تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اشو آف دي ڊي … سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪرپشن اسڪينڊل: سوشل ميڊيا تي ردعمل

سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به ان حوالي سان بحث شروع ٿي ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪرپشن بابت رپورٽس موجب اينٽي ڪرپشن سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت سوڌو 68 ڄڻن خلاف فنڊز ۾ گهوٻين جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ڄامشورو ۾ سرڪل آفيسر جي فرياد تي يونيورسٽي جي فنڊز ۾ 70ڪروڙ رُپين جي گهوٻين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سنڌ يونيورسٽي ۾ ڇاپو هڻي ڪرپشن جي الزام ۾ اسسٽنٽ پروفيسر اصغر هڪڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وي سي فتح محمد برفت اختيارين جو ناجائز استعمال ڪري فنڊز ۾ گهوٻيون هنيون، اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ به ڇاپا هنيا ويا. ان معاملي تي سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن پاران پوسٽون شيئر ڪيون ويون. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاگرد پڙهڻ چاهن ٿا پر يونيورسٽين کي ڪرپشن جي ور چاڙهيو ويو آهي. ظهير ميراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وقت بدلجندي گهڻي دير نٿي لڳي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت 19 جنوري 2017ع تي هي عهدو سنڀاليو پر ٺيڪ 3 سالن کانپوءِ اڄ نه فقط سندس عهدو سلامت ناهي پر کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اينٽي ڪرپشن پوليس به ڳولي رهي آهي، جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي. ٻڌون ٿا ته هو ضمانت ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين پهچڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي پويان پوليس سندس 3 اهم ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ لڳ ڀڳ 67 گهربل آفيسرن جي ڳولا جاري آهي، عهدو سنڀالڻ وقت هن پاڻ به اهو نه سوچيو هوندو ته ڪو وائيس چانسلر به جيل وڃي سگهي ٿو پر وقت اڄ کيس ان گهڙيءَ تي آڻي بيهاريو آهي، ڪڏهن ڪڏهن عهدو ماڻهوءَ کي ائين به ڳچيءَ ۾ پوندو آهي، حضرت علي سائين جن فرمايو ته، ”ڪنهن به انسان جي سڃاڻپ ان جي عهدي تي اچڻ کانپوءِ ئي ٿيندي آهي“، سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جو ايترو ته ڊگهو پروفائيل رکيل آهي جو ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب لکڻو پوندو. جيڪڏهن اهڙا پڙهيل لکيل ماڻهو به خاص طور تي يونيورسٽين جا وائيس چانسلر ائين ڪندا ته پوءِ ڌاريا اسان مٿان ڇو نه آڱريون کڻندا؟ سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ اندر مادرِ علميءَ جو درجو مليل آهي پر ورهين کان وٺي اسان وٽ اخبارن ۾ جيڪي خبرون پهچن ٿيون ته ان مان اسان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته هيءَ هڪ ”فيملي“ يونيورسٽي آهي، جنهن جو ماس ملي سڀ کائي ويا آهن، هڪ دفعي اسان جي آفيس ۾ 2 ٻارن جي هڪ مفلس ماءُ ۽ يونيورسٽي جي ستايل ملازمه دانهن کڻي آئي هئي، جنهن ايترو چيو ته ”خدا نه ڪنهن جو هن يونيورسٽيءَ ۾ پير وجهي.“ اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ديدار بلوچ لکيو ته هڪ ڏينهن جو حساب ضرور ٿيندو، گلشير لوچي لکيو ته زرعي يونيورسٽي واري اداري کي هڪ ارب جي خساري ۾ وجهي ويو هو، امر سنڌو گلشير کي جواب ڏيندي لکيو ته اتان جي اسٽاف يا ملازمن ايتري ويڙهه ڪئي هئي جيتري سنڌ يونيورسٽي جي استادن پنهنجي يونيورسٽي کي بچائڻ لاءِ ڪئي، هالار ياسين لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو مسلسل استحصال ڪيو ويو، استاد به ان تي خاموش رهيا، نه هاسٽل جون سهولتون مليون نه ئي شاگردن کي لاڪ ڊائون دوران ڪو رليف مليو. نادر مغيري لکيو ته وقت وڏو بيرحم آهي، ماڻڪ ايس ڪنگراڻي لکيو ته ڊاڪٽر فتح برفت سان منهنجون به ملاقاتون آهن، مونکي سدائين اهڙو لڳو آهي جيڪو ڪردار سندس سامهون اچي چڪو آهي پر اسان جي ڪجهه سنگت جنهن سان منهنجي روح جو تعلق رهيو آهي سا برفت صاحب جي صلاحيتن ۽ ايمانداري جا ڳڻ ڳائيندي ڪو نه ٿڪبي آهي. وحيد چانڊيو، انعام الله شيخ، منظور ڪلهوڙو، اختيار علي گهمرو، واحد جسڪاڻي ۽ ٻين پڻ پوسٽ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ نامياري راڳي بيدل مسرور کي پڻ ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ يونيورسٽي جي ڪرپشن ڪيس ۾ بيدل مسرور کي به نامزد ڪيو ويو آهي، امر منصور ٻگهيو اهڙي خبر شيئر ڪئي جنهن تي انيل حب علي لکيو ته مون رپورٽ پڙهي آهي بيدل مسرور جو نالو ان ڪري آيو آهي جو هو ڪنهن ڪاميٽي جو ميمبر هو، ڪاميٽي جو سربراهه پاڻ وي سي هو، ايڊووڪيٽ مصطفيٰ شيخ لکيو ته بيدل مسرور جو رڳو نالو هوندو، سندس هٿ رڱيل نه هوندا، دلبر حسين ڏهوٽ لکيو ته مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان، قول ۽ فعل ۾ وڏو فرق آهي سڀ جو سڀ اديب آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيا آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *