تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اشو آف دي ڊي … لاهور موٽروي واقعو: جوابدارن کي سرعام ڦاهي ۽ سي سي پي او کي هٽائڻ جو مطالبو

لاهور موٽروي تي عورت سان گينگ ريپ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪالهه به ردعمل برقرار رکيو، عورت جي گينگ ريپ تي ماڻهو اڳ ئي ڪاوڙيل هئا پر سي سي پي او جي بيان اهڙي معاملي تي ٻرندي تي تيل وارو ڪم ڪيو جنهن بعد جتي متاثر عورت سان انصاف جي گهر ڪئي وئي اتي سي سي پي او لاهور کي هٽائڻ جو مطالبو به زور وٺي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي هينگ ريپسٽس پبلڪلي، سي سي پي او هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايا ويا، جنهن ۾ هزارين صارفين اهو مطالبو ڪيو ته عورتن سان لڄالٽ ڪندڙ جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، اهڙن جوابدارن سرعام پٿر هڻي ماريو وڃي، سي سي پي او کي هٽايو وڃي. سي سي پي او لاهور پنهنجي بيان ۾ متاثر عورت کي ئي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته هوءَ ايتري رات جو اڪيلي موٽروي تي سفر لاءِ ڪيئن نڪتي هئي؟ متاثر عورت فرانس جي شهريت به رکندڙ آهي فرانس ۾ عورتون اڪيليون رات جو ٻاهر گهمنديون آهن پر هتي اهڙو معاشرو ناهي. اهڙي معاملي تي ريحام خان لکيو ته آئون سي سي پي او تي عورت جي گينگ ريپ بابت چيل لفظن تي ايتري ڪاوڙيل هيس جو ان وقت وقت فون تي ڳالهائيندي آئون پنهنجي پرس هڪ هنڌ وساري آيس، صبح سان فون ڪري ٻڌايو ويو ته اوهان جي پرس پئي آهي، انسان ئي بڻجو رياست مدينه جي ڳالهه ته گهڻو پري آهي.خديجه صديقي لکيو ته سي سي پي او چوي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ عورتون ۽ بار رات جو ساڍي ٻارهين ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ناهي، پر آئون اهو چونديس ته سي سي پي او ڪير ٿيندو آهي جيڪو اسان جو ٻاهر نڪرڻ جو وقت طئي ڪري،ثمر هارون بلور لکيو ته آئون واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿي پر سي سي پي او لاهور ابتو متاثر عورت کي ئي ذميوار قرار ڏئي رهيو آهي، پنجاب پوليس اهڙي سي سي پي او کي هٽائي. سيده فاطمه لکيو ته سي سي پي او اسان جو نام نهاد محافظ آهي، ان کي سزا ڏني وڃي. صنم چانڊيو لکيو ته ريپسٽ کي ڦاهي تي ٽنگو وڃي، ريحانه چنڙ پڻ اهڙي معاملي تي ردعمل ظاهر ڪيو.مهپاره صفدر لکيو ته سي سي پي او پوليس آفيسر ته ڇا انسان چوڻ جي لائق به ناهي، ڇو ته متاثر عورت لاءِ چئي رهيو آهي ته رات جو موٽروي تي سفر ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ اسد عمر توهان کي به شرم اچڻ گهرجي جو اوهان چئي رهيا آهيو ته پوليس آفيسر جو بيان غيرقانوني ناهي. روبي علي لکيو ته حڪومت اسان ڇوڪرين کي گهران ٻاهر نڪرڻ جو هڪ شيڊول ٺاهي ڏئي اسان ان حسان سان ٻاهر نڪرون، ڇو ته درندن کي ته اوهان روڪي نٿا سگهو، ان طريقي سان اسان پنهنجي حفاظت ڪريون. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي اهو پڻ چيو ته لاهور واقعي تي هر ماڻهو آواز اٿاري رهيو آهي ميڊيا به ان تي متحرڪ آهي، پر قمبر ويجهو ڇڄڙا ڳوٺ جي زيادتي جو نشانو بڻيل ناري ياسيمن ميمڻ جي ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي، ان سان انصاف لاءِ به آواز اٿارڻ گهرجي، ناري ياسمين ميمڻ سان انصاف ڪيو وڃي. بلوچستان جي ڊاڪٽر شازيه سان به انصاف ڪرڻ گهرجي جيڪا پڻ ريپ جو شڪار بڻي هئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *