تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

اشو آف دي ڊي … مريم نواز وائکي ٿي وئي، عمران خان جو ماسٽر اسٽروڪ، شيخ رشيد مين آف دي ميچ قرار

سوشل ميڊيا تي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن، وفاقي وزيرن ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيانن جي حوالي سان سان بحث شروع ٿي ويو، جڏهن ته پاڪ فوج، وزيراعظم عمران خان، نواز شريف ۽ مريم نواز جي حمايت ۾ ٽوئيٽر تي ٽرينڊز پڻ هلي رهيا آهن، ڪالهه مريم نواز ايڪسپوز اگين هيش ٽيگ ٽرينڊ ٽاپ ٽين ٽرينڊز ۾ شامل رهيو. اهو ٽرينڊ ان وقت هلايو ويو جڏهن آرمي چيف ۽ نواز ليگ جي اڳواڻ محمد زبير جي ملاقات بابت بيان سامهون آيا. مريم نواز ملاقاتن جي ترديد ڪئي هئي. مريم ايڪسپوز اگين کانسواءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر، زبير، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ پي ايم ايل اين، اسٽي اسٽرانگ شهباز شريف، اپوزيشن اگينسٽ پاڪستان، هيش ٽيگ ٽرينڊز پڻ گردش ڪري رهيا آهن. اربع ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان تصديق ڪندي چيو ته مسلم ليگ (نواز) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير جون آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٻه ملاقاتون ٿيون آهن جن ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پهرين ملاقات آگسٽ جي آخري هفتي ۾ ۽ ٻي ملاقات 7 سيپٽمبر تي ٿي هئي. پهرين ملاقات دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد به موجود هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير کي واضح ڪيو ته انهن جا جيڪي قانوني مسئلا آهن اهي پاڪستان جي عدالتن ۾ حل ٿيندا ۽ جيڪي سياسي مسئلا آهن اهي پارليامينٽ ۾ حل ٿيندا، انهن معاملن کان فوج کي پري رکيو وڃي. سوشل ميڊيا تي مختلف قسم جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي بعد جيڪو نواز شريف سخت موقف رکيو هو انهي بعد اهڙي صورتحال ٿي وئي آهي. علي رضا نالي صارف ٽوئيٽ ڪيو ته وزيراعظم عمران خان نواز شريف جي تقرير نشر ڪرڻ ڏني، نواز شريف فوج کي نشانو بڻايو، شيخ رشيد مسلم ليگ نواز جي اڳواڻن کي پڌرو ڪيو، مريم نواز ان جي ترديد ڪئي، ڊي جي آءِ ايس پي آر سچ ٻڌائي ڇڏيو، عمران خان ماسٽر اسٽروڪ کيڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي مريم نواز جون تصويرون شيئر ڪندي کيس سند يافته ڪوڙ ڳالهائڻ واري قرار ڏنو ويو ۽ لکيو ته انهن جي پروپيگنڊا ناڪام ٿي وئي، هوءَ ٻيهر وائکي ٿي وئي آهي. مطيع الوليد ٽوئيٽ ڪيو ته ايئن لڳي رهيو آهي ته پي ايم ايل اين ڪو اين آر او چاهي ٿي پر ان جي درخواست رد ڪئي وئي آهي، اي پي سي ۽ پي ايم ايم ايل اين ٻنهي جو موقف رد ٿي ويو. ايس ايم عمر لکيو ته پي ايم ايل اين رياستي ادارن خلاف ڳالهائي احتساب کان بچڻ چاهي ٿي. ماجد نواب شيخ رشيد جي تصوير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مين آف دي ميچ، جنهن پي ايم ايل اين ۽ نواز شريف کي پڌرو ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *