختم ٿينديون ڊاڪٽرن جون فيون به نه ڀرڻيون پونديون، هي ترقي طرف قدم آهي. ان کانسواءِ غلام علي سومرو، مير محمد، سڪندر مگسي، عبدالستار، اڪبر عارباڻي، نور احمد سمون، جمال محمود کهڙو ۽ ٻين پڻ دلچسپ تبصرا ڪيا، رسول بخش لاڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀنگ جو ٻج ڪٿي ملندو مون کي به پوکڻو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *