تازا ترين
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

اشو آف دي ڊي … صوبيا جتوئي جو قتل: سوشل ميڊيا تي انصاف جي گهر

ماني دير سان پچائڻ تي قاضي احمد لڳ مڙس هٿان قتل ٿيل صوبيا جتوئي جي خون سان انصاف لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي، ان حوالي سان جسٽس فار صوبيا هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته قاضي احمد لڳ ڳوٺ لاکاٽ جتوئي ۾ جوابدار ڪھاڙين جا وار ڪري 25 سالن جي زال صوبيا جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن ته ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت چنگچي رڪشا ذريعي مقتولا جو لاش قاضي احمد اسپتال کڻائي پھتا وارثن زيب جتوئي، نواب جتوئي الزام لڳايو آهي ته مڙس نشي جي حالت ۾ گهر اندر ڪھاڙين جا وار ڪري ننڊ ستل صوبيا جتوئي کي بيگناھه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي،مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قاضي احمد ۾ مڙس پنهنجي زال صوبيا کي قتل ڪيو آهي، منهنجو سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ گذريل سال دوران هڪ هزار کان وڌيڪ عورتون قتل ٿيون، گهڻن قاتلن کي ڦاسي آئي آهي؟ جتي انصاف جا در بند هجن اتي هر روز صوبيائون ۽ وزيرائون قتل ٿينديون رهنديون. اهڙي پوسٽ تي حريف خان چانڊيو، آصف بالادي، لالچند مهيشوري، يونس مغيري افسوس جو اظهار ڪيو. سسئي لوهار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌرتي ڌياڻي صوبيا جتوئي جي قاتل کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، جاويد جتوئي پڻ اهڙي واقعي جي پوسٽ شيئر ڪندي انصاف جي گهر ڪئي.مجيب الرحمان چانڊيو، سيد حسين شيرازي، نياز حسين ۽ ٻين پڻ انصاف جي گهر ڪئي.پنهل ساريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس ايڪشن وٺڻ لاءِ تيار ناهي؟ گلبدن مرزا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماني پچائڻ ۾ دير ٿيڻ تي صوبيا مڙس ھٿان قتل! اڃا ھڪ جي خون جو انصاف پورو ملي ئي نٿو ته ٻي عورت ڪسجي وڃي ٿي ! زندگي تي زندگي مٽجي وڃي ٿي، وني، ڀيڻ، ڌي، امڙ ٿيون لھو ۾ لت پت، بي آبرو ٿيا سڀئي پاڪ رشتا ! ڇو عورت لاءِ ڌرتي بڻي آھي ٽامو ! ڄڻ مقتل ٿي وئي آھي ڌرتي ساري!. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خوشبو بلوچ لکيو ته عورت سورن ۾ آهي، سيما عباسي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، ياسمين چانڊيو لکيو ته ظلم جي انتها ٿي وئي آهي. پروين آرائين لکيو ته جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃِي ته جيئن اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.خان جتوئي، انيس لغاري، عنايت بالادي، رمضان لاشاري، مقبول علي ڪيريو، اظهر گاڏهي، سورٺ لطيف، آفتاب جتوئي ۽ ٻين پڻ ان واقعي جون پوسٽون شيئر ڪندي انصاف جي گهر ڪئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *