تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

اشو آف دي ڊي … يو اي اي- اسرائيل معاهدو:اماراتي شهزادي سوشل ميڊيا تي پاڪستانين جي ور چڙهي وئي

اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ امن معاهدو ٿيڻ بعد ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ڪجهه ماڻهو ان معاهدي جي آجيان ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ماڻهو وري ان معاهدي جي مخالفت ڪري رهيا آهن، معاهدي جا مخالف ماڻهو يو اي اي تي ناراض نظر اچي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته يو اي اي پنهنجو ضمير وڪڻيو آهي. خميس ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ابوظهبي جي ولي عهد شهزاده محمد بن زايد جو گڏيل بيان شيئر ڪيو هو ۽ اهو اظهار ڪيو ويو هو ته اهو تاريخي معاهدو آهي جنهن سان وچ اوڀر ۾ امن ۾ مدد ملندي. سوشل ميڊيا تي اسرائيل، يو اي اي معاهدي جي حوالي سان مختلف ٽرينڊ هلندا رهيا جنهن ۾ پاڪستان ۾ به ان حوالي سان ڊيئر عربز ۽ الامارات هيش ٽيگ ٽرينڊز هلايا ويا. ان سلسلي ۾ يو اي اي ۽ اسرائيل جي معاهدي بابت اينڪر پرسن ڪامران خان ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هن يوم آزادي جي موقعي تي اسان کي پاڪستان کي به دائمي دوستن ۽ دشمنن جي زنجيرن کان آزاد ڪرائڻو پوندو، اسان جو عظيم دوست گڏيل عرب امارات قومي مفاد ۾ اسرائيل کي قبول ڪيو آهي جلد ئي بحرين، اومان، قطر، ڪويت ۽ سعودي به يو اي اي جي پيروي ڪندا، جيو پوليٽيڪل زلزلي لاءِ تيار رهو. فاطمه ڀٽو هڪ ويب سائيٽ جي خبر ٽوئيٽر تي شيئر ڪئي جنهن موجب اسرائيل غزه ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ اسڪول تي حملو ڪيو آهي ان سان فاطمه پنهنجي پيغام ۾ اهو به لکيو ته گڏيل عرب امارات کي اسرائيل سان معاهدي جون مبارڪون هجن.مشاهد حسين لکيو ته پاڪستان کي گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل معاهدي جي توثيق نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سان ڪشمير مهم کي نقصان پهچندو، آمريڪا پاران ڪرايل اهو معاهدو اسرائيل جي فلسطين تي قبضي کي جائز بڻائي ڇڏيندو ۽ فلسطينن کي ڪا به رعايت نه ملندي. جنهن تي زبير تارڙ مشاهد حسين کي جواب ڏيندي لکيو ته جن عربن جي پويان هلندي پاڪستان اسرائيل سان دشمني رکي آهي اهي انهن سان پاڻ پوئين دروازي کان رابطن ۾ هئا، هاڻي کلي ڪري سامهون اچي ويا آهن، او آءِ سي جو هاڻي ڪو به وجود ناهي، هاڻي وقت ضايع نه ڪريو. بي بي سي موجب انڊيا کان به ان معاهدي تي ردعمل ظاهر ڪيو ويو، بي جي پي جي جنرل سيڪريٽري بي ايل سنتوش لکيو ته اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ ٻه طرفو معاهدو ۽ سفارتي ڪارروائين جي شروعات جي تجويز گيم تبديل ڪري ڇڏيندي.هي امن ڏانهن وڏو قدم آهي، ان ۾ انڊيا جي فتح آهي ڇو ته اسان جا ٻنهي سان سٺا لاڳاپا آهن. جڏهن ته اماراتي شهزادي هيند القاسمي جيڪا اڪثر پاڪستان ۽ انڊيا تي پنهنجي بيانن جي ڪري بحث هيٺ رهندي آهي جڏهن ان هن معاهدي بابت ٽوئيٽ ڪيو ته پاڪستانين جي تنقيد جو شڪار ٿي وئي، شهزادي هيند القاسمي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته تقريبن 80 سال مسجد اقصيٰ وڃڻ تي پابندي بعد متحده عرب امارات جي سمورن مسلمانن کي يروشلم ۾ نماز ادا ڪرڻ جي اجازت آهي ڇا هاڻي اسان ويڙهه روڪي سگهون ٿا ۽ سڪون سان زندگي گذاري سگهون ٿا؟ اقبال شهزادي کي جواب ڏيندي لکيو ته اوهان جي حڪومت فلسطين کي وڪڻي ڇڏيو، مسلمان ملڪن کي يو اي اي کي او آءِ سي مان ڪڍڻ گهرجي، ۽ ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، يو اي اي کي شرم اچڻ گهرجي، هڪ صارف پاڪستاني پاسپورٽ جي ڪاپي شيئر ڪندي لکيو ته ڊيئر عربز اسان غريب ضرور آهيون پر بي شرم ناهيون، اسان کي پنهنجو پاسپورٽ عزيز آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو 70 سالن کان پنهنجي موقف تي ڄمي بيٺل آهي. اهڙي ڳالهه ڪيترن ئي صارفين پاران ورجائي وئي. ان کانسواءِ هڪ ڪارٽون واري تصوير پڻ وائرل ٿي جنهن ۾ عرب شخص آمريڪا سامهون جهڪل نظر اچي ٿو ۽ اسرائيل پاران ان جي پٺتي تي يهودين جو مقدس نشان اسٽار آف ڊيوڊ يا دائودي ستارو هنيو پيو وڃي، طلحه لکيو ته ڊيئر عربز اوهان فلسطين سان دوکو ڪيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *