تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اشو آف دي ڊي … ريپ ڪيسن لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪريو

سوشل ميڊيا تي هزارين ماڻهن ريپ ڪيس جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏيو، ٽوئيٽر تي ريفرنڊم فار پبلڪ هينگنگ هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ سوال پڻ شيئر ڪيو ويو ته ڇا ريپ ڪيس جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ گهرجي، اهڙي پول ۾ 3 ڪلاڪن اندر 1632 ماڻهن حصو ورتو جنهن ۾ 96 سيڪڙو ماڻهن چيو ته ريپ ڪيس جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي جڏهن ته 4 سيڪڙو ماڻهن اهڙي ڳالهه جي مخالفت ڪئي.ان کانسواءِ ريپ ڪيسن لاءِ خصوصي عدالتون پڻ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن اسپيشل ڪورٽس فار ريپ پريوينشن هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن۾12 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪيا ويا. جسٽس فار ريپ وڪٽم، موٽروي انسيڊنٽ هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايا ويا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *