تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اشو آف دي ڊي … ”عمران سميت سڀ زراعت کاتي جا ڀرتي ڪيل مالهي آهن“ شهزاد اڪبر جي بيان تي سوشل ميڊيا تي بحث

پاڪستاني سياست ۾ هر دور ۾ ذو معنيٰ اصطلاح جو استعمال ٿيندو رهيو آهي، اڄڪلهه جي دور ۾ سياسي اصلاح جا ڇيڙا شايد پاڪستان تحريڪ انصاف جي سال 2014ع جي ڌرڻي ۽ سال 2018ع جي عام چونڊن سان ملائي سگهجن ٿا جيئن امپائر جي آڱر، خلائي مخلوق، گاڊ فادر، 35 پنڪچر وغيره، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر پاران هڪ اهڙو ئي اصطلاه استعمال ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ برطانوي حڪومت کي لکيل خط بابت پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي پاران شهزاد اڪبر کان سوال ڪيو ويو ته ٻڌايو ته جيڪڏهن عمران خان شريف فيملي کي اين آر او نه ڏئي رهيو آهي ته پوءِ انهن کي اهي ٻه وڏا اين آر او ڪنهن ڏنا؟ جنهن جي جواب ۾ شهزاد اڪبر چيو ته جيڪو اوهان جو سوال آهي ان تي اوهان زراعت کاتي سان رابطو ڪريو. شهزاد اڪبر جي اهڙي بيان جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، اڪثر ماڻهن ان لفظ کي اسٽبلشمينٽ ڏانهن اشارو قرار ڏنو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو موقف هو ته شهزاد اڪبر رڳو مذاق ڪيو آهي. شهزاد اڪبر جي بيان تي ردعمل ڏيندي نواز ليگ جي ميان عالمگير شاهه لکيو ته ان کان وڏي ليڪس ڪهڙي آهي جو اڄ حڪومتي ترجمان زراعت کاتي جي ڳالهه تسليم ڪئي ته عمران سميت اهي سڀ زراعت کاتي جا ڀرتي ڪيل مالهي آهن. اينڪر پرسن غريده فاروقي لکيو ته شهزاد اڪبر ڪهڙي زراعت کاتي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي؟ عدالت ته چيو ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان حڪومت ڪڍيو هو، ميڊيڪل رپورٽس حڪومت تصديق ڪرايون، حڪومت ئي اڃا تائين ضمانت ۾ واڌ واري درخواست تي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي پوءِ شهزاد اڪبر جي حڪومت ڪنهن کان خفا آهي. ٽوئيٽر تي سياسي سماجي صحافي ڌرين سميت عام ماڻهن پڻ شهزاد اڪبر مٿان تنقيد ڪئي، نديا اطهر لکيو ته ساڳئي پيج تي هجڻ جا دعويدار به زراعت کاتي تائين اچي ويا آهن، هڪ صارف لکيو ته جيڪڏهن اهو به زراعت کاتي کان پڇڻو آهي ته پوءِ اوهان ڇو وٺيا آهيو، مرتضيٰ سولنگي لکيو ته ان ڏينهن جو انتظار ڪريو جڏهن زراعت کاتي وارا ان نرسري جو ٻڌائيندا جتي احساب ِ اڪبر جي پنيري لڳائي وئي هئي، افتخار احمد لکيو ته آئون سمجهان ٿو ته هڪ گروپ زراعت کاتي کي به اکيون ڏيکارڻ لڳو آهي ۽ هي سڀ ڪجهه هڪ سوچيل سمجهيل اسڪيم جو حصو آهي، محسن حجازي طنزيه انداز ۾ لکيو ته 10-15 سال اسان کلي ڪري باغباني ڪنداسين، اوهان کي بس وچ ۾ ڳالهائڻو ناهي: زراعت کاتو، ممتاز يوسفزئي لکيو ته لڳي ٿو ته زراعت کاتي شهزاد اڪبر جي ڳالهين جو سخت نوٽيس ورتو آهي جڏهن ته عمر نصير لکيو ته آئون ته پريشان آهيان ته اوهان وٽ زراعت کاتو پيوندڪاري به ڪندو آهي. شهزاد اڪبر تي تنقيد ڏسي فواد چوڌري به سندس حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي اچي ويو، هن ٽوئيٽ ڪيو ته نون ليگ جا ليڊر ۽ ميڊيا ۾ ان جا حمايتي ڏينهن رات ٻڌائيندا رهيا ته نواز شريف ڪيترو بيمار آهي جيڪڏهن کيس ٻاهر نه موڪليو ويو ته زندگي کي خطرو ٿيندو، هاڻي اهي چون ٿا ته حڪومت پاڻ نواز شريف کي ٻاهر موڪليو آهي، هي اهو ئي ڪوڙ ۽ دوکو آهي جنهن جي بنياد تي نون ليگ ٺهي. سوشل ميڊيا تي تنقيد بعد رات جو دير سان ئي وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر پنهنجي زراعت کاتي واري بيان جي وضاحت ڪندي دل آزاري تي قومي سلامتي وارن ادارن کان معافي گهري ورتي آهي ۽ چيو ته سندس زراعت کاتي مان مراد شهباز شريف ۽ مريم نواز هئا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي لاهور ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ان زراعت کاتي جو ذڪر هو جيڪو نواز ليگ جي هونهار انجنيئر جهڙي ڊاڪٽر شوبازشريف ۽ صاحبزادي تي ٻڌل هو، جن مهارت سان پيوند لڳائي سڄي قوم کي نواز شريف جي بيماري جو يقين ڏياريو، هو اين آر او نيب جي 34 ترميمن جي صورت ۾ حڪومت کان گهري رهيا آهن جيڪوڪنهن به صورت ۾ ملڻو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته هتي اهو واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته منهنجي بيان سان جيڪڏهن قومي سلامتي جي ادارن جي باري ۾ ڪو غلط تاثر پيدا ٿيو آهي ته اهو بي بنياد ۽ حقيقت کان پاسيرو آهي ۽ ڪنهن اداري يا شخص جي دل آزاري تي آئون معافي ٿو گهران. بي بي سي موجب زراعت کاتي جو پهريون ڀيرو سياسي ذڪر 2018ع جي چونڊن کان اڳ ان وقت آيو هو جڏهن پي پي 219 ملتان جي چونڊ ۾ ن ليگ جي اميدوار اقبال سراج پريس ڪانفرنس ۾ ايجنسين جي اهلڪارن تي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو الزام هنيو. هن انهن انٽيليجنس اهلڪارن جي نشاندهي پڻ ڪئي. پر ٻئي ڏينهن تي هن وري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جن ماڻهن کي انٽيليجنس اهلڪار سمجهيو هو اصل ۾ اهي زراعت کاتي جا عملدار هئا جن سان منهنجو ٻني ٻاري جا معاملا هلي رهيا آهن. جنهن بعد ان ڏينهن ٽي وي چينل تي گوڙ ٿيو ته ڪيئن زراعت کاتي جي اهلڪارن ان مسلم ليگي اميدوار کي سندس گدام ۾ بند ڪري مڪون ۽ لتون هڻي ملڪي زراعت بهتر ڪرڻ جا نسخا سمجهايا هئا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *