تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

اشو آف دي ڊي … شهدادڪوٽ جا مڪاني نمائندا 4 سال ڦرلٽ ڪندا رهيا، شهر کنڊر بڻجي ويو: عوام

مڪاني نمائندن جو مدو پورو ٿي چڪو آهي ۽ ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿي چڪا آهن پر سوشل ميڊيا تي مڪاني نمائندن جي ڪارڪردگي ۽ خرچن جي حوالي سان سوال اٿاريا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ سيد صادق علي شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چونڊيل مڪاني نمائندن جو مدو پورو ٿي ويو آهي، شهدادڪوٽ ميونسپل جي 4 سالن جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ جنهن تي مظهر علي شيخ لکيو ته تمام سست ڪارڪردگي رهي، الله بخش بروهي لکيو ته ڪارڪردگي تمام گهڻي خراب رهي 4 سالن ۾ ناليون به ٺيڪ نه ڪري سگهيا. طارق حسين لکيو ته مڪاني نمائندن مان جند ڇٽي، حبيب الله جروار لکيو ته هونءَ ته سڄي سنڌ عذاب مان گذري، پر جيڪا اذيت شهدادڪوٽ ۽ شھدادڪوٽ جي رهواسين گذاري تنهن جو مثال شهدادڪوٽ جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. شهدادڪوٽ کي ڄاڻي واڻي سرڪاري ھٿن هٿان چيچلايو ويو. شھر ۾ ھڪ به ڊرينيج سسٽم اسڪيم مڪمل ڪونه ڪئي وئي. پائيپنگ ۾ سرِعامَ ڪرپشن ڪئي وئي. ميونسپل ۾ وائيٽ ڪالر ڀرتي ڪري ميونسپل کي ھميشه لاءِ مفلوج بڻايو ويو. ماهوار بجيٽ جو وڏو حصو وائيٽ ڪالر ڏانهن ويو باقي جيڪي ڪجهه پئسا بچيا ته انهن مان به من پسند ماڻهن کي اسٽريٽ لائيٽ، سي سي بلاڪ ۽ ڊرينيج سسٽم جي سهولت ڏني وئي بدقسمت ۽ اڀاڳي شھر شهدادڪوٽ جي چيئرمين شپ ۽ ونھوار تي اگر لکجي ته ڪيئي باب لکجي سگھجن ٿا. اھو پيرڊ، شھرين توڙي ٻاھراڙين جي ماڻهن عذاب سان گذاريو. شهدادڪوٽ جي مڙني يو سيز جو جائزو وٺجي ته ڪنهن به يو سي چيئرمين سڄي مھيني ۾ سواءِ ٻن چئن نلڪن جي باقي ڪجهه نه ڪيو.جاويد براهوي لکيو ته حال انهن جا پورا هئا، ڪي به ڪم نه ڪيا، جليل جروار لکيو ته رڳو ڳالهيون ڪندا رهيا، شهدادڪوٽ کي تباهه ڪري ويا. ذوالفقار علي سومرو لکيو ته جنهن اداري ۾ احتساب نه هجي ڪنهن منظور نظر کي جاگير سمجهي ويهاريو وڃي ته پوءِ عوام انهن مان ڀلائي جي ڪهڙي اميد رکي سگهي ٿو، بلدياتي ادارن 4 سالن دوران ڪو به عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم نه ڪيو ويتر ادارن کي مفلوج ڪري ويا نا اهل ماڻهو ويهاريا وياهئا، شهدادڪوٽ ۾ چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر شهدادڪوٽ جي مگسي هائوس ۽ نئوديرو هائوس جا ڏنل هئا، انهن جي نا اهلي جي ڪري شهدادڪوٽ شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ گهوٻيون هنيون ويون، شهر ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا، مصطفيٰ خان بروهي لکيو ته شهدادڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي عوام کي ڪو به لاڀ نه ڏنو، هاڻي عوام کي گذارش آهي ته موجوده صورتحال ۽ 4 سالن جي ڪارڪردگي ڏسي ڪري ڪي سٺا نمائندا چونڊيا وڃن. ايم اسحاق بوزدار لکيو ته پيپلزپارٽي ۽ ميونسپل چيئرمين شهدادڪوٽ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو، ڊاڪٽر پريم پنجابي لکيو ته هي منهنجو شهر هو يا ڪنهن دشمن جو شهر هو ان سان اهڙو حشر ڪيو ويو؟ سيد غلام سرور نقوي لکيو ته نمائندن جي ڪارڪردگي زيرو رهي. جاني سردار سومرو لکيو ته اسان ڪهڙن نمائندن کان حق وٺي سگهيا آهيون، وري اليڪشن ٿيندي ۽ انهن جا ڊراما ۽ ڪارناما وساري وري انهن کي چونڊيو ويندو، اهو چيو ويندو ته هاڻي ڪم ڪندا نواب صاحب چيو آهي مرشدن چيو آهي انهن کي ووٽ ڏيڻو آهي، طاهره بي بي لکيو ته رڳو ڦرلٽ ڪئي وئي عوام کي ڪجهه نه مليو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *