تازا ترين
  • *نئون ڪوٽ: ڪلوئي ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڄڻن جي فوت ۽22 بيهوش ٿيڻ وارو مامرو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي ٿرپارڪر جون ٽيمون ڳوٺ بچل سومرو پهچي ويون *نئون ڪوٽ: پي پي ايڇ آءِ ۽ ڊي ايڇ جون ڌار ڌار ٽيمن متاثر ڳوٺاڻن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو *زهريلي ڏهي ۽ زهريلو کير پيئڻ سبب واقعو پيش آيو، عورت سميت 2ڄڻا فوت ٿي ويا آهن: ڳوٺاڻا*
  • *اسلام آباد: اي ٽي سي ۾ عدليا مخالف تقرير واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي *عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت جوابدار افتخار الدين جي اپيل تي ڪيس سيشن ڪورٽ اماڻي ڇڏيو *جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ڌمڪي واري تقرير تي افتخار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو*
  • *جروار ۾ زبون حال هيلٿ سينٽر جي عمارت جي مرمت نه ٿي سگهي، شهرين جو احتجاج *هيلٿ سينٽر جي عمارت10 ورهين کان زبون حالي جو شڪار آهي: مظاهرين *2000۾ ٺهيل هيلٿ سينٽر جي عمارت کي 2010 جي برساتن نقصان پهچايو هو: مظاهرين*
  • *پشاور: صحت کاتي جي وزير تيمور جهگڙا پاران ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو *صحت واري وزير زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو *ايل آر ايڇ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، زخمين لاءِ بهتر انتظام آهن: صحت وارو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 17 ڊي جي اختيار وارو معاملو *عدالت ڪيس بابت سموريون اپيلون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *اسان کي ڏسڻو آهي ته قانون جوڙڻ وقت قانون ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ ڇا هو: ايڊووڪيٽ طارق *نيب جي قانون تحت وڌ کان وڌ سزا 14 سال ٿي سگهي ٿي: وڪيل طارق محمود*
  • *ڪراچي مان 39 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پليجاڻي واسي شاگرد گهر پهچي ويو *ڳوٺ رشيد ٽڳڙ واسي گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳر اوچتو گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل *
  • *وزير اعظم عمران خان پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *ڌماڪي ۾ قيمتون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي: وزير اعظم عمران خان *ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪيان ٿو: وزير اعظم عمران خان*
  • *ڪنري ۾ گستاخ خاڪن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، فرانس خلاف نعريبازي *مختلف مختلف جماعتن پاران جامع مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *ڪنري: گستاخ خاڪن سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزار ٿي آهي: اڳواڻ*
  • *لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس *شهباز شريف کي جيل اختيارين پاران احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ماڻهو فوت، انگ 6 هزار 745 ٿي ويو *ڪورونا جا وڌيڪ 773 ڪيس ظاهر، انگ 3 لک 29 هزار 375 ٿي ويو*
  • *مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *قرآن پاڪ جي تعليم دوران ڌماڪو ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي: نواز شريف *واقعي تي شديد ڏک آهي، ٻارڙن جي والدين جو ڏک تمام وڏو آهي: نواز شريف*
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو *چانڊڪا پل وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب طارق علي چانڊيو زخمي ٿي پيو *نظر محلا واسي زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو *ڏيرا برادري سان تڪرار هلندڙ آهي، ڪجهه وقت اڳ ڌمڪيون به مليون هيون: مقتول جو ڀاءُ*
  • *پشاور: دير ڪالوني ۾ مدرسي ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا، 77 کان وڌيڪ زخمي*ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتل*مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: پوليس *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: پوليس اختياريون *ڌماڪيدار مواد هڪ ٿيلهي ۾ رکيو ويو هو: آءِ جي ڪي پي *
  • * ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو: ايس ايس پي آپريشن *مدرسي ۾ هڪ شڪي شخص ٿيلهو رکي ويو هو: ايس ايس پي آپريشن *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: ايس ايس پي آپريشن*
  • *پشاور: مارجي ويلن ۾ ڪوبه ٻارڙو شامل ناهي: آءِ جي ثناءُ الله عباسي *پشاور: ٽائيم بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو آهي: پوليس اختياريون *اسپتال آندل زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي: اسپتال ذريعا*

اشو آف دي ڊي … سوشل ميڊيا لاڙڪاڻي جي اي ايس آءِ کي زهر ڏئي مارڻ بعد دفن به ڪري ڇڏيو !

لاڙڪاڻي ۾ با اثر جي تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ جي وڊيو سامهون اچڻ بعد ان معاملي تي جتي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو اتي سوشل ميڊيا تي اهي پڻ پوسٽون هلايون ويون ته انصاف نه ٿيڻ تي اي ايس آءِ زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اي ايس آءِ اهڙو ڪو قدم نه کنيو آهي، هو زنده آهي. سوشل ميڊيا تي واقعي بابت ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻي ۾ نيو بس ٽرمينل پوليس چوڪي جي انچارج اي ايس آءِ اصغر مغيري کي بااثر شخص جي ماڻهن کي شراب سميت گرفتار ڪرڻ مهانگو پئجي ويو، ٿاڻي تي بااثر جو ايس ايچ او جو موجودگي ۾ اي ايس آءِ کي ڪٽڪو، سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، جڏهن ته اي ايس آءِ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو جاري ڪندي اي ايس آءِ اصغر مغيري جو چوڻ هو ته آءُ حد جي هڪ هوٽل ڀرسان معمول جي چيڪنگ تي هيس ته ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي روڪي انهن کان شراب جون بوتلون هٿ ڪري کين گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ۽ ايس ايچ او کي سڄي معاملي بابت آگاهي ڏني جنهن دوران هڪ بااثر سياسي ماڻهو پڻ ويٺل هو جنهن مون سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان منهنجي ماڻهن کي ڇو گرفتار ڪيو آهي؟، بااثر سياسي ماڻهو ايس ايچ او جي موجودگي ۾ مون کي ڳچيءَ مان وٺي وردي ڦاڙهي ٺونشا ۽ لتون هڻي تذليل ڪئي، جنهن تي ايس ايچ او خاموش هو، جنهن چيو ته توهان نڪري وڃو هي سياسي ماڻهو آهي، ان جي عزت وڌيڪ آهي. اي ايس آءِ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسين چورن ۽ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪندا آهيون پر اسان جي عزت ئي ناهي، واقعي کان پوءِ ايس ايچ او جي ٻئي ٿاڻي تي بدلي ٿي پر مون کي شاباسي نه ملي ويتر مون کي پهريان بدلي ڪري بعد ۾ معطل ڪيو ويو، منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، هتي وڏيرن جي هلندي آهي، ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي بااثر سياسي ماڻهن جي ڪمداري ڪندا آهن، جيڪڏهن انهن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته آءُ سپريم ڪورٽ ويندس ۽ گاسليٽ هاري پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس. سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن پاران پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ويو ته اي ايس آءِ انصاف نه ٿيڻ تي زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ منظور سومرو لکيو ته لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي اهلڪار تذليل ٿيڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪيس ايس ايس پي ۽ ايس ايچ او ۽ پ پ اڳواڻ تي داخل ٿيڻ گهرجي، گلزار ملاح لکيو ته هي خودڪشي نه پر قتل آهي، تذليل کانپوءِ اي ايس آءِ خودڪشي نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟ نشاندهي بعد منظور سومرو لکيو ته چون ٿا ته لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن زهر کائيندڙ اي ايس آءِ جي حياتي بچائي ورتي آهي.سهراب چانڊيو پڻ اي ايس آءِ جي خودڪشي ڪرڻ جي پوسٽ شيئر ڪئي، رسول بخش لاڙ پڻ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته اي ايس آءِ زهر کائي خودڪشي ڪئي آهي، هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيو ته زهر پيئڻ بعد فوت ناهي ٿيو پر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل آهي، شبير چانڊيو لکيو ته اي ايس آءِ تذليل کانپوءِ خودڪشي ڪئي آهي اهڙي ايف آءِ آر مک جوابدار ۽ ايس ايچ او تي داخل ڪئي وڃي.شبير مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس آفيسر زهر پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ذڪيه اعجاز، مختيار عباسي، همٿ مغيري ۽ ٻين پڻ اي ايس آءِ جي خودڪشي ڪرڻ جي پوسٽ شيئر ڪئي، هزارين ماڻهن پاران پوسٽن تي تصديق کانسواءِ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. نديم بوزدار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاڙڪاڻي واري اي ايس آءِ کي فيس بوڪي سنگت زهر ڏئي مارڻ بعد دفن به ڪري ڇڏيو آهي، ظالمو هو زنده آهي. محرم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا اعتماد وڃائيندي پئي وڃي، جنهن جو مثال ايڊيٽنگ جو آزار ۽ زنده ماڻهو جي مرڻ جون ڪوڙيون خبرون آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *