تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اشو آف دي ڊي … نوجوانن جي کنڀجڻ خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر

ڪراچي جي سچل واري علائقي ۾ ايس يو پي اڳواڻ عبدالرزاق شر جا 2 پُٽ بشير احمد ۽ غلام رسول شر کنڀجي ويا، ايس يو پي اڳواڻ چيو آهي ته رات دير سان سندس گهر تي حملو ڪري ٻن پُٽن کي کنڀيو ويو، ٻنهي نوجوانن جي کنڀجڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ صفدر سرڪي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀلا ڪير ٻڌائيندو ته هنن معصوم ٻچڙن جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ جو هنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، سنڌو نواز گهانگرو لکيو ته بلاول ڀٽو ۽ وزيراعليٰ جي نوٽيس تي عمل شروع ڪيو ويو آهي؟ رات جو ٻن ڀائرن کي کنڀي ويا آهن. ثمينه راجپوت لکيو ته ڳالهه وڌي وئي آهي آخر اهي چاهين ڇا ٿا؟ صنم شاهه لکيو ته نوجوانن کي کنڀڻ وارو عمل قابل قبول ناهي. سحر شاهه رضوي به افسوس جو اظهار ڪيو.ذاڪر بلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سچل مان ٻن ڀائرن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، منير احمد لکيو ته انهن ٻارن کان جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي هجي ته ان کي معاف ڪيو وڃي، هنن جي والدين کان پڇو ته انهن جو ڪهڙو حال هوندو، وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي. سسئي لوهار پڻ ٻنهي ڀائرن جي کنڀجڻ بابت پوسٽ شيئر ڪئي، امتياز ڀٽي، عارف خاصخيلي، اويس لغاري، غلام مصطفيٰ ملڪ، غلام حيدر، خالد تنيو ۽ ٻين پڻ نوجوانن جي کنڀجڻ جي مذمت ڪئي.سورٺ لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رات جي پهر ۾ اسان جي نوجوانن کي کنڀي کڻي وڃن ٿا وڃن اسان جون معصوم نياڻيون هٿن ۾ رانديڪا کڻي کيڏڻ جي عمر ۾ پريس ڪلب تي پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندي روئي رهيون آهن، بشير شر سميت سمورن کنڀجي ويل نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي. صدام مڱريو لکيو ته پڇون ته آخر ڪنهن کان پڇون، اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ علي مردان لکيو ته روز گهرن مان امڙين سامهون انهن جا پٽ کنڀيا وڃن ٿا انهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ وفا جاويد جوکيو، نياز امر، حنيف نهڙي ۽ ٻين پوسٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو. ساگر مڪيش پڻ نوجوانن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. منير مگسي ۽ طارق خاصخيلي لکيو ته عبدالرزاق شهر جي ٻن پٽن کي کنڀي گم ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا. ٻنهي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. اسحاق شيخ، لياقت سومرو، شاني سومرو، علي حيدر ڀيو، اصغر عبدالله، اياز چانڊيو، نثار شاهين، ڪليم گهمرو، اصغر ناريجو ۽ ٻين پڻ سارنگ جويو، بشير ۽ غلام رسول شر سميت سمورن کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *