تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اشو آف دي ڊي … سنڌ ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ جو فائدو ٿيندو يا نقصان؟ سوشل ميڊيا تي بحث

ڪراچي ۾ ڪياماڙي ضلعي جي منظوري ڏئي ڇڏي، خيرپور سميت سنڌ جي وڏن ضلعن کي ٽوڙي ننڍا ضلعا ٺاهڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي پڻ بحث شروع ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته وڏي وزير چيو آهي ته خيرپور سڀ کان وڏو ضلعو آهي، ان کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو وڃي. اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي وئي ته هوءَ صوبي ۾ جتي وڌيڪ آبادي يا ايراضي هجي، اتي وڌيڪ ضلعا ٺاهڻ جي تفصيلي تجويز پيش ڪئي وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ضلعي اولهه ۾ 7 سب ڊويزنون منگهوپير، سائيٽ، بلديا، اورنگي، مومن آباد، هاربر ۽ ماڙيپور آهن، 7 تڪ، 9 تپا ۽ 23 ديهون آهن، ضلعي جي ٽوٽل آبادي 3914757 آهي. سنڌ ڪابينا غور ويچار کانپوءِ ضلعي ڪياماڙي ٺاهڻ جي منظوري ڏني، جيڪو چئن سب ڊويزنن سائيٽ، بلديه ، هاربر ۽ ماڙيپور تي ٻڌل هوندو، جنهن جي مجموعي آبادي 1833864 آهي. ضلعي ڪياماڙي ۾ 3 تڪ ، 5 تپا ۽ 11 ديهون هونديون. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي ضلعن جا خاص نالا آهن، جهڙوڪ ڏکڻ، اوڀر، اولهه ، سينٽرل وغيره آئون چاهيان ٿو ته انهن ضلعن جا مناسب نالا هجڻ گهرجن، مثال طور سينٽرل ضلعي جو  نالو ناظم آباد ۽ ضلعي ڏکڻ جو ڪراچي هجي. حيدر جوڻيجو لکيو ته سنڌ ڪابينا نوان ضلعا ٺاهڻ تي غور ڪيو جنهن بعد وڏي وزير سمورن ضلعن جو ڪاٿو لڳائي نوان ضلعا ٺاهڻ بابت تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. خليل انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سائيٽ، بلديا، هاربر ۽ ماڙيپور سب ڊويزن تي ٻڌل ڪياماڙي ضلعو جوڙيو ويو جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ويسٽ سنڌ ۾ آبادي جي لحاظ کان سڀني ضلعن کان وڏو هو، آبادي 39 لک 14 هزار 757 آهي. منظور آزاد سومرو لکيو ته ڪراچي ۾ نئون ضلعو ڪياماڙي قائم ڪرڻ جي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ مخالفت ڪئي آهي، ڪراچي جي مسئلن جو حل صرف ميٽروپوليٽن سٽي آهي.قاضي آصف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪياماڙي ضلعلي جي منظوري سان ايم ڪيو ايم کي وڏي تڪليف پهتي آهي اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر نصرت سحر عباسي کي ايڏو رنج ڇو پهتو آهي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. عارف علي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي لکيو ته ڪياماڙي ۾ رڳو پٺاڻ رهن ٿا اوهان کي ڇا جي خوشي آهي؟ جبار آزاد منگي به لکيو ته ڪنهن دوست چيو آهي ته ڪياماڙي ضلعو ٺهڻ سان پٺاڻن کي فائدو ٿيندو ڇا واقعي ايئن آهي؟ علي لاشاري لکيو ته نصرت سحر ان ڪري مخالفت ڪري رهي آهي جيئن کيس ڪوريج ملي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته خيرپور، ٿرپارڪر، قمبر شهدادڪوٽ وڏن ضلعن کي ٽوڙي وڌيڪ ضلعا ٺاهي. ثناءُالله مگسي لکيو ته وڌيڪ ضلعا ٺهڻ صوبي کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش آهي. ڀائي خان بجير لکيو ته اسان وٽ اها پراڻي روايت آهي ته جڏهن ضلعا ٽوڙيا ويندا آهن ته ان جي مخالفت ڪئي ويندي جيئن اڳ ۾ ان وقت جي مخالف ڌر مخالفت ڪئي هئي بعد ۾ اهي ساڳيا خوش آهن.ستار زنگيجو لکيو ته ايم ڪيو ايم لنڊن، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ايس پي سڀ سنڌ حڪومت خلاف هڪ پيج تي اچي ويا آهن، الاهي بخش بڪڪ لکيو ته اسان ڪراچي وارا شروع کان وٺي اهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ ضلعو ٺاهيو آهي، سيوهڻ، ميهڙ، ٽنڊوآدم، گمبٽ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن، ڪراچي اوڀر، اولهه، سينٽرل، سائوٿ ضلعن جا نالا تبديل ڪري منگهوپير، مورڙو، ڪلاچي، سسئي يا مارئي نالا رکيا وڃن، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مير محبوب ٽالپر، عبدالقيوم جمالي، منظور سولنگي، نور احمد ڪلهوڙو، معصوم بخاري ۽ ٻين ته بلڪل ضلعن سان ان قسم جا نالا رکڻ گهرجن. سڪندر صنم جهنڊيل لکيو ته ميهڙ، سيوهڻ، گمبٽ، ٽنڊوآدم کي ضلعو ٿيڻ گهرجي، ڪبير خان لکيو ته ميهڙ واپاري مرڪز آهي، ڪچي کان ڪاڇي تائين جا ماڻهو ميهڙ اچن ٿا پر شهر ۾ گندگي آهي، فياض ٻٽ شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، علي گل ميتلو لکيو ته گمبٽ جون سرحدون وڃي لاڙڪاڻي سان ملن ٿيون، گمبٽ کي ضلعي جو درجو ملڻ گهرجي. قاسم راڄپر پڻ ضلعن بابت پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي راجڪمار لکيو ته ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 ٽائون ٺهڻ گهرجن، مرتضيٰ ناز لکيو ته ڪراچي جي ضلعن جا نالا شرقي، غربي، توڙي مڇر ڪالوني، شيطان چوڪ جهڙا نالا ختم ڪري ڪلاچي، سنڌو ساگر، پورب، مورڙي جي ماڳ جهڙا نالا رکيا وڃن، علي حيدر قاضي لکيو ته خيرپور شايد ٻه ضلعا نه ٿي سگهي ڇو ته خيرپور رياست الحاق وقت ڪو اهڙو معاهدو ڪيو هو، حبيب الرحمان شر لکيو ته فيض گنج، نارو تعلقن کي ٺري ميرواهه ۾ شامل ڪري سيٺارجا کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي، غلام مرتضيٰ ڏهوٽ لکيو ته خيرپور، گمبٽ ۽ ٺري ميرواهه ضلعا ٺاهيا وڃن، نذير احمد بلوچ لکيو ته گڏاپ کي ضلعي جو درجو ملڻ گهرجي. باسط علي ٻگهيو لکيو ته ڪراچي ۾ منگهوپير اينڊ گلزار هجري سب ڊويزن تي 15 لک آبادي جو ضلعو ٺهي سگهي ٿو، ويسٽ ۽ ايسٽ ۾ اهي سب ڊويزن آهن، سنڌي بلوچن جي آبادي اڌ کان وڌيڪ ٿئي ٿي، انهي ۾ سياسي طور سنڌي مضبوط ٿيندا. سڪندر تنيو حافظ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچيءَ ۾ رڳو هڪ ضلعو نہ پر وڌيڪَ ضلعا ۽ ميونسپل ڪاميٽيون بڻايون وڃن.سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ رڳو ھڪ ضلعو ڪياماڙي بنائڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪَ آبادي تي ٻڌل آهي، تہ ايم ڪيوايم،تحريڪ انصاف گھل گھوڙا ڪري رهيون آهن، جڏھن تہ سندن گھر ھوندي آھي تہ سنڌ ۾ وڌيڪَ انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن،ھي ضلعا بڻائڻ انتظامي يونٽ ئي تہ ھوندا آھن تہ جيئن ماڻھن کي گھر جي ويجھو سھولتون ملي سگھن،پر اڃان وڌيڪَ ماڻھن کي سھولتون ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ جي هڪ ميٽروپوليٽن آھي، جيڪا پوري ڪراچي ھڪ ميئر جي ڪنٽرول ۾ ھئڻ سبب مسئلا حل نٿا ٿي سگهن،انڪري ڪراچيءَ جي ھر ھڪ ضلعي ۾ خود مختيار ميونسپل ڪارپوريشنون ھجڻ گھرجن، جن کي ھڪ جيترا فنڊ ملڻ گھرجن، تڏھن ئي ڪراچيءَ جو انتظام بھتر ھلي سگھندو، ڪراچي جي مالڪيت جي ڪوڙي دعوا ڪندڙ ڪرمنل مافيا جن ۾ ھاڻي تحريڪ انصاف پڻ ڀائيوار بڻيل آھي سي ڌريون ڪراچيءَ ۾ ضلعو وڌائڻ تہ نٿا ڏين، باقي سنڌ جي ورهاست سندن مکيو مطالبو ۽ مقصد رھيو آھي، لنڊن جي آبادي ڪراچيءَ کان گھٽ آھي پر اتي ضلعا ڪراچيءَ کان وڌيڪَ آھن انڪري ميونسپل سروسز ۽ انتظامي مسئلا اتي کڙا نٿا ٿين، انڪري ڪراچيءَ سان سڄڻائپ ان ۾ آھي تہ کيس ڏھن ضلعن ۽ ڏھن ميونسپلز ۾ تقسيم ڪيو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *