تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اشو آف دي ڊي … پي ايچ ڊي سپروائيزر جي ظلمن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندڙ شاگردياڻي ناديه اشرف سان انصاف ڪيو وڃي: سوشل ميڊيا تي مطالبو

ڊاڪٽر پنجواڻي سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن اينڊ ريسرچ يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردياڻي ناديه اشرف پنهنجي پي ايچ ڊي سپروائيزر جي ظلمن کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، اهڙي واقعي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي. جسٽس فار ندا اشرف هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ رهيو. ان کانسواءِ سيف انوائرمينٽ فار اسٽوڊنٽس ۽ اسٽوڊنٽس رائٽس هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايا ويا. ان واقعي بعد ماهره سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان جي مسجدن ۾ ٻارن سان ايتريون زيادتيون ناهن ٿينديون جيتريون ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين سان زيادتيون ٿينديون يا وري هراسان ڪرڻ جهڙا واقعا ٿيندا آهن، خاص طور ايم فل ۽ ميڊيڪل سان لاڳاپيل شاگردياڻين کي وڌيڪ هراسان ڪيو ويندو آهي، ايئن چوڻ غلط نه هوندو ته تقريبن هر ڇوڪري کي هراساني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي اهڙي هراساني کي مون پاڻ منهن ڏنو ۽ مون هر موقعي تي مزاحمت ڪئي جوتو لاهي سامهون واري کي وهائي ڪڍيو پر هر ڇوڪري ماهي ناهي هوندي. ڪجهه هار مڃي وٺنديون آهن ته ڪجهه وري خودڪشيون ڪنديون آهن، وقت اچي ويو آهي ته پروفيسر، سپروائيزر، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ، ڊين، پرنسپل، وي سي هجي يا ڪو ٻيو تعليم سان لاڳاپيل هر اهڙي شخص کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ان حوالي سان عدليه ۽ پارليامينٽ کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صنم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊاڪٽر ماهره سيد صرف تعليمي ادارن جي ڳالهه ڪئي آهي پر حقيقت اها آهي ته عورت هر ڊپارٽمينٽ، پبلڪ پليس، ايتري تائين جو پنهنجي گهرن ۾ به هراسان ڪئي ويندي آهي، سياست ۾ عورتن کي هراسان ڪيو ويندو آهي، صحت جي شعبي ۾ به ساڳيو حال آهي، ڪهڙو ادارو آهي جتي عورت محفوظ آهي؟ پر ان جو اهو مطلب ناهي ته عورت خودڪشي ڪري ڇڏي. مراد پندراڻي لکيو ته هن سماج ۾ عورت ڪيترن ئي منفي ۽ غيرانساني قدرن جي اثر هيٺ آهي. اشفاق جويو لکيو ته اڪثر عورتون به مرد کي هراسان ڪنديون آهن ۽ اڪثر مرد تي سڄو ملبو ڇو اڇلايو ويندو آهي؟ راجا فهد لکيوته ڇوڪريون پڙهيل لکيل آهن جيڪڏهن پاڻ نه چاهين ته ڪجهه به نٿو ٿي سگهي. ظهر عباس بلوچ، ارشد علي چانڊيو، غلام قادر چانڊيو، اصغر مغيري، چندر ايم راٺوڙ، نيڪ محمد جوڻيجو، آصف ڀيو، شاهنواز لغاري، رميش ڪمار ۽ ٻين اهڙي پوسٽ تي واقعي بابت افسوس جو اظهار ڪيو. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي پاڻ يونيورسٽي ۾ هراسمينٽ جا ڪيس سالن کان جوابدارن خلاف هراسمينٽ ڪاميٽي ۽ پوليس جاچ کان الزامن جي تصديق ۽ سفارشون وي سي جي ٽيبل تي پيل آهن، يونيورسٽين جا وي سي هراسمينٽ ڪاميٽي جي سفارشن باوجود هراسان ڪندڙ پروفيسر خلاف قدم نه کڻن ته ان جي سزا ڇا هجڻ گهرجي؟. بشرا پتولي لکيو ته هاڻي اسٽوڊنٽس کي انتظاميا جي دٻاءُ کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو، قربان علي شر، امجد علي، ظفر علي سيال، اڪبر چانڊيو، واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. علي هشام قاضي لکيو ته ناديه اشرف هڪ لائق محقق هئڻ باوجود گذريل 15 سالن کان پي ايچ ڊي مڪمل نه ڪري سگهي، ان جو سبب اهو هو ته ناديه پنهنجي دوستن کي چوندي هئي ته پي ايچ ڊي سپروائزر منهنجي پي ايچ ڊي مڪمل ٿيڻ نه ڏيندو خبر ناهي هو مون کان ڇا ٿو چاهي، شير بانو ڪاڪا، گلبدن جاويد مرزا ۽ ٻين پڻ ان وقعي بابت پوسٽون شيئر ڪندي انصاف جي گهر ڪئي.شاهده عثمان، منظور جروار، محموده الطاف ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *