تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

اشو آف دي ڊي … لاڙڪاڻو، قمبر ۽ دادو سميت مختلف شهرن ۾ رستا نالين جي پاڻي ۾ ٻڏل: گندگي جا ڍير: سوشل ميڊيا تي انتظاميا مٿان تنقيد

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گندگي وڌڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ لاڙڪاڻي ۾ گندگي هجڻ جون دانهون ٿي رهيون آهن، ان سلسلي ۾ جميل گاد تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته روڊن تي تلاءُ جي صورت ۾ پاڻي بيٺل آهي، نيڪال جو نظام نه هجڻ جي نالين جو ڪنو پاڻي روڊن رستن تي اچي ويو آهي، مراد واهڻ لاڙڪاڻي جي ڦل روڊ جي هڪ گهٽي ۾ گندگي جا ڍير موجود آهن، ان کانسواءِ ناياب سرڪش پڻ لاڙڪاڻي جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن تي هن لکيو ته لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ڪالوني آهي، جتي گندگي جا ڍير لڳل آهن، وڊيو ۾ ناياب سرڪش پاڻ صفائي ڪندي نظر اچي رهي آهي. اهڙين تصويرن ۽ وڊيوز جي شيئر ٿيل پوسٽن تي لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا مٿان عوام پاران تنقيد ڪئي وئي ۽ شهر ۾ صفائي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اهڙي ريت ايوب شيخ پڻ قمبر جي گندگي واري تصوير شيئر ڪئي ۽ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته قمبر ! پهريون نمبر، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ! ڇا لکي ڇا لکان ؟، هي منظر ڪنهن سبزي منڊي يا ڳوٺ جا ناهن بلڪه تيل گئس جي دولت سان مالا مال ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر قمبر شهر جي مين روڊ ڀٽو چوڪ کان پٺاڻ مسجد جا آھن. جنهن جي ڪل ڊيگھه هڪ ڪلوميٽر جو چوٿون حصو به نه آھي !ايم اين اي، ايم پي اي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل،چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪيڏانهن وئي جو چئن سالن ۾ هڪ ٽڪرو روڊ به نه ٺھيو. آخر اسان جو ڏوھ ڪهڙو آ ؟، پوسٽ تي عوام پاران ردعمل ظاهر ڪندي لکيو ويو ته هي اهو روڊ آهي جتي سدائين گندگي رهي آهي، خاص طور جڏهن برسات ٿيندي آهي ته پوءِ اتي ڪيترا ئي هفتا گپ ئي گپ هوندي آهي جنهن ڪري رهواسي سخت پريشان ٿيندا آهن ۽ اتي موجود ڪاروبار پڻ متاثر ٿيندو آهي. منور برهماڻي پڻ گندگي ۽ روڊن تي بيٺل پاڻي واريون تصويرون شيئر ڪيون ۽ لکيو ته ھي تصويرون ڪنھن ڳوٺ،۔ ننڍڙي شھر، يوسي يا ڪاڇي جي شھر جون نه پر ضلعي ھيڊڪواٽر دادو سٽي جي مصروف سينيما چوڪ جون آھن جتي نه صرف گٽر جو پاڻي روڊ مٿان تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل آهي پر گٽر جو کليل ڍڪڻ ڪنھن وڏي نقصان جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *