تازا ترين
  • *هالا ويجهو حاجاڻا ۽ لاکا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو *جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب ڌڻي بخش حاجاڻو حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *آءِ جي سنڌ جي حڪم تي مونکي مليل پوليس سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي: سردار خان چانڊيو *ڪراچي ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺو آهيان، آءِ جي جنهن ٿاڻي تي چوي آئون پيش ٿيندس: سردار خان چانڊيو *4ڊي آئي جيز جي سربراهي ۾ منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا ويا: سردار خان چانڊيو *ڪنهن به روپوش جي ڳولا منهنجي ئي گهرن تي ڇو ٿي ڪئي وڃي: سردار خان چانڊيو*
  • *کپرو ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *کپرو: مختلف ڳوٺن جي رهواسين شھيد چوڪ تي احتجاج ڪيو، نعريبازي *سنڌڙي تعلقي جي 22 هزار ايڪڙ زمين ۽ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن: ڳوٺاڻا*
  • *ڳڙهي ياسين ويجهو 6 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ جوڙي جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڪراچي مان گرفتار *شهزادو جتوئي ۽ نصرت لاشاري قتل ڪيس ۾ ملوث احسان لاشاري کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو *
  • *جهڏو واسڻ ناري کي مبينا پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش *14ورهين جي اربيلا جروار پيءُ ۽ ڀاءُ سميت ڊگهڙي ۾ صحافين وٽ پهچي وئي *امڙ 2 لک روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فرار ٿي ڊگهڙي ۾ مائٽن وٽ آئي آهيان: اربيلا جروار *امڙ بااثرن سان گڏجي بابا خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: ناري*
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

اشو آف دي ڊي …نواز شريف جي تقرير: سوشل ميڊيا تي بحث

مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي ۽ نواز شريف جي تقرير بابت سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي جنهن ۾ اهو چيو پيو وڃي ته اي پي سي پوئتي رهجي وئي ۽ نواز شريف جي تقرير اڳتي نڪري وئي آهي. نواز شريف جي تقرير ۽ اي پي سي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ٽرينڊز پڻ هلايا ويا. نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ بلوچستان حڪومت جي خاتمي ۾ فوج جي ملوث هجڻ جو الزام هنيو ۽ پرڏيهي پاليسي بابت چيو ته پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ جو اختيار صرف چونڊيل حڪومت کي هجڻ گهرجي، هن چيو ته عوامي مينڊيٽ چوري نه ڪيو وڃي، چونڊن کان اڳ ئي اهو طئي ڪيو ٿو وڃي ته ڪنهن کي کٽرائڻو آهي ۽ ڪنهن کي هارائڻو آهي، نواز شريف چيو ته رياست مٿان رياست قائم آهي، اسان جي جدوجهد عمران خان خلاف نه پر کيس آڻيندڙن خلاف آهي، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل نواز شريف جي تقرير ميڊيا تي ڏيکارڻ جي مخالفت ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته عدالتن جا سنديافته جوابدار ۽ اشتهاري کي ان طرح سان ڪوريج ڏيڻ ادارن جو مذاق اڏائڻ برابر آهي، تقرير نشر نه ٿيڻ گهرجي، وفاقي وزير علي زيدي لکيو ته ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته اڃا به پرچي پڙهي رهيو آهي، جنهن تي مريم اورنگزيب ردعمل ڏيندي لکيو ته ٽئي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف کي سليڪٽد، نا اهل ۽ ڪرپٽ چور حڪومت جي مشورن جي ضرورت ناهي، ميڊيا کي ڌمڪيون عمران خان جي فسطائيت ۽ غنڊه گردي جو ثبوت آهي. صحافي سليم صافي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته زرداري ۽ نواز شريف جي انقلابي تقريرن بعد اخلاقي گهرج آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي ٽورڻ، باقي اسيمبلين تان مستعفي ٿيڻ ۽ ميان نواز شريف پهرين ميسر اڏام ذريعي پاڪستان واپسي جو اعلان ڪري نه ته انهن جون تقريرون ڊراميبازي سمجهي ويندي. سماجي ڪارڪن عمار علي جان ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته اپوزيشن ڌانڌلي سان آيل استحصالي هائبرڊ حڪومت بابت واضح موقف رکي ٿي اميد آهي ته شاگرد ۽ مزدور يونين جي بحالي جي ڳالهه به ڪئي ويندي، ملڪ ۾ غيرجمهوري قوتن خلاف ويڙهه انتهائي ضروري آهي. جڏهن ته نواز شريف جي سوشل ميڊيا تي جتي حمايت ڪئي وئي اتي مٿس تنقيد پڻ ڪئي وئي، سيد ڪوثر لکيو ته نواز شريف جو خطاب هو يا چارج شيٽ، پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين ڪنهن وزيراعظم اهڙي تلخ حقيقتن تان ايئن پردو ناهي کنيو. حامد مير لکيو ته اي پي سي ۾ نواز شريف اهي ڳالهيون چئي ڇڏيون جيڪي صرف ڊرائنگ رومن، چوڪن تي ٿي رهيون هيون، اي پي سي پوئتي رهجي وئي، نواز شريف جي تقرير گهڻو اڳتي نڪري وئي، خواجه آصف لکيو ته نواز شريف جي تقرير ٻارن کي نصاب م پڙهائڻ لائق آهي ته جيئن هن ملڪ جي تاريخ مستقبل لاءِ درست ٿي سگهي. عاصمه شيرازي لکيو ته نواز شريف جي خطاب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو پنهنجي بيانيي تي قائم آهي، هاڻي اپوزيشن ان بيانيي تي ڪهڙي حد تائين عمل ڪري ٿي اهو ڏسڻو پوندو. وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر لکيو ته قوم قانونن جي ابتڙ هڪ سزايافته اشتهاري ڏوهاري جو لائيو ڀاشڻ ٻڌو. صحافي ڪامران خان لکيو ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنجاب، سنڌ ۽ قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڏين، نواز شريف پهرين اڏام ذريعي اسلام آباد اچي حڪومت ڪيرائي سگهي ٿو ته ڪيرائي ڇڏي. اظهر مشواڻي لکيو ته نواز شريف جي تقرير به شايد ڪيلبري فونٽ ۾ لکي وئي، صحافي مبشر زيدي لکيو ته نواز شريف جيڪو ڪجهه چيو ته اها پاڪستاني سياست جي حقيقت آهي ڪاش هو اها ڳالهه پاڪستان ۾ موجود پنهنجي قيادت کي سمجهائي ڇڏي. عارف حميد ڀٽي لکيو ته نواز شريف جي تقرير غور سان ٻڌي، جيڪي اعتراض هن اٿاريو انهن مان هو پاڻ به فائدو کڻندو رهيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *