تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اشو آف دي ڊي … عطاءُالله خان عيسيٰ خيلوي جي فوت ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل

پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري جي معروف گلوڪار عطاءُالله خان عيسيٰ خيلوي جي فوت ٿيڻ جون خبرون هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳيون جنهن کانپوءِ عطاءُالله کي پاڻ اچي صحتيابي بابت آگاهه ڪرڻو پئجي ويو، هلندڙ سال اپريل مهيني ۾ سوشل ميڊيا تي معروف گلوڪار عطاءُالله خان عيسيٰ خيلوي جي فوت ٿيڻ جا افواهه پکڙجي رهيا هئا جنهن بعد هن جي هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ هن خبرن جي ترديد ڪندي چيو هو ته هو طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري اسپتال ۾ داخل هو پر هو زنده آهي. جڏهن ته گذريل ڏينهن پڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته عطاءُالله خان فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد گلوڪار انهن خبرن جي ترديد ڪندي پنهنجي فيس بوڪ پيج تي پيغام جاري ڪيا، عطاءُالله خان عيسيٰ خيلوي لکيو ته هاڻي ٻيهر منهنجي حوالي سان خبرون گردش ڪري رهيون آهن، پر الحمدالله آئون اوهان سڀني جي دعائن سان بلڪل ٺيڪ آهيان، ان کانسواءِ هن هڪ وڊيو پيغام پڻ جاري ڪيو جنهن ۾ هو تندرست نظر اچي رهيو آهي، وڊيو پيغام ۾ هن پنهنجي چاهيندڙن کي سلام ڪندي انهن کان پنهنجي خيريت معلوم ڪئي ۽ چيو ته الحمدالله آئون بلڪل ٺيڪ ۽ خيريت سان آهيان، اوهان سڀ مون کي دعائن ۾ ياد رکندا. واضح رهي ته معروف گلوڪار عطاءُالله خان عسيٰ خيلوي 2018ع کان مختلف وقتن تي بيمار ٿيندو رهيو آهي ۽ اسپتال ۾ داخل پڻ رهيو هو، گذريل ٻن سالن ۾ هن جي حوالي سان ڪوڙيون خبرون ڪيترائي ڀيرا وائرل ٿي چڪيون آهن جنهن ڪري کيس وضاحت ڪرڻي پوندي يا سندس خاندان پاران چاهيندڙن کي آگاهي ڏني ويندي آهي ته هو ٺيڪ آهي. پنجاب جي شهر ميانوالي جي علائقي عيسيٰ خيل ۾ پيدا ٿيڻ جي ڪري عطاءُالله خان کي عيسيٰ خيلوي سڏيو ويندو آهي، گلوڪاري جي دنيا ۾ 1970ع ۾ قدم رکيو هو، 50 هزار جي لڳ ڀڳ گيت ڳائي چڪو آهي جن ۾ پنجابي، سرائڪي، اردو ۽ سنڌي سميت ٻين ٻولين جا گيت شامل آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *