تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

اشو آف دي ڊي … وسعت الله جو سنڌ بابت بيان، سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل، حامين مٿان به تنقيد

سينئر صحافي ۽ ليکڪ وسعت الله خان پاران سنڌ بابت بيان ڏيڻ بعد سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي مٿس تنقيد ڪئي وئي، جڏهن ته وسعت الله خان جي حمايت جو ڄاڻائيندي آڪاش انصاري ۽ اعجاز منگي خلاف به پوسٽون شيئر ڪيون ويون. جنهن بعد وسعت الله خان ۽ آڪاش انصاري جون معافي واريون پوسٽون به سامهون آنديون ويون، وسعت الله خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وسعت الله خان پنهنجي ٽي وي پروگرام ۾ چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته صوبا آسمان تان لٿا آهن ۽ انهن ۾ ڪا به تبديلي نٿي ٿي سگهي، ته انهن کي آئون مثال ڏيان ٿو ته 1849ع کان 1937ع تائين سنڌ صوبو بامبي پريزيڊنسي ۾ هليو ويو هو، ان بعد سنڌ ان کان ڌار ٿيو، ورهاڱي بعد ڪراچي کي ملڪ جو گادي وارو شهر قرار ڏئي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، پوءِ وفاقي گادي وارو شهر جڏهن پنڊي منتقل ٿيو ته ڪراچي واپس سنڌ ۾ اچي ويو، ان کانسوا ون يونٽ ۾ سڄو مغربي پاڪستان غائب ٿي ويو، نه سنڌ نه پنجاب، ته اهي شيون آهن تبديل ٿينديون رهنديون آهن انهن کي جذباتي انداز ۾ نه ڏسڻ گهرجي، سنڌ ۾ جيڪڏهن رهندڙ نسلي گروهن وچ ۾ انصاف ۽ اختيارن جي ورڇ آهي ان ۾ انصاف ٿئي، نوڪرين، داخلائن ۾ انصاف ٿئي ته ڪنهن کي ضرورت ناهي ته اهو صوبي جو مطالبو نه ڪري، وسعت الله خان جي اهڙي وڊيو تي سخت رعمل ظاهر ڪيو ويو، دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وسعت الله خان جهڙا ماڻهو جن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت ناهي انهن مان اسان سنڌ سان محبت جي ڪهڙي اميد رکون. عاجز جمالي لکيو ته ڳالهه سڌي آهي ته اسان لاءِ سنڌ صوبو يا زمين جو ٽڪرو ناهي اسان لاءِ سنڌ وطن آهي ۽ وطن ناقابل تقسيم هوندو آهي. خالق جوڻيجو لکيو ته وسعت الله کي نه صرف سنڌ جي تاريخ پر سنڌين جي دلين کي به پڙهڻو پوندو، تڏهن وڃي توهان کي خبر پوندي ته سنڌين جو سنڌ سان ڪهڙو رشتو آهي. باقي آسمان ته توهان ۽ اسان به ناهيون لٿا ته پوءِ ڇا اسان جا به ٽڪرا ڪرڻ صحيح هوندو؟، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وسعت الله خان انهن صحافين ۾ شامل ٿئي ٿو جن کي پاڻ سنڌ دوست سمجهندا رهيا آهيون، انهن ۾ حامد مير ۽ سهيل وڙائچ به غير جانبدار رهيا آهن، وسعت الله جو خيال آهي ته ون يونٽ ۾ به ساڳئي صورتحال هئي، ڪراچي ملڪ جو گادي وارو هنڌ به رهيو آهي سنڌ ممبئي ۾ به ضم ٿيل هئي ماضي جي ان بنيادن تي الڳ صوبو ٺهي ٿو ته ڪو مسئلو ناهي، پر حقيقت اها آهي ته اهي ٽئي فيصلا ناانصافي تي ٻڌل هئا جيڪي زوري ڪيا ويا هئا ۽ واپس به ٿي ويا، وسعت الله اها ڳالهه ڪم جي ڪري رهيو آهي ته جڏهن ناانصافيون ٿين ۽ قوميت جي بنياد تي ڪنهن کي ڪو حق نه ملي ، نوڪرين جي ڪوٽا هجي يا تعليمي ادارن ۾ داخلائن جون پاليسيون، ته پوءِ الڳ صوبو ٺهي سگهي ٿو، هاڻي اچون ٿا ناانصافين جي بنياد تي اهي ناانصافيون ته وفاق طرفان صوبن سان ٿي رهيون آهن، سنڌ هجي يا بلوچستان يا وري سرائڪي پٽي وارو علائقو ، هاڻي جيڪڏهن هن ملڪ جي چئني صوبن کي ٻه اڌ ڪري وڌيڪ چار صوبا به ٺاهيا وڃن ته وفاق جي اها ناانصافي ٿيندي ئي رهندي. سوشل ميڊيا جي سخت ردعمل کانپوءِ وسعت الله خان هڪ پوسٽ شيئر ڪندي وضاحت پيش ڪئي ته منهنجي ٽي وي پروگرام ۾ سنڌ بابت سوال ڪيو ويو جنهن تي مون تاريخ جي پس منظر ۾ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه دوست فوري طور نتيجو ڪڍي ورتو ته آئون سنڌ ۾ الڳ صوبي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان اهو تاثر سراسر غلط آهي، اهڙي پوسٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي امر فياض لکيو ته انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وسعت اوهان هاڻ به نبض شناسي بدران پاڻ کي معصوم ۽ احتجاجي صدا بلند ڪندڙن کي نرگسي قومپرست چئي ڪري جان ڇڏائي رهيا آهيو، حفيظ ڪنڀر لکيو ته وسعت الله سنڌ اوهان لاءِ هڪ صوبو آهي، اسان لاءِ وطن آهي جڏهن وطن تقسيم ٿيندو آهي ته خونريزي صدين تائين هلندي آهي هونئن ته اوهان کي تاريخ جو اندازو ته هوندو، ايوب گل لکيو ته اوهان سان جيتري محبت ڪئي ان جو اوهان صلو ڏنو، وهاب منشي لکيو ته افسوس ٿيو، اردو ڳالهائيندڙ فهميده رياض به هئي جنهن ايوان صدر ۾ ئي صدر کي چيو هو ته تاريخ اوهان کي خوار ڪندي اوهان ايم ڪيو ايم سان اتحاد ختم ڪري سنڌ جي تقسيم وارو معاملو ختم ڪريو، گل ميتلو لکيو ته وسعت الله خان جو مجموعي ڪردار سنڌ دوست ۽ هاڪاري رهيو آهي ساڻس اختلاف ڀلي ڪريو پر فتوائون نه ڏيو، مسرور پيرزادو لکيو ته اوهان پنهنجي وضاحت جي هڪ وڊيو جاري ڪريو، اشفاق آذر لکيو ته هي ملڪ نه هو تڏهن به سنڌ هئي ۽ 1843ع کان اڳ به سنڌ هئي، هزارين سالن کان سنڌ رهندي پئي آئي آهي، سنڌ مٿان مڙهيل جابراڻن فيصلن کي توهان دليل بڻائي پيش ڪيو ٿا، ڇا ان تي حيرت ۽ افسوس نه ڪرڻ گهرجي؟ جيڪڏهن صوبا آسمان تان نه لٿا آهن ته ملڪ ڪهڙي ڪن فيڪون جي پيداوار آهي؟ ملڪي وحدت تي ڳالهائڻ ڏوهه آهي ته سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائڻ جي مذمت ڪرڻ تنگ نظر قومپرستي ڪيئن ٿي وئي؟ ناانصافين جو مسئلو ڇا رڳو سنڌ ۾ آهي، پوري پاڪستان ۾ ناهي؟ پوءِ ڇا چئجي؟ جڏهن توهان انصاف ۽ ميرٽ جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اهو گورننس جو مسئلو آهي، گورننس ٺيڪ ٿيڻ گهرجي ان تي ڪي به ٻه رايا ڪونهن پر ان معاملي کي سنڌ جي وحدت واري حساس معاملي سان ڳنڍڻ جو تاثر توهان پاڻ ڏنو آهي، اسين ماڻهو سادا ضرور آهيون ايترا اٻوجهه به ناهيون!، ان کانسواءِ مخدوم شمس، عرفان عالماڻي، ظفر علي، سارنگ ساگر، همٿ مغيري، تاج رند، امداد سومرو، صمد چنا، مهراڻ ميمڻ، واجد جسڪاڻي، ممتاز راهو، اظهار سومرو، فرحان خان ۽ ٻين پڻ وسعت الله خان جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪيو. جنهن کانپوءِ ايوب شيخ پاران هڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ويو ته وسعت الله خان هڪ ميسيج اي ميل ڪيو آهي جنهن ۾ لکيو ته اوهان مون کي 40 سالن کان سڃاڻو ٿا، سنڌ ۽ ان جي ماڻهن سان لڳاءُ کان به اوهان واقف آهيو، اهو اعتراف ڪندي آئون ڪا هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته شايد آئون پنهنجي ڳالهه ماڻهن تائين ٺيڪ طرح سان پهچائڻ ۾ ناڪام رهيس ۽ اڪثر ماڻهن جي دل آزاري ٿي، ان ڪري آئون سمورن دوستن کان معذرت خواهه آهيان. وسعت الله خان بابت ردعمل جاري رهو ته ان دوران آڪاش انصاري پنهنجي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وسعت! اسان کي معاف ڪر، شايد اسان پڙهيل لکيل جاهيل آهيون، جن جي دماغ ۾ اهو سوراخ ئي ناهي جتان اوهان جي ڳالهه داخل ٿي سگهي جيڪي پاڻ کي نٿا ڄاڻن اهي اوهان کي ڇا ڄاڻيندا، اسان شرمنده آهيون، اوهان جي دل سنڌو وانگر وڏي آهي، اسان ننڍن ماڻهن جون ڳالهيون اوهان لاءِ ننڍيون آهن وسعت اسان کي معاف ڪريو، اهڙي پوسٽ کانپوءِ آڪاش انصاري خلاف به سوشل ميڊيا تي رعمل شروع ٿي ويو، آڪاش انصاري جي پوسٽ تي ايوب گل لکيو ته توهان ڇا جي معافي گهرو پيا اعجاز منگي وانگر ؟ حڪيم زنگيجو لکيو ته معافي ته وسعت الله کي وٺڻ گهرجي، اسحاق سميجو لکيو ته وسعت الله آڪاش کي معاف ڪري باقي وسعت الله جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها معافي جي قابل ناهي، امان الله شيخ لکيو ته آڪاش وڏو شاعر ته ٿي سگهي ٿو پر سياست جي رومانس جي ڏاگهه تي چاڙهڻ کان پرهيز ڪري، وسعت الله خلاف گارگند مذمت لائق سمجهان ٿو پر وسعت جي تاريخي ٽڪساٽن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، سوشل ميڊيا جي ردعمل کانپوءِ آڪاش انصاري هڪ ٻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وسعت جي باري ۾ منهنجي پوسٽ تي جن دوستن جي دل آزاري ٿي آهي آئون انهن کان معذرت خواهه آهيان پر ڳالهه ضرور چوندس ته وسعت جي سنڌ دوستي واري نيت تي مون کي شڪ ناهي. جنهن تي صحبت ٻرڙو لکيو ته اوهان وسعت جي سنڌ دوستي تي ڀلي شڪ نه ڪريو پر پروگرام ۾ هن جيڪو موقف رکيو آهي اهو سنڌ دوستي جي دائري ۾ نٿو اچي، سندس سوچ سنڌ سان روايتي تعصب جي عڪاسي ڪري ٿي. جڏهن ته اعجاز منگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وسعت الله اسان کي معاف ڪر، اسان وڙهڻ لاءِ سدائين تيار رهندا آهيون، دشمنن سان گهٽ دوستن سان وڌيڪ، سان جا قلم اسان جي قد وانگر ننڍا آهن ۽ اسان جا نعرا اسان جي وات کان وڏا آهن، اسان عظيم تهذيب جا وارث ضرور آهيون پر اسان تميز سان آشنا ناهيون. اهڙي پوسٽ کانپوءِ اعجاز منگي خلاف به سوشل ميڊيا تي ردعمل شروع ٿي ويو، اعجاز منگي جي پوسٽ تي صنم چانڊيو لکيو ته واقعي سنڌي تنگ نظر آهيون، دنيا جو ڪو به ملڪ مهاجرن کي زمين جو ٽڪرو ناهي ڏيندو پر سنڌين ڪراچي جهڙي سوني زمين انهن حوالي ڪئي ۽ اڄ ان جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون. جنيد انصاري لکيو ته وسعت توهان اسان کي معاف ڪريو، توهان اسان جي ڌرتي جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي آهي، پر اسان بيوقوف آهيون جو اوهان کي انسان دوست سمجهندا رهياسين، قاسم راڄپر لکيو ته وسعت الله خان سنڌين جي جسمن تي جهير ڏنا ۽ اعجاز منگي انهن زخمن تي لوڻ ٻرڪيو. وسعت الله خان سنڌ جي تاريخ، سياست ثقافت ۽ جاگرافي بابت معلومات ۾ ڪامران خان، خواجه اظهار، خالد مقبول صديقي عامر خان معيد پيرزادو جاويد چوڌري ۽ هارون رشيد هڪ ئي قطار ۾ بيٺل نظر اچن ٿا. سنڌ وسعت الله خان جي معافي قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته اعجاز منگي جو معافي مرثيو ڪيئن قبول ڪندي. ستار جانوري لکيو ته آڪاش انصاري ۽ اعجاز منگي جو جيترو وزن جو سو ظاهر ٿي پيو، اڃا کوڙ چهرا آهن جن کي وقت سامهون آڻيندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *