تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اشو آف دي ڊي … مهر سردارن جي سياست “خانداني پاور گيم” جو شڪار ؟

ڏهاڪن تائين سنڌ جي اقتداري سياست ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندڙ مهر سردارن جي سياست ”خانداني پاور گيم“ جي ور چڙهي زوال طرف وڌي رهي آھي….؟ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سرداري پڳ سردار محمد بخش خان مهر وٽ رهي يا سردار علي گوهر خان مهر حوالي ٿئي ان سان مهر قبيلي يا عام ماڻھن جي تقدير ۾ ڪا خاص تبديلي نه ايندي، ھي خاندان اندر شروع ٿيل پاور گيم آھي جيڪا طاقتور خاندانن ۽ اقتداري سياست جي صدين کان سڃاڻپ رهي آھي، هتي آئون مرحوم سردار غلام محمد خان مهر جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان جيڪو اتر سنڌ ۾ نه رڳو سياسي حوالي سان انتهائي متحرڪ ڪردار رهيو آھي پر مهر قبيلي جي سردار جي حيثيت ۾ سندس شان شوڪت ۽ سخاوت توڙي انصاف پسندي جا اڄ به مثال ڏنا وڃن ٿا سندس سياست سان سوين اختلاف ڪري سگهجن ٿا پر مرحوم سردار جو شخصي ڪردار تر ۾ ياد رکيو ويندو رهيو آھي، سردار غلام محمد خان مهر توڙي جو روايتي طور تي مهرن جو سردار سڏيو وڃي ٿو پر اتر ۾ آباد ڪيترائي ننڍا ۽ ڪمزور قبيلا سندس انصاف پسند ايپروچ ۽ غريب پرور روين جي ڪري رضاڪاراڻي نموني کيس پنهنجو سردار تسليم ڪندا رهيا آھن شايد اهوئي سبب هيو جو سردار غلام خان مهر جي اوطاق جي اها روايت هئي ته اتي مهر قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻھون سردار سامهون پٽ تي ويهندا هئا ۽ باقي ٻين راڄن جي ماڻھن کي کٽ يا ڪرسي تي ويهڻ جو حق حاصل رهيو آھي، منهنجي سمجهه موجب ته ان روايت جو مقصد ٻين راڄن خاص ڪري ڪمزور ذاتين جي ماڻھن کي اهو احساس ڏيارڻ ٿي سگهي ٿو ته سردار وٽ سندن لاءِ مان ۽ رتبو پنهنجي قبيلي جي ماڻھن کان به وڌيڪ آھي. ممڪن آھي ان روايت جو ڪو ٻيو به ڪارڻ هجي پر اهو ته مون پاڻ ٻڌو ۽ محسوس ڪيو آھي ته فيصلن ۾ سردار غلام محمد خان مهر پنهنجي مهر قبيلي جي وڏيرن جي ڀيٽ ۾ ٻين قبيلن سان تعلق رکندڙ پورهيتن جي راءِ کي به وڌيڪ مان ۽ اهميت ڏيندو هو ۽ بيوس توڙي بي پهچ ماڻھو مهر قبيلي سان تعلق رکندڙ فردن جي زور آورين خلاف ڊوڙي سردار وٽ دانهين ٿيندا هئا جنهن بعد جڳ جهان کي انصاف ٿيندي نظر ايندو هو. شايد اهوئي سبب هو جو تر جا غريب راڄ مهر سردار تي ساهه ڏيندا هئا.
تازو سردار علي گوهر مهر وٽ مهر قبيلي جي چڱن مڙسن جو ڪٺ ٿيو آھي، ٻڌايو وڃي پيو ته ان ڪٺ ۾ سردار علي گوهر خان مهر کي پنهنجي قبيلي سان تعلق رکندڙ معتبر ماڻهن مجبور ڪيو آھي ته هُو سردار غلام محمد مهر جي پڳدار پٽ سردار محمد بخش خان مهر جي جڳهه تي پاڻ قبيلي جون واڳون سنڀالي ۽ سرداري جو اعلان ڪري. خبرون آھن ته علي گوهر خان مهر ان فيصلي لاءِ پنهنجي قبيلي کان ڪجهه ڏينهن جي مهلت ورتي آھي. مهر سردارن جي ڪٽنب ۾ ويجهي ماضي کان سياسي بنيادن تي جنم وٺندڙ اختلاف هاڻ سرداري پڳ تي ڇڪتاڻ طرف وڌي رهيا آھن جيڪا ڳالهه ڏهاڪن کان تر جي سياست تي راڄ ڪندڙ مهر سردارن جي سياسي زوال جو ڪارڻ بڻبي. قبائلي ۽ خانداني روايتن موجب سردار غلام محمد مهر جي پڳ جو وارث سندس ولايت مان پڙھي آيل فرزند سردار محمد بخش خان مهر کي قرار ڏنو ويو هو پر سياست اندر پاور گيم تان شروع ٿيندڙ اختلاف هاڻ خانداني رنجشن جو رخ اختيار ڪري رهيا آھن. سردار علي گوهر خان مهر کي سياسي طور تي ”پاور گيم“ جو بادشاهه سڏيو ويندو آھي سندس سياسي هنر جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو پرويز مشرف جي دور ۾ پنهنجي ڀاءُ سردار علي محمد مهر مرحوم کي سنڌ جو وڏو وزير چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو مٿس اها تنقيد به ڪري سگهجي ٿي ته هو هميشه اقتدار جو عاشق رهيو آھي ۽ سندس اصل اعتماد ووٽرن بدران واڳ ڌڻين تي ئي رهيو آھي انڪري سندس آڏو پارٽين يا سياسي نظرين جي ڪابه معني نه رهي آھي ۽ ماضي ۾ ”اقتدار“ ساڻس اشارن جي ٻولي ۾ ڳالهائيندو رهيو آھي جنهن ڪري هو چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي جهڙي پارٽي جون ٽڪيٽون به اهو چئي واپس ڪندو رهيو آھي ته ”مهرباني اسان آزاد وڙهنداسين“ (انجو مطلب اهو هرگز ناهي ته سندس سياسي قلابازين کي عوام دوستي جي نالي تي قبول ڪري سگهجي ٿو) پر انجي ڀيٽ ۾ سردار محمد بخش خان مهر نظرياتي سياست جي پاسي هئڻ جي دعويدار جي حيثيت ۾ سامهون اچي پيو. سچ اهو آھي ته قبيلائي وهنوار ۾ سردار علي گوهر مهر جي جيڪا گرفت آھي اها ڪمانڊ حاصل ڪرڻ ۾ سردار محمد بخش مهر کي نه رڳو وقت گهرجي پر تجربو به ضروري آھي هتي سوال اهو ناهي ته اڄ دنيا تبديل ٿي رهي آھي ۽ مهر سردارن کي به پنهنجي سياست کي قبيلن مان ٻاهر ڪڍي اقتدار بدران اصولن سان گڏ بيهڻو پوندو. آئون هتي ان بحث ۾ به نٿو پوڻ چاهيان ته مهر سردارن جي سياست جي صدقي سندن عاليشان محلن ۾ ته واڌ ٿي آھي پر سندن اقتداري سياست علائقي جي بي پهچ ۽ عام ماڻهن کي ڇا ڏنو آھي ؟ يا قبائلي نظام جو سنڌي سماج کي کوکلو ڪرڻ ۾ ڪيترو هٿ آھي ؟ پر آئون سمجهان پيو ته مهرن جي سرداري گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ اختلافن جي شدت ڏهاڪن کان سندن سياسي عروج جو زوال ثابت ٿي سگهي ٿي. (غازي جهنڊير جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *