تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

اشو آف دي ڊي … علي گوهر مهر به مهر برادري جو چيف سردار: سوشل ميڊيا تي بحث

سردار محمد بخش مهر پاران ڀرچونڊي پير سان ڀيڻ جي شادي ڪرائڻ کان پوءِ پيدا ٿيل اختلافن بعد مهر برادري پڳ جي معاملي تي ورهائجي وئي. علي گوهر خان مهر برادريءَ جي چيف سردار طور پڳ ٻڌي ورتي آهي. اهڙي معاملي تي سوشل ميڊيا تي به بحث شروع ٿي ويو آهي. نورالهديٰ شاهه ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ذهني غلامي هڪ اهڙو نشو آهي جنهن مٿان ماڻهو پنهنجا نسل ۽ انهن جا حق قربان ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي قرباني تي ٺينگ ٽپا ڏئي نچي ٿو. امتياز چانڊيو پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته مهر قبيلي پاران پنهنجي سردار پاران ڀيڻ جي شادي غيرن ۾ ڪرائڻ تي بغاوت، هڪ گروپ سردار علي گوهر مهر کي نئون سردار بڻائي ڇڏيو. پارس ميمڻ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سردار نظام هڪ غلامي آهي، محمد بخش مهر کي پيپلزپارٽي عزت ڏئي علي گوهر مهر کان اليڪشن کٽرائي اها فتح ڪافي آهي. ساحل جوڳي لکيو ته سردار علي گوهر مهر کي وفاقي ۽ سردار محمد بخش مهر کي صوبائي سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي. مير ذوالفقار ڦل ٽوئيٽ ۾ لکيو ته رات جي اونداهي ۾ مهر قبيلي علي گوهر خان مهر کي پڳ پارائي قبيلي جو نئون سردار بڻايو آهي. عائشه ٽوئيٽ ۾ لکيو ته علي گوهر مهر رات جي اونداهي ۾ مهر قبيلي جو سردار ٿي ويو. ان کانسواءِ عائشه پاران ٽوئيٽر تي سوال شيئر ڪيو ويو ته مهر برادري جي پڳ جي معاملي تي اوهان ڪنهن کي سپورٽ ڪريو ٿا؟ اهڙي پول ۾ 10 سيڪڙو ماڻهن سردار علي گوهر مهر، 57 سيڪڙو سردار محمد بخش مهر جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته 32 سيڪڙو ماڻهن ڪنهن جي به حمايت نه ڪرڻ واري آپشن تي ووٽ ڪيو. جان محمد پهوڙ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته علي گوهر مهر هڪ سئو ماڻهن جي روبرو جيڪا پڳ ٻڌي آهي ان هڪ سئو ۾ ته اڪثر سندس هاري ۽ ملازم هئا، آئون سمجهان ٿو ته علي گوهر مهر جلدبازي ۾ پنهنجي رهيل ساک به خراب ڪري ڇڏي. ساريا رانا ٽوئيٽ ۾ لکيو ته تاريخ کي مٽائي نٿو سگهجي، سڀ ڄاڻن ٿا ته سردار غلام محمد مهر جو پٽ پنهنجي قبيلي سان گڏ بيٺل آهي، سردار محمد بخش مهر مهرن جو سردار آهي. ڄام سائين ڏنو ڀٽي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته چيف سردار علي گوهر مهر هجي يا محمد بخش مهر، مون تي ٻي ذات وارو هجڻ جي ڪري ڪو به فرق نٿو پوي، فيصلو مهر قبيلي کي ڪرڻو آهي ته سچ جو ساٿ ڏين يا ڏاڍ جو؟ دين محمد مهر ٽوئيٽ ۾ لکيو ته انتهائي افسوس ٿيو پنهنجي ڀاءُ کي به نه ڏٺو، اوهان کي تسليم نه ڪيو ويندو.صفدر مهر ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مهر قبيلي اتفاق راءِ سان سردار علي گوهر مهر کي پڳ ٻڌائي پنهنجو سردار تسليم ڪري ورتو آهي. نثار کوکر فيس بوڪ تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سردار لاءِ زرخيز سنڌ، جتي سردار جي سر بخت جو خير هجي باقي راڄ ته هونئن ئي پيرن ۾ هوندو. اهڙي پوسٽ تي منور کيڙو لکيو ته سردار نظام غلط آهي جنهن جا اڳتي هلي نقصان ٿيندا، فراز علي خان لکيو ته جتي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان پڙهي ايندڙ همراهه پيري مريدي سرداري جاگيرداري سسٽم تي يقين رکندا هوندا ڇا اهي پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا، قطعي نه، پاڻ ان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون. برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پڳ ڪنهن پاتي اهو ڪهڙو اشو آهي؟ خراب حڪمراني، بدامني، لاقانونيت، صحت، روڊ، تعليم اشو آهي غريب ماڻهو ڇا کائيندو ڇا پائيندو اهو اصل اشو آهي. حفيظ آزاد زنئور لکيو ته اسان جي زنئور برادري جا پنج سردار آهن آئون سڀني سردارن ۽ سرداري نظام کي رد ڪريان ٿو، آئون سنڌيت جو حامي آهيان. منير حيدر شاهه پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته خانداني معاملا، سماجي تعلق ۽ سياست سڀ الڳ ڳالھيون آھن. آئون سمجھان ٿو ته سياسي اختلافن جي بنياد تي سماجي ۽ خانداني فيصلا ڪو نه ڪيا ويندا آھن. پڳ جو حقدار وڏو پٽ ھوندو آھي، ان اصول سان مھرن جي پڳ جو وارث اھو ئي آھي جنھن کي 8 سالن جي عمر ۾ پڳ پارائي وئي جيڪو سردار محمد بخش مھر آھي، سياسي اختلافن جي بنياد تي وڏن جي عزت جو تماشو دنيا اڳيان ڪرڻ درست ناھي. ياد رھي آئون پاڻ پي پي جو سخت مخالف آھيان ان باوجود آئون سمجھان ٿو ته جيڪو ٿيو اھو درست ناھي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *